ٻولين جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر هر ٻولي انگريزيءَ جي مقابلي ۾ ٽيڪنيڪل ٻولي جي گهرج پوري نٿي ڪري سگهي، اها ڳالھ به مڃون ٿا ته انگريزي ٻوليءَ جو هاضمو ڀلو آهي، هن ٻوليءَ ۾ هر ٻوليءَ جا لفظ سمجائجي سگهجن ٿا، عربي ٻوليءَ جا لفظ طب جي ميدان ۾ يا ٽيڪنيڪل ٻولي جا لفظ، جاپاني، لاطيني، فرانسيسي ۽ اطالوي ٻولين جا لفظ به سمائي کڻي ٿي هلي جو هاڻي موبائيل کان وٺي ڪارين ۽ گاڏين تائين جيڪي به لفظ ٺاهين جوڙين ٿا، اهي ائين ٿا لڳن ڄڻ انگريزي ٻوليءَ جا هجن، ان ڪري جو ٻولي ڪهڙي به هجي انگريزي ٻولي ان کي کاٻي پاسي کان لکي، لکرائي پنهنجي حيثيت مڃائي ٿي ويهي. مثال طور: طالبان جهڙو لفظ نائين اليون کان پهرين نه هو يا ٽيريرزم يا ڊرون اٽيڪ جهