آءِ ايم ايف جي “بيل آئوٽ پيڪيجن” مان ڇا ٿو ملي، يا اهڙن فيصلن سان رڳو عوام جي چيلھه ڀڄڻي آهي يا اهڙا فيصلا ڪري ملڪ بچائڻو آهي يا ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻو آهي يا ملڪي عوام کي ڪنهن کڏ ۾ اڇلائڻو آهي يا آءِ ايم ايف جا پيڪيج وٺي وٺي آخر ڇا ڪندا؟ معنيٰ اهڙن پيڪيجن مان جڏهن عوام کي ڪجهھ ملڻو ناهي ته پوءِ عوام جي ڀلائي ۾ جيڪو آهي اهو حڪمرانن کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي يا سياست رڳو پيٽرول تي اچي بيٺي آهي، باقي ٻيو سڀ ڌوڙ آهي. جيڪڏهن جيڪو حڪمران عوام ۾ مقبول ٿيڻ چاهي ٿو ته اهو پيٽرول جون قيمتون گھٽائي، آءِ ايم ايف جي چنبي مان ملڪ کي ڇڏائي، معيشت جا سڌارا آڻي، باقي ڇسي سياست هن مهل تائين ڪري ڪري سياستدانن ڪيو ڇا آهي؟ بس هڪڙي ڳالهھ ڏاڍي زبردست ڪئي اٿن ته هڪٻئي جا ڄنڊا پٽيا اٿن، هڪٻئي کي ڪرپٽ ثابت ڪيو اٿن، تهمتون هڻي هڻي پاڻ به خوار ٿيا آهن ۽ رياست کي به خوار ڪيو اٿن. ان ڪري اهڙي سياست ڪرڻ مان فائدو ڇا آهي؟ مهانگائي جيڪڏهن عمران خان ڪري ويو ته صحيح هو، پر جي شهبازشريف ڪري ته غلط آهي، ڀلا انهن حڪمرانن کي جيڪڏهن ڪرڻي رڳو مهانگائي آهي، ڪرڻي رڳو آءِ ايم ايف جي آهي، جيڪي اهي چون هي ڪندا ويندا ته پوءِ حڪمران ڪهڙو به اچي هن جي مٿي ۾ جونءَ به نه چرندي. هتي عوام پاڻ سان به سچو ناهي، هتي اسان جي ملڪ ۾ رڳو شخصي پسنديدگي لاڳو ٿيل آهي، جن کي نوازشريف يا شهبازشريف پسند آهي، اهي سمجهن ٿا ته نون ليگ جي سياست هن ملڪ جو واحد حل آهي، ان ڪري اهي ڪڏهن به روڊن تي نڪري نه ٿا اچن. جن ماڻهن کي عمران خان جي سياست سولي ٿي لڳي، اهي سمجهن ٿا ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو عمران خان وٽ آهي، عمران خان آمريڪي غلامي مان جان ڇڏرائيندو ته اها ڳالهھ هن کي نئين پاڪستان مهل سمجھه ۾ اچي هان ته نئون پاڪستان نه ٺهندو، پر پراڻي پاڪستان جا به ترا ناهن ڪڍڻا. جيڪي سمجهن ٿا ته عمران وٽ معاشي پلان هو ۽ اهو ئي غربت جو خاتمو آڻي سگهي پيو ته اهو وهم ۽ سوچ به غلط ثابت ٿي. ان ڪري پهرين اهو چوڻ سولو هو ته سڀ مسئلا جيڪي به نون ليگ وارا ڪن ٿا يا جيڪي به زرداري ڪري ويو انهن سڀني جي حل جي چاٻي رڳو عمران خان وٽ هئي، ان ڪري هاڻي اها آزمائڻ واري ڳالھه به نه ٿي چئي سگهجي. ان ڪري جو عوام ته هن عمران خان جي به گھاٽي سرنهن ڏسي چڪو آهي ته هي ڪيتري پاڻي ۾ هو ۽ آهي. ان ڪري هاڻي جي سياست ۾ گھٽ ۾ گھٽ عمران خان فٽ ناهي، ڇو جو هن جي جيڪڏهن ڪنهن مذهبي ٽولي جي سياست سان مشابهت ڪيون ته به غلط نه ٿيندو، ان ڪري جو رڳو آمريڪا جي مخالفت ڪري، اسرائيل کي گھٽ وڌ چئي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ پي ٽي آءِ ڪو مذهي ٽولو به ناهي جيڪو جيڪڏهن مذهبي ڪارڊ هٿ ۾ کڻندو ته هلي ويندو، آمريڪا کي گھٽ وڌ چوندو ته سياست ڪري ويندو يا رڳو ڪي پي مان ويهي فاير ڪندو ته سياست هلي ويندس.