نئونناول

هائپرسومنيا (ناول: باب پندرهون)

ڪي ڏينھن سندس دل اداس رھي ھئي، ھو خاموش رھجي ويو ھو. ماريه سمجهي رھي ھئي ته، کيس بي اولاديءَ جو غم آھي، جيڪو کيس کائي رھيو آھي، پر کيس پنھنجي صحت جي پريشانيءَ سان پکين جو به الڪو ھو.
ھن ھڪ ڀيرو ٻيھر بي پناھه پيار جي بارش سان کيس سرشار ڪري، اوائلي محبت جي زندگيءَ جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھاڻي عبدالرحيم پنھنجي سست طبيعت ۽ ٿڌي مزاج جي ڪري ان جولان کي گهٽ محسوس ڪري پئي سگهيو، جھڙوڪر کيس يقين ٿي رھيو ھو ته، ھاڻي کيس اھا زندگي ٻيھر نه ملندي، جيڪا وٽس اوجاڳن جي موسم ۾ ھوندي ھئي.
پنھنجي زندگيءَ جي اوجاڳن کي ياد ڪندي کيس زندگيءَ جا ڪجهه غير معمولي حادثا ياد آيا جن کيس جهنجهوڙي رکيو ھو. ان جهنجهوڙ ۾ ھن ڪجهه ڏينھن گذاريا ھئا… ۽ پوءِ ھڪ خواب ڏٺائين ته: زندگيءَ جي اھڙن منظرن جي ڌنڌ مان کيس عارفه عريان نڪرندي نظر آئي آھي، حيراني مٿس ماڪ ڦڙن جيان وسي پئي آھي. ھن ڏٺو ته، ھو عارفه جي گهر آھي، سندس ڪمري جي کليل دريءَ مان سمنڊ کيس سڏي ڪجهه چئي رھيو آھي، پر ھو سمنڊ جي آواز کان بي نياز ٿي، اگهاڙي عورت کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ وڌي رھيو آھي… ان پل ھن منجهه ڪو بکايل بگهڙ لھي پيو آھي، ھن عارفه کي رتو رت ڪري ڇڏيو آھي. ھوءَ پير سنڀالي نه ٿي سگهي، ھڪ ڳھر ۾ آھي، ڪنھن ڪنھن پل لڳي پيو ته، ھوءَ نيم بيھوش آھي. عارفه مليل لطف ۽ اذيت جي وچ ۾ ڦٿڪي رھي آھي، پر ھن کي مٿس ڪو به رحم نه پيو اچي، کيس خبر آھي ته، اھو سڀ فطري آھي، ھر عورت جي نئين زندگي رت سان شروع ٿيندي آھي!
ٻي پل ھن ڏٺو ته، کليل دريءَ ۾ ھڪ پکي اچي ويٺو آھي ۽ جيئن ئي ان پکيءَ ٻوليو آھي ته، عارفه به ھڪ پکيءَ جو روپ ڌاري ان سان گڏ اڏامي ھلي وئي آھي، اھڙي اوچتي عمل تي ھو حيران رھجي ويو آھي ۽ ڪمري جي دريءَ مان بيٺي ھنن کي سمنڊ ڏانھن اڏامندي ڏسي رھيو آھي.
ھو سمنڊ جي مٿان اڏامندي گهڻو ڏور نڪري ويا آھن، ھن سندن تعاقب ڪرڻ چاھيو آھي ۽ انھن جي ڪڍ لڳي پيو آھي، مگر ھن وٽ اڏامڻ جي صلاحيت ناھي ۽ نه ئي وٽس ترڻ جو فن آھي، ھو سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳو آھي ته، موت جي خواب مان ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي ويو ھو.
وقت گذرڻ سان پيش آيل حادثا پنھنجو اثر گهٽائي ڇڏيندا آھن ۽ تمام شيون معمول تي اچڻ لڳنديون آھن، ماڻھوءَ تي ڪيڏو به ڏکيو وقت ھجي پر ھو حالتن کان مجبور ٿي، انھن جو عادي ٿي ويندو آھي.. وٽس جيئڻ جي حوس ھوندي آھي، تنھنڪري زندگيءَ جي ڪرڀ ڀريل لمحن کي به جِي ويندو آھي!
ھاڻي، عبدالرحيم پنھنجي خوابن جي سببن تي گهڻو نه ويچاريندو ھو ته، کيس ڪھڙو خواب ڇو آيو آھي!؟ ھن سمجهي ڇڏيو ھو ته، خواب ۽ موت ڪنھن به وقت اچي سگهن ٿا… ۽ ٻئي ماڻھوءَ کي نئين دنيا ڏانھن نيئي ويندا آھن، پر ھن خواب ڏسڻ کان پوءِ ھو سمنڊ کي پنھنجي زندگيءَ جي ڏک ۽ کاري پاڻيءَ کي فراق سان ڀيٽي رھيو ھو.
