علي ظفر پاران ميشا شفيع کي 10 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس
علي ظفر پاران جنسي هراسگي جي الزام جي جواب ۾ ميشا شفيع کي 10 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جو قانونوني نوٽيس موڪليو ويو. علي ظفر نوٽيس ۾ چيو آهي ته ميشا شفيع ٽوئيٽر ذريعي سوشل ميڊيا تي ڪوڙو الزام هنيو آهي. پنهنجي هن عمل تي هوءَ معافي وٺي، ٻي صورت ۾ هن تي 10 ڪروڙ جي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرائيندس. واضح رهي ته ميشا شفيع پاران علي ظفر تي ٽوئيٽر ذريعي الزام هنيو ويو هو ته ڳائڻي علي ظفر کيس هڪ کان وڌيڪ دفعا جنسي طور هراسان ڪيو هو. جنهن کانپوءِ علي ظفر سڄا الزام رد ڪيا هئا ۽ هن ميشا خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو.

