پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ سئو انڊيڪس جي نئين تاريخ لکي آهي ۽ ڪاروبار ۾ نئون مقام ٺاهيو آهي. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن شروع ۾ ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ اها تيزي گذريل هفتي جي ڪاروبار جيڪو 83 هزار 531 پوائنٽس تي بند ٿيو هو کان اڳتي نڪري 84 هزار جي سطح کي عبور ڪري ويو آهي.
گهڻن ئي مسئلن جي موجودگيءَ جي باوجود پاڪستان پنهنجي معيشت ۽ ماليات ۾ بهتري ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ جي صنعتڪارن، واپارين، زراعت سان لاڳاپيل هنرمندن جو اعتبار ملڪ جي معاشيات ۽ مالي حالتن تي يقين وارو ٿي ويو آهي. نتيجي ۾ ملڪ جي زراعت ۽ واپار جي اهم پئماني اسٽاڪ ايڪسچينج آف پاڪستان ۾ واپاري ۽ حصص جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. اهي نشانيون آهن جو ملڪ جي مختلف طبقن ملڪ جي مالياتي ڪار وهنوار تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ اهي انهيءَ ۾ گرم جوشيءَ سان حصو وٺي رهيا آهن. عالمي مالياتي ادارن به اسان سان ڪاروهنوار ڪرڻ کي بهتر سمجهيو آهي. آءِ ايم ايف اسان سان 7 ارب ڊالر جي امدادي پروگرام ۾ گڏ آهي ۽ ٻيا مالياتي ادارا جيئن عالمي بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ به اسان سان ڪاروبار ڪري رهيا آهن. موڊيز هڪ عالمي ريٽنگ ايجنسي آهي ۽ ان پاڪستان جي معيشت جي منظر نامي کي مثبت قرار ڏيندي انهن جي ريٽنگ هڪ درجو وڌيڪ بهتر ڪري ڇڏي آهي. موڊيز پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به چيو آهي ته اهڙو ملڪ جنهن کي ٻه سال اڳ ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو هو اهو ان خطري مان نڪري ويو آهي ۽ موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ Caa2 مان وڌائي Caa3 ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي متعلق موڊيز پنهنجي آئوٽ لڪ کي اسٽيبل مان وڌائي مان وڌائي پازيٽو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اسان جي معيشت ۽ ماليات، عالمي مالياتي ادارن جي نظر ۾ مثبت آهي. ٻئي طرف ملڪ ۾ موجود ڪجهه سياسي ڌريون چاهين ٿيون ته جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ ناهن ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ مالياتي عدم استحڪام موجود هجي، پر انهن کي يقين هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ مستحڪم ملڪ آهي جنهن جي ادارن جي پنهنجي تاريخ آهي پوءِ اهي مالياتي ادارا هجن يا آئيني ادارا هجن انهن جي مُني صديءَ کان مٿي جي جدوجهد آهي. انتهائي مشڪل حالتن ۾ به اسان جي ادارن پنهنجو پاڻ کي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ مستحڪم ثابت ڪيو آهي. انهيءَ ڪري اهڙيون سڀ قوتون جيڪي پاڪستان ۾ سياسي ۽ مالياتي عدم استحڪام چاهين ٿيون انهن کي مايوسي ٿيندي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ بهتري انهيءَ جي سڀني کان وڏي نشاني آهي. اسان جيڪا اها ڳالهه ڪئي آهي ته اسان جا ادارا ملڪ جي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي موجود آهن ۽ مستحڪم به آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو قيام 18 سيپٽمبر 1947ع تي ٿيو. ڪراچي جيئن ته اسان جي مالياتي شهه رڳ آهي، ان جي آءِ. آءِ چندريگر روڊ تي انهيءَ وقت اها آفيس کلي هئي. اڄ به 2024ع ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو صدر دفتر آءِ. آءِ چندريگر روڊ تي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هن وقت به دنيا جي ڏهن سڀ کان وڏين مالياتي مارڪيٽن مان هڪ آهي. ايئن پوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج جون آفيسون لاهور ۽ اسلام آباد تائين به پکڙيل آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ جون مالي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، جنهن جي نشاني اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ واڌ، موڊيز جهڙي اهم ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي به اسان جي مالي ۽ ڪاروباري شعبن تي اعتبار ظاهر ڪيو آهي.
آخر ۾ اها ڳالهه ڪندا هلون ته سمنڊ پار پاڪستانين کان ملندڙ ريميٽنسز آگسٽ 2024ع ۾ به رڪارڊ قائم ڪيو آهي. سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين انهيءَ مهيني ۾ 3 ارب ڊالر پاڪستان اماڻيا آهن جيڪي گذريل سال ساڳئي مهيني ۾ موڪليل رقم جي ڀيٽ ۾ 40.5 سيڪڙو وڌيڪ آهن. اهي سڀ نشانيون ملڪ جي مستحڪم معاشي حالتن کي ظاهر ڪن ٿيون. انهيءَ ڪري اسين سڀ پاڪستانين کي ملڪ جي مالي ۽ معاشي حالتن مان مطمئن رهڻ گهرجي.