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان عبدالرحيم پنھنجي پس پرده المين جي ڪري اداس ھو، ائين ئي کيس اھا لاٿل پينٽنگ نظر نه ايندي به پريشان ڪري رھي ھئي.. ھو گذريل ھفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا اسٽور روم ۾ ويو ھو ۽ ان پينٽنگ کي ڏسي آيو ھو. ھيڪر ھن سوچيو ته، انھيءَ کي گهر مان ٻاھر اڇلائي ڇڏي، يا ڪنھن دوست ڏانھن تحفي طور موڪلي ڇڏي، پر ھن ھڪ شام جو پکين کي داڻي ڏيڻ کان اڳي ان کي ساڙي ڇڏيو ھو، پنھنجي اھڙي عمل سان کيس محسوس ٿيو ته، ھن پنھنجي پاڻ کي بچائي ورتو آھي، پر کيس اھو علم به جلد ٿي ويو ھو ته، ھو انھيءَ ڪئنواس جي قيد مان ڪڏھن به آزادي حاصل نه ڪري سگهندو!!
ماريه سندس اھڙي عمل تي پريشان ٿي وئي ھئي، ھاڻي کيس سندس صحت متعلق ڳنڀيرتا ٿي پئي ھئي، ھوءَ چاھي رھي ھئي ته، ڪنھن ڊاڪٽر ڏانھن معائني لاءِ وٺي وڃجي! پر اھڙي عمل جي خلاف ھن عبدالرحيم کي معصوميت مان چيو ھو ته: “گهر ۾ ويھي ويھي تنگ ٿي پيا آھيون، ڪنھن ماڳ ڏانھن گهمڻ ھلجي!؟”
عبدالرحيم سمجهي چڪو ھو ته، ھوءَ سندس مزاج جي بگاڙ کي پرکي وئي آھي ۽ ھن لاءِ فڪرمند ٿي رھي آھي، تڏھن ڪنھن تفريحي ماڳ ڏانھن نڪري ھلڻ جي ڳالھه ڪري رھي آھي!
“نوان منظر ۽ نوان ماڻھو ڏسڻ سان ماڻھو وندرجي ويندو آھي؟” عبدالرحيم کانئس سوال پڇيو.
ھوءَ سندس اھڙي غير متوقع سوال تي ھيسجي، خاموش ٿي وئي ھئي.. ۽ کيس وراڻيو ھئائين: “جيڪڏھن ماڻھو پنھنجي مزاج کي مٽائڻ چاھي ته، ماڻھو پنھنجي اداسي، اڪيلائي، ويڳاڻپ ۽ اھڙيون گهڻين ڪيفيتن کي پنھنجي پاڻ مان گهٽائي سگهي ٿو!”
“ھا ٺيڪ آھي، سياحت جو فيصلو ڪنداسين!” ھن کيس وراڻيو.
“رحيم! مان ھتي ئي آھيان گهر، تون پنھنجي دوستن ڏانھن نڪري وڃ.” ھڪ پل کانپوءِ وري کيس چيائين: “…پر جيڪڏھن اڪيلو ويندي ته، سياحت وڌيڪ دلچسپ ٿي ويندئي!”
ھو خاموشيءَ سان ڏانھس ڏسي رھيو ھو ۽ ماريه جي اھڙي پيار تي سندس اندر ڀرجي آيو ھو، ھن اڃا پنھنجي اندر جي موسم تي غور ڪرڻ شروع به نه ڪيو ھو ته، ماريه کيس چيو: “پنھنجي جوانيءَ جا ڏينھن ياد ڪر!”
ان ڏينھن جي ڳالھه ٻولھه کانپوءِ عبدالرحيمَ ڀرپور ڪوشش ڪري، پنھنجي مزاج کي خوشگوار رکڻ چاھيو ھو، ھو پنھنجي گهر جي ننڍڙي باغيچي لاءِ ڪيترائي نوان گل، ٻوٽا ۽ وليون وٺي آيو ھو، جن کي ڊرائيور جي مدد سان پوکڻ ۽ پاڻي ڏيڻ ۾ پنھنجو اڪثر وقت گذاريندو ھو… انھن ڏينھن ۾ ھو پنھنجي اندر جي اڪيلائيءَ تي بيحد غور ڪندو رھيو ھو ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن بي ساخته ڊرائيور کي چيو ھئائين: “ھر انسان آخر ۾ اڪيلائي ڀوڳي مري ويندو!” کيس علم ھو ته، ڊرائيور سندس اڪيلائيءَ کي سمجهي چڪو آھي! ھاڻي ھو به ساڻس پنھنجي زندگي جا حادثا، تجربا ۽ يادگيريون ونڊڻ لڳو ھو.. ۽ پوءِ ڪڏھن ڪڏھن عبدالرحيم پنھنجي زندگيءَ مان نڪري ڊرائيور جي ٻڌايل ڪھاڻين ۾ جيئڻ لڳندو ھو.
