بلاگنئون

ڪارونجهر جبل جي دلڪش، منظرن جي تباهي جا ذميوار ڪير آهن؟

دنيا ۾ سنڌ پرڳڻو خوبصورت ورثن وسيلن ۽ دلڪش نظارن سان مالا مال آهي. اتر سنڌ جي شاندار جبلن جون من موهيندڙ قطارون ۽ ڏکڻ سنڌ جي پرسڪون ريگستانن تائين پکڙيل هي صوبو سنڌ منفرد نظارو پيش ڪري ٿو، ٿرپارڪر جي ڪارونجھر جبلن جي سونهن ۽ دلڪش رنگ سنڌ جي خوبصورتي ۾ نمايان منفرد نکار جو اهڃاڻ آهن، سنڌ صوبو اڪثر ڪري پنهنجي تاريخي ماڳن، ميلن ملاکڙن ۽ مهمان نوازي جي ڪري منفرد سڃاڻپ رکي ٿو، هن پرڳڻي جي تاريخي ڪارونجھر جبل جو پٿر سون کان به وڌيڪ قيمتي بي بها خزاني وانگر آهي. ڪارونجهر جبل سنڌ جي سونهن مور پکين جي رهڻ ۽ واڌ ويجھ جي پرسڪون جاءِ آهي، جتي هر وقت مور پکين جون ٻوليون ۽ خوبصورت نظارا ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. ٿرپارڪر جي علائقي ننگرپارڪر ضلعي کي سنڌ جي هڪ ڪنڊ ۽ ڪارونجھر جبل جهڙو قيمتي ورثي جو شرف حاصل آهي. ڪارونجهر جبل جو پٿر دنيا جي خوبصورت ۽ قيمتي پٿر منجهان هڪ آهي، دنيا جا جواهري ڪارونجهر جبل جي پٿر کي هيري سان تشبيھ ڏيڻ سان گڏوگڏ هن پٿر جي رنگين نظارن جا بيحد پرستار آهي، دنيا جا امير ماڻهو هن خوبصورت پٿر کي پنهنجن محلن ۾ خوبصورتي لاءِ لڳرائيندا آهن.  حڪومت ڪارونجهر جي قيمتي پٿر جي جبلن کي ڀڳڙن مٺ تي کپائي ڇڏيو آهي جنهن سان ٿرپارڪر جي سونهن ۽ سياحن جي تفريح جو مرڪز ڪارونجهر جبل ختم ٿيندو وڃي ٿو. ان جي بدلي ۾ علائقي جي مسڪين ماڻهن کي حڪومت ڪابه اهميت يا سهولت اڃان تائين نه ڏئي سگهي آهي. دنيا جي جاگرافيائي قانون موجب جنهن به علائقي مان ڪوبه خزانو ملندو آهي ته ان جو چوٿون حصو علائقي جي ترقي ۽ مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ خرچ ڪيو ويندو آهي، مون کي تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو ته هن عظيم خزاني جي اصل وارث ننگرپارڪر واسين کي هر لحاظ کان نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ دنيا جي جاگرافيائي قانون جي واضح طور ڀڃڪڙي سان گڏوگڏ سنڌ صوبي جي عظمت سان به ناانصافي آهي. ڪارونجهر جبلن جي چوٽي تي برسات پوڻ جي ڪري قدرتي پاڻي جو تلاءُ موجود آهي، هي خوبصورت نظارا قدرتي تخليق ۽ دل موهيندڙ نظارن منجهان هڪ دلڪش منفرد منظر پيش ڪندا آهن. حڪومت کي اهڙن قيمتي ورثن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ اصل وارثن جي بي ڌياني سبب هڪ ڏينھن اسان پنهنجي سنڌ جي اندر جي عظيم خوبصورت ماڳ وڃائي ويهنداسين. ڪميشن ۽ ايجنٽ مافيا سنڌ جي سونهن ۽ سڃاڻپ مڪمل تباھ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ڪارونجهر جبل جي خوبصورتي جيڪا دنيا سان خوبصورت نظارن منجهان هڪ آهي. تنهنڪري آئون پنهنجي نوجوان پڙهندڙن کي هن