بلاگنئون

اسرائیل جي سرعام دهشتگردي تي دنيا جا امن پسند ملڪ خاموش ڇو ؟

دنيا جي حالتن کي جنگ جي باھ ۾ وڪوڙڻ لاءِ اسرائيل لاڳيتو شرارتي ۽ وحشياڻو روپ ڌاريو اچي نيتن ياھو پنهنجي خونخوار رويي سان فلسطينين جو جھڙي طرح بمباري ڪري قتل ڪري رھيو آھي تنھن سان فلسطينين جي نسل ڪشي جو خطرو وڌي وڃڻ جون خبرون گردش ۾ رھڻ لڳيون آھن. ھنن حملن سان اسڪول، اسپتالون، ھوٽلون، مدرسا ۽ پناھ گاھون بمبار جھازن جي نشاني تي آھن. اسرائيلي دھشتگردي جي ڇڙواڳي ھاڻ ٻين ملڪن تائين وڌائي پوري دنيا کي جنگ جي ڪارن خوفناڪ ڪڪرن جي ور چاڙھي پنھنجا ۽ پنھنجي بزرگ آمريڪا جا مقصد حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.
اسرائيل جو ايران ۾ تازو ميزائل ٽارگيٽ/نشانو ڪري ھڪ مھمان اڳواڻ کي قتل ڪري ڇڏڻ نھايت شرم جوڳو، اسلامي توڙي انساني عالمي قانونن جي ابتڙ سخت خلاف ورزي سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو ڪنھن به ريت جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. جنھن جي شديد مذمت ٿيڻ گهرجي.
اسرائيل جيئن ته غزه ۾ ديده دليري سان بين الاقوامي اصولن جي لتاڙ ڪري رھيو آھي ۽ ڪنھن به ملڪ جي پاران ڪيل جنگ بندي جي اپيل کي ٿڏي ساڳي ريت فلسطين مٿان جنگي قھر بڻجي بمن، جديد ھٿيارن ۽ بمباري سان قتل عام ڪرڻ تي جنگ بندي لاءِ ڪوششن کي اھميت نٿو ڏئي، تنھن سندس حوصلن کي جھڙوڪر وڌائي ڇڏيو آھي. ايتري قدر اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ھاڻ گڏيل قومن جي معزز اداري، بين الاقوامي قانون انساني تنظيمن کي ڪابه حيثيت ڏيڻ پسندي نه ڪندي ساڳي طرح ھر روز فلسطيني عوام خاص ڪري معصوم ٻارڙن، بزرگن ۽ زخمين کي به بيدرديءَ سان ماريندو رھي ٿو. ھن بي رحماڻي جنگي جنونيت سبب اڄ ايران جي اندر ٽارگيٽ ميزائل حملي سان مھمان بڻجي آيل حماس جي عوامي اڳواڻ اسماعيل ھانيه کي سندس ڪمري ۾ نشانو بڻائي شھيد ڪري ڇڏيو.
ايران شھر اندر اسرائيل جو گائيڊيڊ ميزائل حملو ٻڌائي ٿو ته ايران ۾ تازو ٿيل صدارتي اليڪشن جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوار “مسعود پرشڪيان” بطور صدر اسلامي جمھوريه ايران لاءِ حلف برداري واري تقريب ۾ 80 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن جي موجودگي ۾ حلف برداري جي سرڪاري تقريب ٿي انهن معزز مھمانن ۾ حماس جو رھنما اسماعيل ھانيه به شريڪ ھو. خبرن موجب رات جو 2 وڳي ڌاري ھن سفارتي مھمان جي رھائشگاھ مٿان ميزائل حملو ڪري کيس پنهنجي گارڊ سميت شهيد ڪرڻ تي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ھن قسم جي اسرائيلي دشمني داداگير رويي ۽ وحشت گردي سبب دنيا جي قانون جي لتاڙ تي سخت حيرانگي ڪندي ان کي سٺو عمل نٿو سمجھيو وڃي، جنهن ڪري گھڻن ملڪن ۾ ڏک وچان تعزيت جو سلسلو جاري آھي. خود فلسطيني عوام سان گڏ حماس ھن حملي تي گهري ڏک ۾ ڏسجن ٿا.
حماس سربراھ مجاھد صفت انسان “اسماعيل ھانيه” جي دردناڪ شھادت تي ايران پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي. جڏھن ته روس، چين، ترڪي، قطر، پاڪستان ۽ افغانستان جي املڪن پنهنجي شروعاتي رد عمل تي سخت مذمت جا بيان جاري ڪيا آھن.
ڏسڻو اھو آھي ته “سعودي عرب” جو رد عمل ڪھڙو ٿو اچي، جيڪو اڃان تائين سواليا نشان بڻيل ڏسجي ٿو.
ايران جي شھر اندر ڏسڻو اھو به آھي ته اسرائيلي دھشتگردي توڙي فلسطينين مٿان جاري غضب ناڪ جنگ خلاف قراردادن، اپيلن ۽ مذمتن جا اسرائيل تي ڪھڙا اثر پيا آھن. اسرائيل کي حماس اڳواڻن توڙي دنيا جي ڪيترن تجزيا ڪندڙن پاران اھو چيو پيو وڃي ته آمريڪي حڪومت پاران اسرائيل جي پٺي ٺپڻ سبب سندس پوري طرح مدد ۽ امداد جاري رھڻ ڪري نيتن ياھو جھڙي سفاڪ سربراھ کي موقعو ڏنو پيو وڃي ته ھو جنگي مامرن ۾ جيڪو وڻيس اھو ڪري، آمريڪا سندس حمايت ڪندي پٺيان بيٺل رھندو.
اھڙو اظھار آمريڪا جي وزير طرفان پڻ ڪيو ويو آهي ته “ھو اسرائيل خلاف ڪنھن به قسم جي ڪارروائي تي نيتن ياھو جي سرڪار جو ڀرجھلو رھندو.”
ھن بيان کانپوءِ صورتحال صاف ٿي کلي عام پڌرو ٿي چڪي آهي ته دنيا ۾ امن جي بگاڙ ۾ آمريڪا جو ھٿ آھي. خاص ڪري فلسطين جي خونريزي سميت ايران خلاف ڀڙڪائڻ خاص ڪري ايران کي ھن جنگ ۾ شامل ڪري خونريزي ڪندي دنيا ۾ امن بجاءِ جنگ کي اوليت ڏيڻ ۾ آمريڪا سرڪار اسرائيلي ظلمن ۾ ٻانھن ٻيلي آھي. ھن قسم جي صورتحال ۾ دنيا کي بهرحال جنگ جي تباھ ڪارين کان محفوظ رکڻ سان گڏوگڏ امن جي ضرورت وڌيڪ سمجھي وڃي ٿي.