بلاگنئون

ماحولياتي تبديليون ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ وڏو خطرو

پاڪستان سميت عالمي ماحولياتي گدلاڻ ۽ وقفي وقفي سان غير متوقع موسميات جي تبديلي جا ذميوار دنيا جا وڏا ترقي يافتا ملڪ آهن، جيڪي اوزون تھ ۾ 90 سيڪڙو ڪاربن خارج ڪري رهيا آهن ۽ انهن ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان صرف هڪ سيڪڙو ڪاربن اوزون جي تھ ۾ خارج ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان سميت ٻيا ڪيترائي ترقي پذير ملڪ سخت متاثر ٿي رهيا آهن. اسان جي ملڪ جي ماحوليات جي ماهرن کي گهرجي ته هو پنهنجي ملڪ جي استحڪام لاءِ اقوام متحده جي فورم تي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ هٿرادو موسمي تبديلي جي بقا جي جنگ جو ڪيس سنجيدگي سان رکڻ کپي، اهڙي موسمي تبديلي جي ڪري ترقي پذير ملڪن جي معيشت تباهي ڪناري تي پهچي سگهي ٿي. موسمي تبديلين جي ڪري دريائن، فصلن، سميت زميني نقصان جا خطرات کي منهن ڏيڻ خاص طور ترقي پذير ملڪن لاءِ انتهائي مشڪل عمل آهي، اهڙي عمل خلاف پئرس معاهدو ۽ ڪيوٽو پروٽوڪول پاليسي جو قانون موجود آهي، پر اهو معاهدو وچولي ۽ ڊگهي مدي واري نوعيت جو آهي، اهڙي قانون کي مڪمل طور تي لاڳو ٿيڻ ۾ 50 سالن جو وقت درڪار آهي ۽ ايستائين اهو قانون سڀني ملڪن لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي اوزون جي پرت جي مرمت ڪرڻ ۾ اڃان پنجاھ سال لڳي سگهن ٿا. هي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي اتر جبلن ۾ گليشيئرز ۾ برف جي وقت کان اڳ پگھلڻ جو سبب بڻيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جو گهڻو وهڪرو آهي جيڪو تقريبن 30 کان 40 سالن کانپوءِ گليشيئر پگهلجڻ جي ڪري پاڻي ختم ٿي سگهي ٿو. خشڪي ۽ گرمي جي لهرن ۽ وڏي پيماني تي ٻيلن ۾ لڳل باھيون، سامونڊي لهرون، طوفان وغيره، ڪئناڊا، آمريڪا، يورپ، چين، هندستان، پاڪستان ۽ برصغير جي ​​ڪنهن حد تائين ڏور اوڀر ۾ تباهي مچائي سگهي ٿو.

اهڙي موسمياتي تبديلي اسان جي ملڪ جيان ترقي پذير مڙني ملڪن خاص طور متاثر ٿيل ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ خوفناڪ آهي. انٽارڪيڪا سمنڊ ۾ برف پگھلڻ جي تباهي واري اثرات کان اڳ ۾ ئي سائنسدانن دنيا جي مڙني ترقي يافتا ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. اسان پنهنجي ملڪ ۾ احتياطي اپاءُ وٺي سگهون ته جيئن وڏين آفتن ۽ خراب موسمي اثرات جهڙوڪ: ٻوڏ، اوچتو اوچتو برساتون، طوفان، بادل ڦٽڻ جنهن سان اسان جي فصلن ۽ ملڪيتن کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو ۽ اسان جي انفرااسٽرڪچر کي به تباھ ڪري سگهن ٿا. جنهن جو واضح مثال اسان جي صوبي سنڌ ۾ اسان جي سڀ کان وڌيڪ پيداواري زمين جا وسيع علائقا آهن، جيڪي گذريل سال جي موسمياتي تبديلين سبب، برساتن ۽ ٻوڏن کانپوءِ مسلسل پاڻي هيٺ رهيا آهن. ڏکڻ پنجاب، چترال سميت خيبر پختونخواهه جا ڪجھ حصا به تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن. اهڙين برساتن ۽ ٻوڏن جي ڪري عام ماڻهن جي زندگيون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن جنهن جو جو انگ 3.3 ملين تائين پهچي چڪو آهي. تنهنڪري اسان کي فوري طور تي عملي قدم اڳواٽ ئي کڻڻ گهرجن ۽ بين الاقوامي معاهدن جي نتيجن تي عمل درآمد جو انتظار بجاءِ پنهنجي مدد پاڻ ملڪي سالميت ۽ درپيش مسئلن جو حل ڪڍي سگهون، ٻي صورت ۾ تمام دير ٿي ويندي.

