ايڊيٽوريل عالمي اداري فچ جي موجوده حڪومت متعلق پيشنگوئي ۽ عوامي خدشا August 3, 2024 Zahida Abro عالمي اداري فچ موجوده سرڪار جي حقِ حڪمراني کي هڪ طرح سان ڄڻ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن انهيءَ چيو آهي ته موجوده سرڪار پنهنجي آئيني مدت 5 سال بدران 18 مهينا مس ڪڍي سگهندي. اها ڳالهه دلچسپ آهي ته ساڳئي اداري تقريبن 7 مهينن کانپوءِ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ اسانجي ريٽنگCCC مان وڌائيCCC+ ڪري ڇڏي آهي، پر ان اداري جي گذريل رپورٽ کي بجلي جي بلن جو بحران، جماعت اسلامي جو ڌرڻو ۽ سياسي عدم استحڪام هڪ طرح سان سچ ثابت ڪري رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن. فچ پنهنجي گذريل رپورٽ ۾ موجوده حڪومت جي مدي متعلق ڳالهه ڪندي ٻيون به ڳالهيون ڪيون آهن، جن ۾ اها ڳالهه به ٿيل آهي ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح گهٽ ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي توقع آهي ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ 1 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. گورنر اسٽيٽ بينڪ پنهنجي تازي اعلان ۾ وياج جي شرح 19.5 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. فچ پيشنگوئي ڪندي وڌيڪ اهو به چيو آهي ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف سان ملي سڀ ضروري معاشي اصلاحات ڪندي ۽ ان کانپوءِ حڪومت ختم ٿي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽ تي مشتمل حڪومت ايندي. اسان جي مالي ۽ اقتصادي صورتحال کي ڏسندي فچ اها پيشنگوئي ڪئي آهي. انهيءَ سان گڏ لازمي آهي ته ان اسان جي سماجي ۽ سياسي صورتحال به سامهون رکي آهي. مالي ۽ اقتصادي صورتحال بهتري جي طرف وڃي رهي آهي، ان کانپوءِ ته حڪومت کي مضبوط ٿيڻ کپي ۽ عوام جو مٿس ڀروسو به وڌڻ گهرجي، پر لڳي ٿو ته سماجي ۽ سياسي صورتحال شايد موجوده حڪومت جي قابوءَ ۾ نه رهي آهي. هيءَ حڪومت جيڪا 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي آهي. اڳ ۾ ئي تنقيد جي ور چڙهيل آهي، بجلي جي بلن جي وڌيل قيمت موجوده سرڪار کي حقيقتن ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. بجلي جي بحران جي ڪري سرڪار جماعت اسلامي جي وفاقي گادي واري هنڌ ڏنل ڌرڻي کي منهن ڏئي رهي آهي. سرڪار واقعي لڳي ٿو ته مسئلن جي گهيري ۾ آهي. موجوده حڪومت سخت مالي حالتن ۾ هيءَ بجيٽ پيش ڪئي آهي ۽ فچ جي پيشنگوئي مطابق مالي سال 24-2025 هيءَ حڪومت پنهنجي آخري بجيٽ پيش ڪندي. اسين جمهوريت جا حامي آهيون ۽ جمهوريت پسندن سان گڏ آهيون. اسين سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري. يعني کيس مليل پنج سال حڪومت جو اختيار قائم رهڻ گهرجي. 1990ع واري ڏهائي ۾ اسان چار حڪومتون ڏٺيون، ٻه محترمه بينظير ڀٽو جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ۽ ٻه ميان نواز شريف جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ۽ ان کانپوءِ پاڪستان وري هڪ طويل مارشل لا جو دور ڏٺو. ان ڪري اسين ان خيال جا آهيون ته موجوده سرڪار پنهنجا پنج سال پورا ڪري. اسين هتي وري فچ جي تازي رپورٽ جي ڳالهه ٿا ڪريون جنهن ۾ هن پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪئي آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انهيءَ سان پاڪستان جو عالمي مارڪيٽ ۾ اعتماد بحال ٿيندو. عالمي مالياتي ادارا قرض ڏيڻ ۾ پاڪستان تي اعتماد ڪندا. اها به موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي چئبي ته اها قرضن جي مقدار کي گهٽائي رهي آهي. اهڙي ڳالهه هڪ ٻئي عالمي مالياتي اداري پڻ ڪئي آهي ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ مطابق گذريل سال ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ زراعت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽجي 11.8 سيڪڙو تائين پهتي آهي. گذريل نگران سرڪار ۽ موجوده حڪومت کي اهو جس ڏئي سگهجي ٿو ته اهي زراعت جي ترقيءَ لاءِ آبادگار سان گڏ بيٺيون رهيون آهن. انهيءَ ڪري اسان جو ملڪ سارين کان وٺي کنڊ تائين ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيو آهي، جنهن جي اسان جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مطابق گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي 2.4 سيڪڙو رهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي. اسين سمجهون ٿا ته موجوده سرڪار کي جنهن جون مالي ۽ معاشي پاليسيون بهتر آهن ۽ انهيءَ کي تسلسل سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته معاشي مالي ۽ معاشرتي پاليسين جو تسلسل ڪنهن به ملڪ ۽ سماج لاءِ ضروري آهي. هڪ جمهوريت پسند جي ناتي ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ جاري معاشي پاليسين جي تسلسل کي ضروري سمجهندي اسين موجوده حڪومت لاءِ پنج سالا دور جي توقع ڪريون ٿا ۽ اها اميد ڪريون ٿا ته ان اداري جي پيشنگوئي کي اسان جي حڪومت غلط ثابت ڪندي پنهنجن خرچن کي گهٽائيندي ۽ ارڙهين ترميم کانپوءِ جن وزارتن جي وفاق کي ضرورت ناهي انهن جو بار پنهنجن ڪلهن تان لاهي ڇڏيندي ۽ پنهنجي مثبت پاليسين جي ڪري معاشيات جي پٽڙيءَ تان لٿل گاڏيءَ کي ڪاميابي سان واپس پنهنجي ٽريڪ تي چاڙهيندي. نوان تجربا ڪرڻ کان بهتر آهي ته موجوده حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري پنج سال پورا ڪرڻ گهرجن جيئن ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ٿي سگهي. Post Views: 328