خوبصورت منظر بابت آگاهي ضرور ڏيندس ته اهي پنهنجي علائقن جي دلڪش ماڳن ۽ تاريخي ورثن تي متعلق غور ويچار ضرور ڪن ته جيئن توهان جي علائقن ڏانهن سياح گهمڻ اچن جنهن سان علائقائي ڪاروبار کي به ٿورو ٿڪو سهارو ملي سگهندو. گري نائيٽ فارميشنز جي گهڻائي ٿرپارڪر سنڌ جي ننگرپارڪر واري علائقي ۾ واقع ڪارونجهر جبل ۾ اڻ کٽ قدرتي خزاني جي روپ ۾ موجود آهي. هي علائقو رڻ ڪڇ جي سرحد سان جڙيل آهي ۽ ان کان وڌيڪ مشهور جبلن جي حدن جهڙوڪ: کيرٿر هندو ڪش، قراقرم، هماليه، سالٽ رينج ۽ سليمان جبل جي بلڪل مقابلي ۾ آهي. جيتوڻيڪ لمبائي جي لحاظ کان گهٽ آهي، پر علائقي ۾ وڌيڪ مشهور جبلن جو سلسلو قابل ذڪر آهي، پر ڪارونجهر جي حد تقريبن 19 ڪلو ميٽر ڊگهي ۽ اوچائي 305 ميٽر تائين آهي. ڪارونجهر بنيادي طور تي گري نائيٽ مان ٺهيل آهي، غالباً هندستان جي قديم اراولي قد جو هڪ توسيع، جيڪو آرڪيان دور جي تاريخن ۾ به هن جو خلاصو ملي ٿو، ڪارونجهر جبل دنيا جي قدرتي قديم ترين پٿر جي نظامن مان هڪ عظيم تخليق جو ثبوت پيش ڪري ٿو، ڪارونجهر جبل نه رڳو جاگرافيائي لحاظ کان اهم آهن، پر معاشي طور به قيمتي خزانو آهن. هي خطو معدنيات سان مالا مال جهڙوڪ سنگ مرمر، چن جو پٿر، ڪرومائٽ، جپسم، لوڻ، ڪولين، ڪولين ۽ پورسلين جي مختلف صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاغذ، رنگ ۽ سينگار جي سامان سميت، انهن جبلن جي اقتصادي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ڪارونجھر جبل جي بيحد خوبصورتي ۽ پرسڪون ماحول ان کي منفرد بڻائي ڇڏيو آهي، قدرتي خاصيتون رکندڙ هن علائقي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. امن جي پناھ گاھ ڪارونجهر جبل تي مختلف قسم جي جهنگلي جيوت جا گهر آهن، جن ۾ مور پکي جيڪي قدرتي نظارن ۾ رنگ شامل ڪن ٿا. شاهوڪار ڪارونجهر جبلن ڏانهن روڊ، رستن ۽ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ باوجود به مقامي توڙي پرڏيهي سياح هي خوبصورت نظارا ڏسڻ لاءِ ڪهي اچن ٿا. جنهن جي ڪري ڪارونجهر جي ڀرپاسي واري علائقي جي ماڻهن لاءِ وڏي اقتصادي اهميت آهي، ٿرپارڪر جا مقامي ماڻهون علائقي ۾ موجود ٻوٽن مان دوائون ٺاهي مختلف جو علاج به ڪن ٿا جنهن سان بيمار ماڻهون خوش ٿي وڃن ٿا. انهن ۾ کوکرو، گن ويل، ستواري، جهنگلي بصر، شيو جاتي، اُٿ ڪنڊي، گوگارو ۽ ٻيا ڪيترائي ٻوٽا شامل آهن. مقامي ٿري ماڻهون سياحن لاءِ ننڍا دڪان لڳائي کاڌو ۽ پاڻي فراهم ڪن ٿا. جنهن مان اهي سٺو پئسو ڪمائي رهيا آهن. ڪارونجهر رڳو هڪ جاگرافيائي خصوصيت نه پر هڪ ثقافتي نشان به آهي. هي علائقو تاريخي طور تي بيشمار ڪيترن ئي مذهبي ۽ ثقافتي ماڳن سان. مشهور آهي. ڪارونجهر جي حد ۾ 109 ٽڪريون شامل آهن جن ۾ مختلف مذهبن لاءِ 100 کان وڌيڪ مقدس