نئون

پلاسٽڪ کائڻ وارو انزائم دريافت

آمريڪي ماهرن پاران اتفاقي طور تي اهڙو انزائم دريافت ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ بيڪٽريا ۾ رهندو آهي ۽ آهستي آهستي پلاسٽڪ کي کائيندو رهندو آهي. هي انزائم پولي ايٿنائيل ٽير فٿيليٽ پلاسٽڪ کي کائي سگهي ٿو. هي اهو پلاسٽڪ آهي جنهن مان پاڻي ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جون بوتلون ڀريون وينديون آهن. هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ماهر جان مڪ گيهان چيو ته سائنس جي تاريخ اهڙن حادثاتي دريافتن سان ڀريل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته PAT قسم جي پلاسٽڪ هڪ ماحول دشمن پلاسٽڪ آهي، جيڪا وڏي عرصي تائين ختم ٿي نه سگهندي آهي ۽ هاڻي ان قسم جي پلاسٽڪ کي ختم ڪرڻ جو هڪ ماحول دوست طريقو ملي ويو آهي. هن وقت پلاسٽڪ جي آلودگي سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهي آهي ۽ اها پلاسٽڪ سڄي دنيا ۾ جانورن لاءِ جاني نقصان جو سبب بڻجي رهي آهي. دنيا اندر هر منٽ ۾ PAT پلاسٽڪ جون ڏهه بوتلون اڇلايون وينديون آهن. پي اي ٽي کي پاڻ مرادو ختم ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو وڃي ته ان کي ختم ٿيڻ ۾ 400 سال لڳي ويندا. هر سال دنيا جي سمنڊن ۾ 80 لک ٽن پلاسٽڪ اڇلائي وڃي ٿي. جڏهن ته هنن بوتلن جو صرف 7 سيڪڙو ئي ريسائيڪل ڪيو ويندو آهي. ان صورت ۾ هن قسم جي انزائم تي تحقيق ڪرڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ان مان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.