اسان جو ملڪ جيئن ته سياسي عدم استحڪام جي دور مان گذري رهيو آهي. جيڪڏهن ايئن ناهي تڏهن به ملڪ جو عوام ۽ دنيا جي اڳواڻن تائين اهو پيغام پهچايو پيو وڃي ته اسان جو سماج عدم استحڪام جي دور مان گذري رهيو آهي. ڪنهن به جمهوري ملڪ لاءِ سياسي عدم استحڪام ان جي جمهوري ادارن جي شڪست جو سبب بڻبو آهي.
سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي ۽ 7 آڪٽوبر تي فلسطينين جي حق ۾ يوم يڪجهتي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم ميان شهباز شريف 7 آڪٽوبر تي مقبوضه فلسطين جي علائقي غزه تي اسرائيلي حملن جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي ميزباني جو فيصلو ڪيو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ٻه اهڙا موقعا آهن جن ۾ ملڪ جي ٻين پارٽين سان گڏ ملڪ جون ٽي وڏيون پارٽيون پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم نواز ۽ جماعت اسلامي گڏ بيٺل نظر اينديون. اهي ٽئي پارٽيون جيئن ته ملڪ جون پراڻيون منظم جمهوري پارٽيون آهن انهيءَ ڪري اهي هڪٻئي سان گڏ سياسي سرگرميون ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون. ٻئي طرف ملڪ جي مقبول سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف اهڙي پارٽي آهي جيڪا پاڻ کي اڪيلو سياسي جماعت سمجهي ٿي ۽ ٻين سڀني سياسي پارٽين کي چور ۽ ڌاڙيل جا خطاب ڏئي ٿي. باني تحريڪ انصاف کان پڇجي ته پاڻ هن ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي ۽ سندس حڪومت جي دوران پنهنجي مخالفن کي جيلن ۾ وجهي پاڪستان ڪهڙي ترقي ڪئي هئي. جڏهن هن کي مختلف وقتن تي سياسي مذاڪرات دعوت ڏني وڃي ٿي ته هو چئي ٿو آئون ڳالهيون صرف عسڪري ادارن سان ڪندس، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته باني تحريڪ انصاف هڪ فاشسٽ پارٽيءَ جو ليڊر آهي، انهيءَ جي ڪري هو اڪيلو ئي ملڪ تي راڄ ڪرڻ چاهي ٿو. جمهوري نظام ۾ ائين نٿو ٿئي. جمهوريت گهڻين سياسي جماعتن تي مشتمل هڪ نظام جو نالو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان جي وچ ۾ ملاقات سٺو سنئوڻ آهي ته سياسي جماعتون گڏجي اسان جي ملڪ کي سياسي استحڪام ڏينديون. ملڪ جون مالي حالتون بهتر آهن ۽ عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن اسان جي موجوده حڪومت جي اقتصادي ۽ مالياتي نظام تي اعتبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي روشن خيال جمهوري پارٽي آهي جنهن جي جمهوريت لاءِ جدوجهد جي هڪ تاريخ آهي ۽ جماعت اسلامي ساڄي ڌر جي پارٽي آهي ۽ پنهنجي منشور لاءِ گهڻي وقت کان سياسي جدوجهد ڪندي رهي آهي. انهن ٻنهي پارٽين جو گڏ ٿيڻ اسان لاءِ ان ڪري ضروري آهي جو اسين سياسي جماعتن جي هڪٻئي سان ويجهڙائي کي جمهوري نظام جو بنياد سمجهون ٿا. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي رهنما ۽ موجوده وزيراعظم ميان شهباز شريف 7 آڪٽوبر تي فلسطين جي يڪجهتي لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن اسرائيلي ظلمن جو شڪار مسلمان ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو وڃي. انهيءَ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي جنهن ۾ وزير خارجا اسحاق ڊار، شيري رحمان، خواجه سعد رفيق ۽ نئير بخاري شامل آهن. ٻئي طرف چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو وزيراعظم جي انهيءَ فيصلي کي ساراهيو آهي، پر اسين هتي ڳالهه ڪندا هلون ته سرڪار ۽ حزب اختلاف جي پارٽين جو اهو فرض آهي ته اهي پاڻ ۾ گڏجي ويهن ته جيئن ملڪ ۾ ۽ ٻاهرين دنيا ۾ پاڪستان جي سياسي عدم استحڪام جو جيڪو عام تاثر آهي اهو ختم ٿي سگهي ۽ ملڪ پنهنجي رواجي انداز ۾ ترقيءَ جي راهه تي هلي سگهي.
ڪجهه سياسي پارٽيون پاڻ کي ملڪ جي 24 ڪروڙ ماڻهن جي مستقبل کان مٿي سمجهن ٿيون ۽ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري رهيون آهن ته اهي دراصل هن ملڪ جي غريب ماڻهن سان زيادتي ڪري رهيون آهن. ملڪ جو عام عوام انهن عوام دشمن سياسي ڌرين کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، جيڪڏهن انهن پنهنجي عوام دشمن سياسي پروگرام ۾ تبديلي نه ڪئي ۽ پاڪستان جي ماڻهن سان گڏ نه بيٺا ته پوءِ اهي سياسي ڌريون يقين رکن ته ملڪ جو عوام به انهن سان گڏ ڪونه بيهندو.