جاين تي نشان موجود آهن. هي علائقو ماضي ۾ تمام گهڻو خوشحال هو، جڏهن هاڪڙو ندي سرسوتي جمنا ۽ ستلج مان وهندي ٿر جي ريگستان ۾ اچي ختم ٿيندي هئي. اڃان تائين قديم جين مندرن تي مشتمل اهي تاريخي ماڳ موجود آهن، جيتوڻيڪ ڪارونجهر جي بلند ترين چوٽي کي ٽراٽ چوٽي يا تروت جو ٿلهو سڏيو وڃي ٿو. جتي انگريز فوجي ڪرنل ٽراٽ ويهندا هئا ۽ ڪورٽن جون ڪارروائيون هلائيندا هئا. تنهنڪري ان چوٽي کي ٽراٽ جي چوٽي سان اڄ به سڏيو وڃي ٿو. جاگرافيائي لحاظ کان ڪارونجهر جو علائقو پسگردائي واري ريگستان کان الڳ آهي ۽ يقينن ننڍو آهي. اهي ٽڪريون ٻن سالن جي چشمن، آنچلشور ۽ سرڌارو جو سرچشمو سان گڏوگڏ ڀٽاني ۽ گوڙڌرو جهڙا عارضي وهڪرا آهن جيڪي چوماسي جي موسم ۾ وهن ٿا ۽ قديم جين مندر پٿر جي ڀتين سان گھريل ڪارونجهر جبل جي مقامي ماڻهن لاءِ انهن جي وڏي اهميت آهي ۽ خوبصورتي کين تسڪين بخشي ٿي، مقامي برادرين لاءِ هي جبل رڳو هڪ منظر نه پر هڪ سڃاڻپ سان گڏوگڏ فخر سنڌ آهي. ڪارونجهر جبل جنهن کي امن ۽ سونهن جو نگهبان قرار ڏيندا رهيا آهن، ڪارونجهر رڳو جبل جو سلسلو نه آهي، پر هڪ پوري تاريخ ان ۾ سمايل آهي. هزارين سالن جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت ڪارونجهر جي گود ۾ هڪ مندرن، گنبذ ۽ ڪارونجھر جي خوبصورتي جي اھميت کي معدني سرگرمين سبب خطرو آھي. 1988 ۾ هڪ ڪمپني جبلن مان گري نائيٽ ڪڍڻ شروع ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ماحولياتي نقصان ۽ فضول مادن ۽ بارود جي استعمال دوران رهائشي علائقن ۾ مختلف بيمارين تباهي مچائي ڇڏي هئي، مٽي ۽ آلودگي، مقامي ماحولياتي نظام ۽ زندگي جي روايتي طريقن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. مقامي برادرين جي مزاحمت ۽ احتجاج به جبلن کي بچائڻ ۾ مدد ڪارآمد ثابت نه ٿيا، وڏي گري نائيٽ پٿر جي جوڙجڪ جو ڪارونجهر جبل هزارين سالن جي تهذيب، ثقافت ۽ قدرتي خوبصورتي جو عڪس آهي ۽ مختلف قسم جي جانورن ۽ نادر نسلن جي پکين جا ڪارونجهر جبل تي گهر آهن جن ۾ مور پکي ۽ هرڻ شامل آهن. سنڌ جي شاهوڪار ورثي ۽ پراڻي تهذيب ثقافت، ريتن رسمن، روايتن، لوڪ ڪهاڻين، مذهبي هم آهنگي جي علامت هن خزاني کي وڌيڪ ماحولياتي تباهي کان بچائڻ ۽ پاڪستان جي ثقافتي قدرتي منظر نامي ۾ هن جي اهميت کي سڃاڻڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون وٺڻ گهرجن. جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان 1977ع کان 1978ع تائين ڪارونجهر ۾ گري نائيٽ جي ذخيرن جو اندازو هن ريت لڳايو ته هي اڻ کٽ خزاني سان گڏوگڏ خوبصورت ۽ دلڪش منظرن جي خزاني سان به مالامال آهي. اچو ته وقت حڪومت کان سنڌ جي خزانن مان ملندڙ آمدني جو چوٿون حصو ان علائقي جي ترقي تي خرچ ڪرڻ جي گهر ڪريون.