منافقي جي حوالي سان ڪو اسان وارو سماج اڪيلو ڪونهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا سماج هئا جن ۾ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڪا ڇوڪري وڻي ويندي هئي ۽ هو ان کي منع ڪندي هئي ته اهو همراهه ان ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي ڪري سندس پيءُ کي چاندي جا ٽيهه ٽڪرا ڏئي پاڻ سان وٺي ويندو هو ۽ پو ان ڇوڪري جا کٽن ڀاڳ ان جو پيءُ يا ڀائرن سان ڪوبه واسطو ڪونه رهندو هو. اهڙا سماج به هئا جن ۾ عبادتگاهن اندر عورتن کي ڳالهائڻ جي اجازت به ڪونه هوندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪا عورت اهڙين ريتن رسمن کان بغاوت ڪرڻ جو سوچيندي هئي ته ان کي ڏائڻ سڏي جيئري ساڙيو ويندو هو. سچ اهو آهي ته انساني تاريخ جي هر دور ۾ عورت مرد جي ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيندي رهي آهي، پر انهن سماجن گهڻو اڳ پنهنجي منافقي کي سڃاڻي ورتو ۽ اهو ڄاڻي ورتو ته مهذب دنيا ۾ رهڻ لا انهن سڀني اجاين ريتن رسمن مان جان ڇڏائڻي پوندي ۽ انهن جان ڇڏائي به ورتي. اڄ اهي ئي سماج هر قسم جي ترقي ڪري رهيا آهن، پر هڪڙو اسان جو ئي سماج آهي جنهن کي سماجي قدر ۽ اجائي اخلاقيات ترقي ڪرڻ جي اجازت ئي نٿا ڏين. ڪنهن جوان ڇوڪري جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائي ان سان ڏاڍائي ڪري پو کيس چڪلي تي وڪڻڻ جي ته هي منافق سماج اجازت ڏئي ٿو، پر ڪنهن ڇوڪري جي آزادي سان زندگي گذارڻ جي ڪري هن منافق سماج جي اخلاقي قدرن کي وڏو ڇيهو رسي ٿو. هن منافق سماج جي نشاندهي ننڍي کنڊ جي عظيم ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو واهه جي ڪئي آهي، هن هڪ هنڌ لکيو آهي: ”سڀني کي پنهنجا هنڌ گرم ڪرڻ لا عورت گهرجي، پر ڪوبه ڌي پيدا ڪرڻ نٿو گهري.“