اسان جي عوام جي راءِ کي متحرڪ ڪرڻ سان حڪومت کي عملي ۽ ٺوس قدم کڻڻا پوندا ته جيئن وڏن ۽ ننڍن صوبن جي ضرورت مطابق ڊيم ٺاهڻ، ٻوڏ جي پاڻي کي ڪڍڻ يا ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت، روڊن، ريل گاڏين يا روڊن لاءِ بندن ۽ پُلن جي اوچائي وڌائڻ جو عملي ڪم ڪري سگهون. جيئن انهن جي ٻيهر ترتيب، ڊرينيج ڪراس ڍانچي جي بهتري، فضائي ۽ زميني سروي ذريعي سڀ کان وڌيڪ واضح طور تي خطرناڪ علائقن جي نشاندهي ڪئي وڃي، ڳوٺن کي مٿانهين زمين تي منتقل ڪرڻ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي وهڪري کي روڪڻ لاءِ ٻوڏ جي پاڻي کي موجوده ڊرينيج چينلن ۽ دريائن ڏانهن موڙڻ لاءِ ٽيمن کي تربيتي سکيا ڏني وڃي ته جيئن آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماسٽر پلان جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ پاڪستان حڪومت جي پلاننگ ڊويزن جي نگراني تحت ان جو پابند بڻايو وڃي، جنهن کي اندازي مطابق ڊزائين سان گڏ ڪنهن قابل، تجربيڪار ۽ قابل اعتماد فرم حوالي ڪيو وڃي. وسيلن جي دستيابي جي بنياد تي مختلف ادارن جهڙوڪ: واپڊا، ريلوي، صوبائي آبپاشي کاتو ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي انهن جي عمل کي ايندڙ ٽن کان پنجن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ مرحليوار مڪمل ڪري سگهي ٿو. اسان کي ڪڻڪ، ڪپھ، اناج ۽ چانور وغيره جي فصلن جا نوان قسم به تيار ڪرڻ گهرجن جيڪي بيٺل پاڻي، گهڻي برسات ۽ ڏڪار واري حالتن ۾ پوکي سگهجن. اهڙا منصوبا وڌيڪ آمدني پيدا ڪرڻ ۽ غريب ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي آڻي سگهندا. مجموعي طور تي خوشحالي آڻيندا ۽ اسان جي عوام کي هڪ نئين سوچ ۽ اميد ڏياريندا. اهڙو تجربو بعد ۾ ٻين ترقي پذير ملڪن کي پنهنجي حالتن مطابق تبديلي آڻڻ ۾ فائديمند ٿي سگهي ٿو. اسان جي قابليت ۽ گنجائش کان وڌيڪ سمورن ميگا پروجيڪٽس تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ پائيدار ۽ مسلسل فنڊنگ جي ضرورت پوندي. اسان کي نه رڳو نئين ٽيڪنالاجي جي مدد سان ضروري سروي ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي گهٽ بجيٽ جي انتظامن ذريعي هڪ معمولي شروعات ڪرڻ گهرجي، پر پرڏيهي امداد ڏيڻ واري ايجنسين خاص طور تي ورلڊ بئنڪ جي دلچسپي وڌائڻ گهرجي. جنهن ذريعي ملڪي موسمياتي ۽ ترقي لاءِ عالمي مدد جي ضرورت تي ڌيان ڏنو وڃي. حالانڪه ورلڊ بئنڪ  ٻوڏ ۾ پيدا ٿيندڙ کاڌ خوراڪ جي بحران پاڪستاني عوام جي معيشت کي موسمياتي تبديليءَ جي ڪري وڌيڪ تباهي کي روڪڻ لاءِ تڪڙي ڪارروائي لاءِ جاڳرتا ڪال مهم جو آغاز ڪيو وڃي ته جيئن تيز رفتار موسمياتي تبديلي جي عمل کان معيشت کي جھٽڪن کان بچائي سگهجي، اهڙي مشڪل وقت کان بچڻ لاءِ پاڪستان ۾ وڌيڪ پائيدار ۽ جامع ترقي جي راھ کي محفوظ بڻائي سگهجي. جڏهن ته ترقي يافتا دنيا وٽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ معاشي لچڪ پروگرام ۽ معاشي روڊ ميپ تيار هوندو آهي. چين، آمريڪا، سعودي عرب، يو اي اِي ۽ قطر جهڙن دوست ملڪن کي به انهن منصوبن ۾ اسان جو گڏيل پارٽنر بڻجڻ لاءِ قائل ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو انهن جو اخلاقي فرض آهي خاص ڪري ترقي يافتا دنيا جا جيڪي ملڪ بنيادي طور تي گلوبل وارمنگ جا ذميوار آهن ۽ هنن ملڪن جي مدد سان اسان ڪميونيڪيشن ۽ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. ساڳي طرح اهڙن ملڪن جي تعاون سان سيڙپڪاري کي به بهتر شرح تائين کڻي اچي سگهون ٿا، آزاد واپار، وچ ايشيا جي ملڪن، چين، وچ اوڀر ۽ اولھ کان اتر کان سامان جي نقل و حرڪت کي آسان بڻائي سگهجي ٿو.

اها انتهائي خطرناڪ ۽ تڪڙي صورتحال آهي، جنهن لاءِ سياسي استحڪام، پاليسين جي تسلسل، امن امان جي سٺي ماحول ۽ دهشتگرديءَ جي سرگرمين کي ختم ڪرڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائي سگهجي. سٺي ساک رکندڙ ادارن کي درخواست ڪري سگهجي ٿي ته هو اهڙن منصوبن جي نگراني ڪن ته جيئن فنڊن جي غلط استعمال کي روڪي سگهجي ۽ اسٽريٽجڪ پروگرام بروقت مڪمل ڪري سگهجي. جيئن قدرتي توڙي هٿرادو مصيبتن جو آساني سان مقابلو ڪري سگهجي.