سنڌو ندي جيڪا پوري پاڪستان کي پالي ٿي ان جي پاڻيءَ مان پوري پاڪستان جون 60 سيڪڙو کان وڌيڪ زمينون آباد ٿين ٿيون. هماليه مان هُل ڪندي جڏهن سنڌو ندي عربي سمنڊ ۾ پهچي ٿي ته ان وچ ۾ ڪروڙين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو بڻجي ٿي. صوبو سنڌ سنڌو نديءَ جي پڇڙي ۾ هجڻ جي ڪري سنڌو نديءَ جي پاڻي جو وڌيڪ دعويدار رهيو آهي، ڇو ته بين الاقوامي قانون مطابق نديءَ جو پاڻي ان علائقي جو هوندو آهي جتي ان نديءَ جي پڄاڻي ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن سامونڊي پاڻيءَ سان درياءَ جو مٺو پاڻي نه ملندو ته ان سان سمنڊ اڳتي وڌڻ شروع ڪندو، زرخيز زمينون خراب ڪندو، ماحول تبديل ٿيندو، وڻڪار ختم ٿيندي، جهنگلي جيوت ناپيد ٿيندي، ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا جيڪو اسان کي سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ نظر ايندو رهي ٿو، ڳوٺ ته ٺهيو پر ننڍا ننڍا شهر پڻ برباد ٿي چڪا آهن، انهن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪ خاص مقدار جو دريائي پاڻي سمنڊ تائين پهچي.
سنڌ صوبي کي سندس پاڻيءَ جو حصو قانوني طور تي ورهاڱي کان پهرين انگريز سرڪار ڏنو هو، پر 1960ع ۾ ملڪ جي پهرين آمر ملڪ جا ٽي درياءَ راوي، بياس، ستلج ڀارت کي وڪرو ڪري ڏنا هئا، نه صرف ايترو پر ان سان گڏ سنڌوءَ جو 12 لک ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي به ڀارت کي وڪرو ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ وڏو سوال آهي؟ جنهن تي ڀارت ڪليم ڪندو رهندو آهي. ان جي ڪري ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي وئي ۽ صوبن جي وچ ۾ تنازعو پيدا ٿيو. نيٺ انهيءَ کي ڪنهن نموني سان 1991ع وارو پاڻيءَ جو ٺاهه (ارسا) وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ڪيو ويو جنهن تي پڻ سنڌ صوبي کي اعتراض رهيا آهن، ان جي باوجود به پنجاب صوبو هميشه ارهه زورائي ڪندي سندس مقرر ڪيل پاڻيءَ جي حصي کان وڌيڪ حصو سنڌو ندي مان کڻندو رهيو آهي. ڪالا باغ ڊيم کي به ان ڪري ٺاهيو پئي ويو ته جيئن اهو جمع ٿيل پاڻي به پنجاب صوبو استعمال ڪري سگهي، پر سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جي شديد احتجاج تي انهيءَ منصوبي کي ٿڌو ڪري رکيو ويو آهي، ختم نه ڪيو ويو آهي. هاڻي انهيءَ منصوبي کي ٻئي روپ ۾ سامهون آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. سنڌو نديءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي چيو ٿو وڃي ته سنڌ جون، پنجاب جون، ڪي پي جون ۽ بلوچستان جون زمينون آباد ڪنداسين، جنهن جي اڳواڻي گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي ٺهندڙ ڪمپنيءَ کي ڏني وئي آهي. انهيءَ منصوبي تي سنڌ جو عوام سراپا احتجاج آهي. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته سنڌو درياءَ جو جيڪو پاڻي آهي ۽ جيڪو حصو سنڌ جو مقرر ٿيل آهي، يعني 48 ملين ايڪڙ فوٽ سنڌ صوبي کي ته اهو به پورو ڪونه ٿو ملي. جڏهن سنڌو ندي جي سسٽم ۾ وافر ۽ وڌيڪ پاڻي موجود نه آهي ته پوءِ 6 ڪئنال ڪڍڻ جو مقصد ڏاڍائي کانسواءِ ٻيو ڪهڙو آهي؟ سڌو مطلب اهو آهي ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿين، سنڌ جي عوام جي جياپي جو وڏو وسيلو زراعت آهي. جيڪڏهن زمينون ويران ٿي وينديون ته پهرين کان پريشان ماڻهو ٻه وقت ماني کائڻ لاءِ اناج ڪٿان آڻيندا؟ اهو منصوبو 8 جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ جوڙيو ويو آهي ته پهرين ارسا جي قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ پوءِ ڪئنالن کي اسٽريٽيجڪ ڪئنال جو نالو ڏئي پاڻي کنيو ويندو، جنهن پاڻي جو مقدار سکر بئراج جي مقدار کان به وڌيڪ آهي.
جڏهن پاڻي موجود ئي نه آهي ته پوءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن، دانشورن، سنڌ دوست سياسي پارٽين سيمينار ڪيا آهن، ڪانفرنسون ڪيون آهن ۽ احتجاج ڪيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو 2024-10-23 تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز اسيمبلي کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ واضح موقف اختيار ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ دانشورن جي موقف سان سهمت ٿئي ٿو يعني سنڌو درياءَ تي ڪوبه نئون ڪئنال نامنظور. پيپلز پارٽي کي سنڌ جو عوام ووٽ ڏئي حڪومت ۾ آڻي ٿو ۽ پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز جي مٿان فرض آهي ته هو اهڙو ڪوبه منصوبو جنهن سان سنڌ صوبي جي عوام کي نقصان پهچڻ جو انديشو هجي ان جي مخالفت ۾ ڀرپور آواز بلند ڪن، جيڪو پيپلز پارٽي جي ميمبرن ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجو فرض پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسين ان کي ساراهه جوڳو عمل چوندي پيپلز پارٽي جي ميمبرن کان مطالبو ڪريون ٿا ته جيڪي ڳالهيون اوهان اسيمبلي کان ٻاهر ميڊيا سان ڪيون آهن اهي ڳالهيون اوهان اسيمبلي جي اندر با آواز بلند ڪريو، رٿ پيش ڪريو، قرارداد پيش ڪريو ۽ ان منصوبي کي رد ڪرائڻ ۾ پوري سنڌ جي عوام سان گڏ پنهنجو آواز شامل ڪريو. ڇو ته اوهان اسيمبلي جي فلور تي بيهي ڳالهيون ڪندا، توهان عوام جا چونڊيل نمائندا آهيو، اوهان جو آواز حقيقت ۾ عوام جو آواز آهي ۽ وفاق جي ڪنن تائين واضح طور تي عوام جو پيغام پهچائندو، ان سان نه صرف وفاق طرفان هن وقت ٿيندڙ سنڌ دشمن منصوبن کي ختم ڪيو ويندو، پر ايندڙ وقت ۾ پڻ وفاق اهڙا منصوبا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان پهرين هڪ سئو دفعا سوچيندو. ايندڙ وقت ۾ سنڌ تي ڪنهن به نموني پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش نه ڪندو، يقينن پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز جي انهيءَ عمل سان سنڌ جو عوام سندن ساراهه ڪندو.