ايڊيٽوريل

عالمي مالياتي ماحول جا اسان جي ملڪ تي پوندڙ اثر

دنيا ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ڪاروباري ۽ مالياتي معاملن ۾ هيٺانهيون مٿانهيون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، انهن جا واضح سبب آهن، پر تازو آمريڪي اسٽاڪ ايڪسچينج وال اسٽريٽ ۾ ٿيل ڪاروبار ۾ ڪساد بازاري جا نشان نظر اچي رهيا آهن. وال اسٽريٽ ۾ جيڪڏهن ڪجهه به ٿيندو ته پوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽ به هيٺانهين مٿانهين جو شڪار ٿي وينديون آهن. گذريل هفتي وال اسٽريٽ جي سودن جي ڪمزور معاشي انگن اکرن جي ڪري آمريڪا جي واپار ۾ ڪساد بازاري جون نشانيون نظر اچي رهيون آهن ۽ مالياتي ماهرن دنيا جي مالياتي معاملن ۾ به انگن اکرن جي ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. آمريڪا ۾ مالياتي ٻاڙائي جا اسان جي ملڪ تي به اثر پوندا.
دنيا جي ۽ اسان جي ملڪ جي مالياتي منظر نامي تي نظر وجهجي ته گذريل پنجن سالن کان دنيا هڪ طرح سان گهڻن ئي قسمن جي بحرانن مان گذري آهي ۽ گذري رهي آهي. ڪووڊ-19 جي وبا جيئن ته سڄي دنيا کي سال ٻن لاءِ ڄڻ بيهاري ڇڏيو هو، تڏهن وري ايئن ٿيو جو روس يوڪرين تي جنگ مڙهي ڇڏي. روس ۽ يوڪرين جنگ ٻن ملڪن جي وچ ۾ جنگ آهي، ان کان انڪار ڪونهي، پر ٻئي ملڪ سڄي دنيا جي ڪاروهنوار لاءِ ضروري پئي رهيا آهن. روس تيل ۽ گئس جي وڏي پئماني تي پيداوار ۽ برآمد ڪندو آهي. يوڪرين جيئن ته سڄي دنيا لاءِ هڪ طرح ڄڻ اناج جو ڀانڊار آهي. سڄي دنيا جي ضرورت جي 33 سيڪڙو ڪڻڪ ۽ جَوَ يوڪرين پيدا ڪندو آهي. تيل ۽ گئس جي پيداوار سان گڏ اهو ملڪ روس جي تيل ۽ گئس کي عالمي مارڪيٽ ڏانهن رستو پڻ ڏيندو آهي. ڪووڊ-19 ۽ روس يوڪرين جنگ غريب ملڪن کي هڪ طرح سان ويهاري ڇڏيو آهي. اسان جو ملڪ به انهيءَ عالمي الميي جي ڪري مالي ۽ معاشي طرح زبون حالي جو شڪار ٿيو. مٿان وري شام ملڪ جي خانا جنگي ۽ غزه ۽ اسرائيل تنازعي دنيا کي سماجي طرح به منجهايو آهي ته مالياتي ۽ معاشرتي طرح به غريب ملڪن تي انهن سڀني واقعن جا اثر ٿيا آهن، پر گذريل هفتي آمريڪي ناڻي واري مارڪيٽ ۾ جيڪي هيٺيانهيون مٿانهيون ٿيون آهن انهن جو دنيا جي مالياتي ۽ معاشرتي مسئلن تي اثر ضرور ٿيندو. اهو چئون ته درست ٿيندو ته عالمي معيشت تي بي يقيني جا بادل ڇانيل آهن. ڇاڪاڻ جو آمريڪي معيشت لڳاتار گذريل ٻن ٽماهين ۾ يعني مارچ 2024 ۽ جون 2024 ۾ سوڙهي ٿي آهي. اهڙي عمل کي اقتصادي ڪساد بازاري ڏانهن سفر جي شروعات سمجهي سگهجي ٿو. رياست متحده آمريڪا ڇاڪاڻ جو دنيا جي سڀني کان وڏي مالياتي معيشت آهي اها شايد اتان نڪري به وڃي، پر ايشيا ۽ آفريقا کنڊ جا غريب ۽ ترقيده سفر ڪندڙ ملڪ انهيءَ مالياتي ٻاڙائيءَ جو اثر قبول ڪندا. ان حوالي سان خدشا موجود آهن ته ڇا آمريڪا جي معيشت ۾ ٻاڙائيءَ جا اثر پاڪستان ۾ به محسوس ڪيا ويندا. اسان جو ملڪ هونئن به مالياتي ۽ معاشي بهتري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبن ۾ موجود خزاني واريون وزارتون اسان جي مالي ۽ معاشي نظام جي مدد ڪنديون ۽ اسين اهڙي ڪنهن به معاشي ۽ مالي ٻاڙائيءَ کي منهن نه ڏينداسين. هاڻ تازو برطانيه ۾ حڪومت تبديل ٿي آهي. اڄڪلهه اتي نسلي فساد پيا هلن، پر اسين ان حڪومت جي تبديليءَ جي ڳالهه ڪنداسين ته ماڻهن نئين وزيراعظم کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ، روزگار جي واعدي ۽ نون گهرن جي تعمير ۽ ٻين مالياتي ۽ معاشي مسئلن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنا آهن.
اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سڄي دنيا ڪووڊ-19 کانپوءِ هيستائين جيڪي معاملا آهن انهن ۾ ڦاٿل آهي. اهڙو ڪو سال ڪونهي جڏهن ڪا نئين جنگ ۽ ڪو نئون مسئلو دنيا کي متاثر نه ڪندو هجي. اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته ڪجهه عالمي مالياتي ماهرن اهو ضرور چيو آهي ته آمريڪي معيشت جي ٻاڙائي ٻين ملڪن تائين پکڙجڻ جو خطرو فوري طور تي موجود ڪونهي. هتي اسين وري به پنهنجي وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي اهي به ياد ڏيارينداسين ته اسان جي ملڪ جا اهم مسئلا مالي ۽ معاشي آهن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هر وقت انهن تي توجهه ڏيڻي پوندي.