ائين سندس منجهيل ۽ ھيڪل زندگيءَ جا چار ھفتا گذري ويا ھئا. موسم گرم ٿي وئي ھئي، اھو آچر جو صبح ھو، ھو پنھنجي باغيچي ۾ ڊرائيور سان گڏ ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رھيو ھو ته، منيزه پنھنجي ڌيءَ سان گڏ ماريه سان ملڻ آئي ھئي… پر ھن پاڻ کي باغيچي تائين محدود رکيو ھو.
ان گهڙيءَ ڊرائيور کيس پنھنجي ننڍپڻ جي شڪار جي ھڪ ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳو ھو، ھن کيس ٻڌايو ته: “ھڪ ڀيري ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي جهرڪيون ڦاسايون ھئائين، ھڪ وڏي تغاريءَ کي ڪاٺيءَ جي ٽيڪ سان اڀو ڪري بيھاريو ھئائين ۽ ان ڪاٺيءَ ۾ سوتلي ٻڌي، پاڻ پري لڪي ويھي رھيو ھو… ھن ان جي ھيٺان اناج جا داڻا رکيا ھئا، پکي جيئن ئي اھي چڳڻ ايندا ھئا ته، ھو ھٿ ۾ پڪڙيل سوتليءَ کي ڇڪ ڏيندو ھو، جنھن سان ڪاٺي ڇڪجي ايندي ھئي ۽ تغاري ھڪدم وڃي پٽ تي ڪرندي ھئي، ان گهڙيءَ جيڪي به جهرڪيون تغاريءَ ھيٺ ھونديون ھيون، سي قيد ٿي وينديون ھيون.”
“پوءِ اھي جهرڪيون ڪاڏي ڪندو ھئين!؟” عبدالرحيم کانئس پڇيو ھو.
“انھن کي باھه تي پچائيندا ھئاسين!” ڊرائيور کيس چيو، “اسان ٻار پاڻ ۾ گڏ ھوندا ھئاسين.”
ھو ھڪ گھڙي سوچ ۽ چھري جي عجيب تاثرن سان پنھنجي ڊرائيور ڏانھن ڏسي رھيو ھو. “ھڪ ڊگهي سيخ ۾ سڀئي جهرڪيون ٽنبي، کين باھه تي پچائيندا ھئاسين!”
ڊرائيور سندس مزاج، پکين سان محبت ۽ چھري جي تاثرن کي سمجهي چڪو ھو، سو ترت ئي کيس چيائين: “پر ھاڻي مون کي ٻاروتڻ جي اھڙين حرڪتن تي افسوس آھي!”
پکين جي شڪار تي پنھنجي ڊرائيور جي افسوس ڪرڻ تي کيس پڻ پنھنجي ماضيءَ جا شڪار ياد آيا، ھن پاڻ تي پڻ ملامت ڪئي… انھيءَ ملامت جي احساس ھيٺ ھن پاڻ کي به ڏوھي محسوس ڪيو ھو، ان وقت ھن سوچيو: مون ڏوھه ڪيو آھي ته مون کي سزا به ملڻ گهرجي.
“ڪھڙي قسم جي سزا؟” ھن پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو. وٽس اھڙي سوال جو ڪو به مناسب جواب نه ھو… پوءِ ھن ڊرائيور کان پڇيو: “پکين جي شڪاريءَ کي ڪھڙي سزا اچڻ گهرجي!؟” ڊرائيور پنھنجي عقل جي محدود ھجڻ ڪارڻ خاموش رھجي ويو ھو ۽ عبدالرحيم جي سوال جو معقول جواب ڳولڻ لڳو ھو، ٿوري ئي دير ۾ کيس وراڻيائين: “ان کي ته قيد جي سزا اچڻ گهرجي!”
“نه… ان لاءِ اھڙي ڪنھن سزا جو انتظام ڪيو وڃي، جنھن ۾ پکي شڪاريءَ جو ماس پٽين، کيس ٺونگا ھڻي ھڻي زخمي ڪري ڇڏين!” عبدالرحيمَ کيس چيو.
ان پل ھو گلاب جي ٻوٽي جي گُڏَ ڪڍي رھيو ھو، جنھن ۾ ڇٻر ۽ ٻيو گاھه ڦٽي آيو ھو.
***