پاڪستان سميت عالمي ماحولياتي گدلاڻ ۽ وقفي وقفي سان غير متوقع موسميات جي تبديلي جا ذميوار دنيا جا وڏا ترقي يافتا ملڪ آهن، جيڪي اوزون تھ ۾ 90 سيڪڙو ڪاربن خارج ڪري رهيا آهن ۽ انهن ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان صرف هڪ سيڪڙو ڪاربن اوزون جي تھ ۾ خارج ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان سميت ٻيا ڪيترائي ترقي پذير ملڪ سخت متاثر ٿي رهيا آهن. اسان جي ملڪ جي ماحوليات جي ماهرن کي گهرجي ته هو پنهنجي ملڪ جي استحڪام لاءِ اقوام متحده جي فورم تي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ هٿرادو موسمي تبديلي جي بقا جي جنگ جو ڪيس سنجيدگي سان رکڻ کپي، اهڙي موسمي تبديلي جي ڪري ترقي پذير ملڪن جي معيشت تباهي ڪناري تي پهچي سگهي ٿي. موسمي تبديلين جي ڪري دريائن، فصلن، سميت زميني نقصان جا خطرات کي منهن ڏيڻ خاص طور ترقي پذير ملڪن لاءِ انتهائي مشڪل عمل آهي، اهڙي عمل خلاف پئرس معاهدو ۽ ڪيوٽو پروٽوڪول پاليسي جو قانون موجود آهي، پر اهو معاهدو وچولي ۽ ڊگهي مدي واري نوعيت جو آهي، اهڙي قانون کي مڪمل طور تي لاڳو ٿيڻ ۾ 50 سالن جو وقت درڪار آهي ۽ ايستائين اهو قانون سڀني ملڪن لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي اوزون جي پرت جي مرمت ڪرڻ ۾ اڃان پنجاھ سال لڳي سگهن ٿا. هي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي اتر جبلن ۾ گليشيئرز ۾ برف جي وقت کان اڳ پگھلڻ جو سبب بڻيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جو گهڻو وهڪرو آهي جيڪو تقريبن 30 کان 40 سالن کانپوءِ گليشيئر پگهلجڻ جي ڪري پاڻي ختم ٿي سگهي ٿو. خشڪي ۽ گرمي جي لهرن ۽ وڏي پيماني تي ٻيلن ۾ لڳل باھيون، سامونڊي لهرون، طوفان وغيره، ڪئناڊا، آمريڪا، يورپ، چين، هندستان، پاڪستان ۽ برصغير جي ڪنهن حد تائين ڏور اوڀر ۾ تباهي مچائي سگهي ٿو.