هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي سپريم ڪورٽ جو پاڻ مرادو نوٽيس
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران بلوچستان جي هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس چيو ته هزارا برادري وارن سان ملي آيو آهيان. اهي ڊنل آهن، ۽ خوف وچان درخواست لاءِ سپريم ڪورٽ به نه پيا اچن.هن اهو به چيو ته هزارا برادري جا قاتل کلي عام جلسا ڪري رهيا آهن. هزارا برادري جا نوجوان يونيورسٽين ۾ داخلا به نه پيا وٺي سگهن نه ئي اهي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هزارا ڪميونٽي جا ماڻهو پاڪستاني نه آهن. ان بعد چيف جسٽس هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري ڪيس جي متعلق سڀني قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان معلومات گهري ورتي آهي. هن کان اڳ ۾ ڪاله آرمي چيف جنرل باجوا به ڪوئٽا دوري تي ويو جتي هن هزارا ڪميونٽي جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ سيڪيورٽي جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ وزير داخلا احسن اقبال، وزير اعليٰ بلوچستان عبدالقدوس بزنجو، ڪمانڊر سدرن ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا ۽ ٻيا شريڪ هيا. آرمي چيف جي هزارا برادري جي وڏن سان ملاقات ڪري انهن کي انصاف جي خاطري ڪرائي وئي هئي جنهن بعد هنن ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. واضح رهي ته ڪوئٽا ۾ ڪجه ڏينهن کان هزارا برادري وارا صوبائي اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هڻي ويٺا هئا.ساڳئي وقت ڪوئيٽا ۾ هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف احتجاج ۾ شهر جا مختلف علائقا بند رهيا. جڏهن ته هزارا ڪميونٽي سان بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبائي وزير خارجا ۽ وفاقي وزير داخلا طرفان ملاقاتون به ڪيون ويون ۽ خاطري به ڪرائي وئي پر ان باوجود هزارا برادري پنهنجو ڌرڻو جاري رکيو. هنن جو چو ڻ هيو ته آرمي چيف پاڻ تحفظ جو يقين ڏياري ٻي صورت ۾ بک هڙتال ۽ ڌرڻو جاري رهندو.



