بلاگنئون

سعودي عرب، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو باضابطا معاهدو ڪري ڇڏيو آهي

پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سعودي عرب هميشه پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻ جي خواهش تي اڄ باضابطا عمل ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب جي موجوده ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي خاص وفد سعودي وزير تجارت خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان پهچي ويو آهي. سعودي عرب جو وفد ارڙھن معاهدن تي صحيحون ڪندو، جهڙوڪ: معيشت، زراعت، مائننگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي به غور ڪيو ويندو. اهڙن معاهدن سان اسلامي دنيا ۾ امن ۽ امان ۽ خوشحالي کي تمام گھڻي هٿي ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي تعاون سان پاڪستان جو خليجي رياستن سوڌو هڪ مضبوط دوستاڻو رشتو جڙندو، سعودي عرب کان پاڪستان دوري تي آيل وفد جي اڳواڻي سعودي عرب جو سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ڪري رهيو آهي. سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي مطابق سعودي عرب اڃان به وڌيڪ شعبن ۾ پاڪستان سان معاهده ڪرڻ جي خواھش رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻه لاڳاپا رهيا آهن.

پاڪستان اهڙن لاڳاپن کي مستقبل اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو حامي آهي. اهڙي سهڪار سان ٻنهي برادر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ هٿي ملندي. خادم حرمين شريفين بادشاھ سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستاني عوام جي دلين ۾ عزت ۽ احترام آهي، پاڪستان هميشه سعودي عرب سان يڪجهتي ۽ دوستي کي ترجيح ڏني آهي، پاڪستان لاءِ سعودي عرب جي سرزمين مقدس مقام جي حيثيت رکي ٿي ۽ ان جو دفاع ۽ سالميت پاڪستان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. مڪي، مديني جي پاڪ مقدس سرزمين جي حفاظت امت مسلمه بشمول پاڪستان جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آل سعود جي اعليٰ قيادت ۽ برادر اسلامي ملڪن سان لاڳاپن جو هي معاهدو به هڪ ڪڙي آهي. 2030ع تائين سعودي عرب جي شاندار اقتصادي معاهدن جا بهترين نتيجا پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي صورت ۾ نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي جاري سهڪار سان ايشيا جي ملڪن ۾ ڪاروباري سرگرمين سان گڏوگڏ تعمير ۽ ترقي کي به هٿي ملندي. سعودي عرب هميشه پاڪستان جو معاشي معاون برادر ملڪ رهيو آهي، اهڙيءَ ريت جديد سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي مغربي دنيا جي ترقي يافتا ملڪن لاءِ رول ماڊل سان گڏوگڏ رجعت پسند سوچ رکندڙ عربن جو خاتمو پڻ آهي. سعودي عرب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت ۽ قدرتي وسيلن ۽ ٻيهر استعمال  ٿيندڙ توانائي جي صلاحيت کي به تسليم ڪري ٿو. سعودي عرب پاڪستان جي انفرااسٽرڪچر ۽ مائننگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ان حوالي سان مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون. جنهن سان ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي ڀرپور هٿي ملندي ۽ روزگار جو نوان موقعا فراهم ٿيندا. زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ به سهڪار وڌائڻ تي غور ٿي رهيو آهي، جنهن جو باضابطا اعلان هنن معاهدن کانپوءِ ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند ملڪ سعودي عرب اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي صورت ۾ معاهدن تي ڪم ڪرڻ چاھي ٿو. جنهن سان پاڪستان جي ترقي ۽ تعمير جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو، جيڪڏھن هنن معاهدن کي لانگ ٽرم ايگريمينٽ پاليسي تحت عمل ۾ آندو وڃي ته جيئن ايندڙ حڪومتون اهڙن معاهدن تي اثر انداز نه ٿي سگھن. پاڪستان کي اسلامي برادر ملڪن کي پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ گهرجي. اهڙن اقتصادي معاهدن سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا ميسر ٿيندا. ايندڙ وقت ۾ دنيا جا ٽائيڪون ملڪ قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن ملڪن تي چڙهايون ڪندا ته جيئن هو پنهنجي ملڪن جي سالميت ۽ معيشت برقرار رکي سگهن. اهڙي ريت اسان جي ملڪ جي مڙني سياستدانن ۽ طاقتور حلقن کي پنهنجي قدرتي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن مخلص دوست ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيڻي پوندي، جنهن سان اسان جي ملڪ جي سالميت کي ڪو خطرو نه هجي، سعودي عرب جي سيڙپڪاري سان يقينن پاڪستان کي معاشي مدد حاصل ٿيندي. پاڪستان اهڙين پاليسين ذريعي ئي ترقي ڪري سگهي ٿو. هاڻي سياسي قوتن کي ذاتي مفادن کان هٽي ڪري ملڪي مفادن تي ڌيان ڏيڻ جي شديد ضرورت آهي. نه ته اسان جو ملڪ معاشي ۽ اقتصادي بحرانن جو شڪار ٿي سگھي ٿو.