سنڌ جيڪا ڪڏهن پنهنجي امن هم آهنگي ۽ سک شانتي جي علامت هوندي هئي، اڄ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين هر ضلعو ڏوهارين ۽ ڏوهاري سرگرمين جو شڪار بڻيل آهي. خاص طور تي ضلعو ڪشمور ۽ جيڪب آباد جتي بدامني پنهنجي عروج تي آهي اتي ماڻهو پنهنجين بنيادي ضرورتن کان وڌيڪ امن جا طلبگار آهن. حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي ۽ ڪوتاهين سبب انهن علائقن ۾ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن. اڄ ضلعي ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ جڏهن ڪو ماڻهو خير سان پنهنجي گهر پهچي ٿو ته اها هڪ عجيب ۽ غير معمولي ڳالهه آهي نه ڪي ڪنهن جي اغوا يا ڦر جو واقعو.
سنڌ جي خاص طور تي ڪشمور ۽ جيڪب آباد جهڙن علائقن ۾ امن امان جو مسئلو هڪ ڊگهي عرصي کان اڻ کٽ چئلينج رهيو آهي. انهن علائقن ۾ ڏوهن جي شرح، قبيلائي جهڳڙا، ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا ۽ دهشتگردي جهڙن مسئلن سبب امن ۽ استحڪام هميشه خطري ۾ رهيو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ جا واعدا ڪندي رهي آهي، پر عملي طور تي امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن جو اهم ڪارڻ صوبائي ادارن جي صلاحيتن جي گهٽتائي ۽ سياسي اثر رسوخ آهي.
ڪشمور ۽ جيڪب آباد جهڙا علائقا جتي دهشتگرد گروهه، ڏوهاري سرگرميون ۽ قبيلائي تڪرار وڏي حد تائين آهن، اتي صوبائي ادارا لاچار ۽ بي اثر نظر اچي رهيا آهن. اڪثر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا محدود وسيلن ۽ بد انتظامي سبب انهن ڏوهن ۽ بدامني تي قابو پائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ڪيترن ئي موقعن تي پوليس ۽ ٻيا ادارا سياسي اثر هيٺ ڪم ڪرڻ سبب پنهنجي ذميواريون صحيح طرح نڀائي نه سگهيا آهن، جنهن سبب ڏوهن کي منهن ڏيڻ ۾ سندن ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت جي مداخلت کي هڪ ضروري قدم سمجهيو وڃي ٿو. وفاقي حڪومت وٽ وڌيڪ وسيلا، وڌيڪ تربيت يافته سيڪيورٽي ادارا ۽ قومي سطح تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪا ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. ڪشمور ۽ جيڪب آباد جهڙن علائقن ۾ امن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت جي متحرڪ ٿيڻ کانسواءِ صوبائي ادارا اڪيلائيءَ ۾ ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جهڙوڪ: فوج، رينجرز يا قومي سطح جي انٽيليجنس ايجنسين کي متحرڪ ڪري ته امن جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
پيپلز پارٽي سنڌ جي خود مختياري تي زور ڏيندي هميشه اهو موقف رکيو آهي ته صوبائي معاملن ۾ وفاقي مداخلت غير آئيني آهي ۽ وفاقي حڪومت کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي صوبن جي اختياري واري دائري ۾ اچن ٿا. 2010 ۾ 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن کي ڪيترائي اختيار مليا آهن. خاص طور تي امن امان جهڙن حساس معاملن ۾ جڏهن وفاق سنڌ ۾ پوليس يا ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي قدم کڻي ٿو ته پيپلز پارٽي ان کي پنهنجين آئيني حدن کان تجاوز سمجهي ٿي.
ان کان علاوه پيپلزپارٽي جو موقف اهو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي حوالي سان فيصلا ڪرڻ صوبائي حڪومت جو آئيني حق آهي ۽ وفاقي حڪومت کي ان ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. وفاقي حڪومت جي اهڙن قدمن کي پيپلزپارٽي صوبي جي سياسي استحڪام لاءِ نقصانڪار قرار ڏئي ٿي ۽ چوندي آهي ته اهو نه رڳو وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي ٿو، پر امن امان جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به رنڊڪون وجهي ٿو.
هڪ طرف پيپلزپارٽي وفاقي مداخلت کي هميشه صوبائي خود مختياري تي حملو قرار ڏيندي آهي، پر ٻئي طرف صوبائي حڪومت پاڻ به امن امان کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب نه رهي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال هميشه ڳڻتيءَ جوڳي رهي آهي. پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ باوجود ڪيترين ئي معاملن تي خاص طور تي امن امان جي صورتحال ۾ عوامي سطح تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ ڏوهن قبيلائي جهڳڙن سياسي تشدد ۽ دهشتگردي جا واقعا اڪثر سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندا رهيا آهن.
پيپلزپارٽي جڏهن وفاقي مداخلت کي برداشت نه ڪندي آهي ته ان جو بنيادي نقطو اهو هوندو آهي ته وفاق جي مداخلت سان صوبائي حڪومت جي اختياري کي نقصان پهچندو آهي، پر ٻئي طرف صوبائي سطح تي انتظامي ۽ سياسي ناڪامين امن امان جي معاملن کي وڌيڪ بگاڙيو آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ سرڪاري مشينري کي سياسي اثر ۽ مداخلت جو شڪار هجڻ جو الزام لڳايو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪم موثر طريقي سان سرانجام نه ڏئي سگهيا آهن.
