دنيا ۾ “Teachers Day” ڪڏهن ۽ ڪيئن ملهايو ويندو آهي
دنيا ۾ استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ “ٽيچرس ڊي” ملهايو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ اهو ڏينهن هر سال 5 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو ۽ استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي. شاگردن پاران کين گل، ڪتاب ۽ تحفا ڏنا وڃن ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اهو ڏهاڙو مختلف تاريخن ۽ مختلف طور طريقن ۽ اتان جي رهڻي ڪھڻي جي مناسبت سان ملهائي، استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي.
(ايشيا کنڊ)
پاڪستان: 5 آڪٽوبر
چين: 10 سيپٽمبر
جاپان: 15 مئي
ڀارت: 5 سيپٽمبر
ڏکڻ ڪوريا: 15 مئي
ٿائلينڊ: 16 جنوري
ويٽنام: 20 نومبر
انڊونيشيا: 25 نومبر
فلپائن: 5 آڪٽوبر
ملائيشيا: 16 مئي
سنگاپور: سيپٽمبر جو پهريون جمعو
سريلنڪا: 5 آڪٽوبر
قازقستان: 5 آڪٽوبر
ازبڪستان: 5 آڪٽوبر
جاپان ۾ اتان جي حڪومت اڪثر ڪري پنهنجن استادن کي مڃتا طور “ٽوموداچي” (عظيم انسان) جا لقب ۽ ايوارڊ ڏين ٿا. استادن لاءِ خاص تحفا تيار ڪيا ويندا آهن. هندستان ۾، شاگرد پنهنجن استادن لاءِ هڪ “پوڄا” (دعا جي تقريب) ڪندا آهن. ٿائلينڊ ۾، شاگرد روايتي “وائي ڪرو” (استادن کي ڀيٽا) ۽ مخصوص انداز ۾ ناچ ڪن ٿا. باقي اڪثر ايشيا جي ملڪن ۾ استادن کي ڀيٽا طور تحفا، گل، ڪتاب تحفي طور پيش ڪيا ويندا آهن. سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور تقريبون ملهايون وينديون آهن.
(يورپ کنڊ)
انگلينڊ: 5 آڪٽوبر
جرمني: 5 آڪٽوبر
فرانس: 5 آڪٽوبر
اٽلي: 5 آڪٽوبر
پولينڊ: 14 آڪٽوبر
چيڪ ريپبلڪ: 28 مارچ
سوئيڊن: 5 آڪٽوبر
ناروي: 5 آڪٽوبر
ڊينمارڪ: آڪٽوبر
اسپين: 5 آڪٽوبر
پرتگال: 5 آڪٽوبر
يونان: 5 آڪٽوبر
فرانس ۾ شاگرد هڪ خاص قسم جو تحفو استادن کي ڏين ٿا جنهن کيlehrer geschenk چون ٿا. اهو تحفو صرف استاد کي ئي ڏئي سگهجي ٿو. پولينڊ ۾ استادن جي ڏهاڙي تي هڪ خاص قسم جي پريڊ منعقد ڪئي وڃي ٿي ۽ استادن کي سلامي ڏني وڃي ٿي انھيءَ پريڊ کي “Dzień Nauczyciela” چون ٿا. باقي يورپ جي ملڪن ۾ ايشيائي ملڪن وانگر گل، تحفا، ڪتاب وغيره استادن کي تحفي طور پيش ڪيا وڃن ٿا.
(آفريڪا کنڊ)
آفريڪا جي ملڪن مصر، مراڪش، الجيريا، نائيجيريا، گهانا، سينيگال، ڪينيا، تنزانيه، ايٿوپيه، ڏکڻ آفريڪا، زامبيا، بوٽسوانه ۾ پڻ 5 آڪٽوبر تي ئي استادن جي ڏينهن جي طور ملهايو ويندو آهي.
گھانا ۾، شاگرد اڪثر ڪري پنھنجي استادن کي مقامي مواد مان ٺهيل تحفا ڏين ٿا جنهن کي “استاد جو تحفو” سڏيندا آھن. ڪينيا ۾ مخصوص انداز سان رقص پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اتان جا ماڻهو ان رقص کي “Teacher`s dance” چوندا آهن. ڏکڻ آفريڪا ۾ وري شاگرد پنهنجن استادن کي هٿ سان لکيل خط ڏيندا آهن. آفريڪا کنڊ ۾ پڻ استادن کي گل، ڪتاب ۽ تحفا پيش ڪيا ويندا آهن.
(آسٽريليا کنڊ)
آسٽريليا: آڪٽوبر مهيني جو آخري جمعو
نيوزيلينڊ: 29 آڪٽوبر
فجي: 5 آڪٽوبر
پپوا نيوگني: 5 آڪٽوبر
ساموا جزيرو: 5 آڪٽوبر
آسٽريليا ۾ شاگرد پنهنجن هٿن سان ٺهيل ڪارڊ ڏين ٿا. نيوزيلينڊ ۾ خاص تقريبون ۽ استادن کي ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا. فجي ملڪ ۾ وري هڪ خاص علاقائي ناچ “ميڪي” ۽ “سيبي” ڪيو وڃي ٿو، گيت ڳايا وڃن ٿا جن ۾ استادن کي ساراهيو ويندو آهي ۽ سندن وڏي ڄمار لاءِ دعائون ڪيون وڃن ٿيون. گل، ڪتاب ۽ تحفا ڏيڻ سندن روايتن ۾ شامل آهن.
(اتر آمريڪا)
بيلز: 5 آڪٽوبر
ڪوسٽاريڪا: 22 نومبر
ايل سلواڊور: 22 جون
گوئٽي مالا: 5 آڪٽوبر
هنڊوراس: 5 آڪٽوبر
نيڪاراگوا: 5 آڪٽوبر
پاناما: 1 نومبر
ڪينيڊا: 5 آڪٽوبر
ميڪسيڪو: 15 مئي


دنيا ۾ استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ “ٽيچرس ڊي” ملهايو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ اهو ڏينهن هر سال 5 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو ۽ استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي. شاگردن پاران کين گل، ڪتاب ۽ تحفا ڏنا وڃن ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اهو ڏهاڙو مختلف تاريخن ۽ مختلف طور طريقن ۽ اتان جي رهڻي ڪھڻي جي مناسبت سان ملهائي، استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي.