ايڊيٽوريلنئون

ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ خطرناڪ اضافو

            پاڪستان کي پوليو فري ملڪ بڻائڻ لاءِ ڪجهه سال اڳ اسين هڪ قدم پويان هئاسين. جڏهن اسان وٽ پوليو جو رڳو 1 ڪيس هو. دنيا ۽ ملڪ جا صحت سان لاڳاپيل ادارا مطمئن هئا ته طب جي شعبي ۽ پوليو ورڪرز پنهنجي محنت سان پوليو کي خاتمي جي طرف وٺي وڃي رهيا آهن، پر هن سال 8 نومبر تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو جا 48 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. يقينن ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن کان وٺي اسانجا صحت جا وفاقي ۽ صوبائي کاتا ڳڻتي ۾ هوندا. ڇاڪاڻ جو پوليو هڪ پکڙجندڙ مرض آهي. دنيا ۾ جيڪڏهن هڪ به پوليو جو ڪيس آهي ته اهو ٻين ماڻهن ۾ پوليو کي جنم ڏئي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ جيئن جيئن پوليو متاثرين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ته دنيا جي صحت جي عالمي ادارن خاص طرح ڊبليو ايڇ او کي انهيءَ سلسلي ۾ گهري تشويش آهي. پاڪستان ۾ پوليو جي ڦهلاءُ ۾ ٻيهر شدت اچي وئي آهي.

            جيئن اسان مٿي ذڪر ڪيو ته 48 ڪيس اڃا تائين رپورٽ ٿي چڪا آهن. عالمي اداره صحت خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان مان پوليو وائرس دنيا جي ٻين ملڪن ۾ منتقل ٿيڻ جو سنگين خطرو موجود آهي. سال 2023 جي ٻين ٽماهي کان پاڪستان ۾ پوليو وائرس جي ڦهلاءُ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اها رپورٽ به عالمي ادارن جي آهي. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته پوليو جي مهم سالن کان هلي رهي آهي ۽ اسان لڳ ڀڳ پوليو تي قابو پائي رهياسين، پوءِ هي ڇا ٿيو جو پوليو جون ريگيولر مهمون به هلي رهيون آهن. ڊاڪٽر، طبي عملو ۽ پوليو ورڪرز ملڪ ۾ لاڳيتو ڪم ڪندا رهيا آهن. پوءِ اهو ڇا ٿيو آهي جو نتيجو بهتر نه پيو اچي ۽ پوليو جا ڪيسز وڌي رهيا آهن. پوليو کان بچاءُ جي مهم ۾ هاڻي شايد انهيءَ ڳالهه جي ضرورت آهي ته ماڻهن ۾ آگاهي جي مهم هلائي وڃي ته پوليو وائرس انهن جي ٻارن لاءِ ڪيترو تڪليف ڏيندڙ آهي. پوليو وائرس انهن جي ٻارن کي معذور ڪري ڇڏيندو ۽ دنيا ۾ پوليو جي ڦهلاءُ جو سبب پڻ بڻبو. ڪجهه سالن کان اسين ڏسون پيا ته اسانجي سماج جون ڪجهه طاقتور ڌريون پوليو جي مهم جي خلاف ٿي بيٺيون آهن، اهي ماڻهو هڪ طرف پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ پوليو مهم لاءِ نڪرندڙ عملي تي حملا به ڪن ٿا. ڪجهه سالن کان اهو لقاءُ اسانجي معاشري ۾ ڄڻ عام ٿي ويو آهي. ٿوري پگهار تي ڪم ڪندڙ پوليو مهم جا رُڪن ڄڻ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي پوليو کان بچاءُ جو ڪم ڪري رهيا آهن. آگاهي جي ڳالهه ٻن طرفن کان ڪئي وڃي. اسانجي تعليمي ادارن جي ذريعي ۽ علائقي جي سياسي ڌرين جي ذريعي ته پوليو جا ڦُڙا پيارڻ ڪيترو نه فائديمند آهن. دنيا جا ملڪ، ڊبليو ايڇ او ۽ ملڪ جا طبي ادارا انهيءَ تي وڏي رقم سيڙائي رهيا آهن ته جيئن پوليو جڙ کان ئي ختم ڪري سگهجي. اسان مٿي تعليمي ادارن جي ذريعي ۽ علائقي جي سياسي ڌرين جي ذريعي صرف هڪ ڳالهه جيڪڏهن سڄي ملڪ جي مائرن طرف ڦهلائڻ ۾ ڪامياب وڃون ته اسين ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ائين ڇو آهي جو اسان جو سماج پنهنجي اولاد جو سڄڻ ثابت ٿي نه سگهيو آهي. پوليو هڪ خطرناڪ وچڙندڙ بيماري آهي. جنهن جي خاتمي لاءِ ملڪ ۾ هزارين ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي انهيءَ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن. سواءِ آگاهي جي اسان وٽ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. سنڌ ۾ پوليو جا ٻه وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ انهن جو تعداد 48 ٿي ويو آهي. پوليو لڳي ٿو ته هڪ وڏي خطري جي طور تي اسان وٽ جنم وٺي رهيو آهي.

            پاڪستان ۾ جن علائقن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، انهن ۾ اهڙا صوبا سرفهرست آهن، جتي مختلف سببن جي ڪري پوليو مهم موثر طور تي هلائي نه سگهي وئي آهي. اسين سرڪار کان اها اميد ٿا ڪريون ته اها پوليو ٽيم کي تحفظ ڏئي ته جيئن اهي انهن جڳهين تي پهچي سگهن جتي پوليو مهم موثر طور نه هلائي وئي هجي. ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي ڏسندي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته پوليو جي خاتمي لاءِ گذريل سالن ۾ حاصل ٿي وڃڻ واريون ڪاميابيون ضايع ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. اسين طب جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ پوليو لاءِ ڪوششن کي مڃون ٿا ۽ اسين سرڪار کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته پوليو جي خاتمي جي مهم هلائيندڙ طبي عملي جي همت افزائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف سماج ۾ آگاهي جي مهم هلائي وڃي ته هڪ ٻار لاءِ پوليو جا ڦڙا پيئڻ ايترو اهم آهن جو اهي هن کي محتاج زندگي کان بچائي سگهن ٿا.