امداد الله وڏيرو چڱن جريبن جي ٻنيءَ جو مالڪ هو، پر سندس حوَس پوري نه ٿيندي هئس، منجھس صبر ۽ قناعت بلڪل نه هئي، هميشه پنهنجي ٻنيءَ جي ٽڪر ۽ پئسن کي وڌائڻ جا منصوبا پيو ٺاهيندو هو، جيڪي وٽس هو انهيءَ تي صبر ۽ شڪر جي بدران پيو چوويهه ڪلاڪ گھاٽ گھڙيندو هو. ڪنجوس به اهڙو هو جو الله جي پناھ، “ڍئو ۾ ته ڄڻ ڪکيون ٿي ڦاٽس” ته به ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي اجايون سجايون تڪليفون ڏسي ۽ گهر ڀاتين کي به ڏيکاري پيو اها لئه ڪندو هو ته، “آئون محنتي ۽ بچت وارو آهيان منهنجي بخت ڀيڙو کاڌو آهي، جيڏانهن ٿو منهن ڪريان، پئسو ئي پئسو آهي.” سندس انهيءَ غرور ۽ گھڻي هلاڪيءَ تي رئيسياڻي پئي ڪنجھندي ۽ ڪرڪندي هئي. هن جو هڪڙو ئي پٽ جانو (جان محمد) پڻ پنهنجي پيءُ مان بيزار هوندو هو. جانو هاڻي جوان هو سندس سنگتي ساٿي کيس آڀاريندا هئا ته “پيءُ کان گاڏي کڻي اچ ته گھمڻ ڦرڻ هلون يا ڪي پئسا هڙ ۾ رک”، پر جي اهي پئسا رئيس امداد مان نڪرن نه!! جانو پريشان رهندو هو، سندس سنگتين گھڻي ئي هنبوڇيون هنيون، ٺڳيو، چوريو، پر اڳيان به امداد الله هو، پٽ کي پئسن لاءِ بيهڻ ڪونه ڏنائين ته جيئن سندس خزاني ۾ ڪا ڪمي نه اچي. اهڙيءَ ريت پيءُ ۽ پٽ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. شروع ۾ جانو پڙهائيءَ ۾ پڻ سٺو ۽ چئي دار پڻ هو، پوءِ سندس پيءُ جي رَوِش هُن جي ذهن تي ناڪاري اثر ڇڏڻ شروع ڪيا ۽ کيس آهستي آهستي انهيءَ نالي جي امير پيءُ کان نفرت ٿيڻ لڳي. جنهن جو سبب سندس سنگت پڻ هئي. گھر ۾ صحيح توجهه نه ملڻ سبب هو غلط دوستن ۾ ڦاسندو ويو. امداد وٽ جيڪا به ملڪيت هئي سا بي شڪ هُن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هئي، پر اولاد ئي ته اصل ملڪيت آهي، اهو سمجهڻ کان هُو قاصر هو. اڄ وٽس جھجھي زمين، ٽريڪٽر، اوطاقون، مال متاع هئا، پر پٽ نافرمان پئي ٿيندو ويو، شروع ۾ ته هُو ٿورو پئسو پاڇي رکندو هو ته آئيءَ ويل ڪم اچڻ لاءِ پئسو ضروري آهي، پر پوءِ جيئن ئي پئسو وڌندو ويو سندس رويي ۾ پئسي جي چُوس وڌي وڃي دنگ ڪيو. هاڻي ته هو ضروري خرچ ڪرڻ کان به لنوائيندو هو. هڪ ڏينهن فجر مهل اگھور ننڊ ۾ چادر تاڻي ستو پيو هو، جوڻس اچي جاڳايس.