هن ناڪاميءَ جا مختلف عنصر آهن، جن ۾ سياسي اثر رسوخ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪافي تربيت ۽ وسيلا ۽ بدعنواني جهڙا معاملا شامل آهن. ان سبب سنڌ ۾ بدامني جو مسئلو پيچيده ٿي ويو آهي، جتي نه صرف وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي، پر صوبائي حڪومت جي اندروني ڪارڪردگيءَ تي پڻ سنگين سوال اٿاريا وڃن ٿا. 2013 کانپوءِ جڏهن ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ بدامني خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو تڏهن به پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت ان آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو هو. هن وقت به ضلعي ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي عوام طرفان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته وفاق مداخلت ڪري ۽ امن امان بحال ڪن، پر موجوده سياسي صورتحال مختلف آهي. گذريل ٽن سالن کان وفاق ۾ سياسي عدم استحڪام آهي ۽ ڪابه هڪ ڌر ايتري مضبوط ناهي جو پاڻ اڪيلي سر فيصلا ڪري سگهي سياسي مفادن جي ٽڪراءُ سبب امن امان جي بحاليءَ جون ڪاوشون رڪاوٽ جو شڪار آهن.
وفاق ۾ ڪمزور سياسي صورتحال ۽ ادارن ۾ اندروني گروپ بنديءَ سبب وفاقي حڪومت به سنڌ ۾ مداخلت کان پاسو ڪري رهي آهي. موجوده حالتن ۾ جيڪڏهن پيپلزپارٽي حڪومت کان ٻاهر نڪري ٿي ته وفاقي حڪومت به ڪمزور ٿي سگهي ٿي ۽ موجوده سياسي نظام ڊهي سگهي ٿو، ان ڪري وفاقي سطح تي پڻ امن امان جي بحاليءَ لاءِ ڪا وڏي ڪارروائي ٿيڻ مشڪل آهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي عوام خاص طور تي ضلعي ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي ماڻهن جو حال اهڙو آهي جو اهي چاهين ٿا ته وفاقي سطح تي ڪا تبديلي اچي ۽ امن بحال ڪرڻ لاءِ مضبوط قدم کنيا وڃن. ضلعي ڪشمور ۽ جيڪب آباد جا ماڻهو جيڪي وقت بوقت امن امان جي بحاليءَ لاءِ احتجاج ڪندا رهيا آهن، هاڻي موجوده جمهوري نظام کان مايوس ٿي چڪا آهن. حالتون اهڙيون آهن جو عوام کي نه بجلي گهرجي، نه روڊ رستا ۽ نه ئي اسپتال ۾ ڊاڪٽر انهن کي فقط امن گهرجي ماڻهن لاءِ موجوده صورتحال ۾ امن ۽ سلامتي سڀني بنيادي ضرورتن کان وڌيڪ اهم بڻجي چڪي آهي.
ممڪن حل ۽ اڳتي وڌڻ جا طريقا:
* پنهنجن سياسي نمائندن کي ياد ڏيارڻ لاءِ پرامن احتجاج اهم آهي گڏجي آواز بلند ڪرڻ ضروري آهي، جيئن مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي.
* سوشل ميڊيا هڪ موثر وسيلو آهي جتي آواز کي ٻين تائين پهچائڻو آهي ان لاءِ ٽرينڊز شروع ڪيا وڃن.
* جڏهن ضرورت پوي تڏهن مقامي مارڪيٽن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو جيئن عوامي آواز کي اجاڳر ڪيو وڃي.
* وڏن شهرن جي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪيا وڃن ان سان آواز مٿئين سطح تي پهچڻ ۾ مدد ملندي.
* مقامي سطح تي امن ڪميٽيون جوڙي انهن کي بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن اهي عوامي مدد سان ڏوهاري سرگرمين کي روڪي سگهن.
* جيڪڏهن وفاقي ادارن کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن ۽ انهن کي آزاداڻي طور تي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون.
* موجوده حالتن ۾ سنڌ حڪومت کي سياسي مفادن کان هٽي ڪري عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻو پوندو.
* تعليم ۽ تعليم جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خاص توجهه ڏيڻ گهرجي. ڇو ته ان سان ماڻهن کي معاشي موقعا ملندا ۽ بدامني ۾ گهٽتائي ٿيندي.
سنڌ ۾ امن امان جي بحالي خاص طور تي ضلعي ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ موجوده حالتن ۾ هڪ وڏو چئلينج آهي سياسي عدم استحڪام ۽ سياسي مفادن جي ٽڪراءُ جي ڪري امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪارروائي ڪرڻ مشڪل بڻيل آهي. ضلعي ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي عوام جو واحد مطالبو امن آهي، جيڪو موجوده حالتن ۾ حڪومتن ۽ ادارن جي حڪمت عملين کان گهڻو دور نظر اچي رهيو آهي. عوام جي بيزاري ۽ مايوسي کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته وقت اچي ويو آهي جو فيصلا ساز قوتون ۽ ادارا گڏجي ڪنهن حل تي پهچن نه ته سنڌ جي عوام جو اعتماد مڪمل طور تي ختم ٿي سگهي ٿو، امن جي بحالي جنهن جي لاءِ هڪ مضبوط عزم ۽ نئين حڪمت عملي جي ضرورت آهي.
وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ۽ منظم حڪمت عمليءَ سان ئي ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ امن کي برقرار رکڻ ممڪن آهي. جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجا وسيلا ۽ صلاحيتون گڏجي استعمال ڪن ته اهي علائقا پر امن ۽ مستحڪم ٿي سگهن ٿا.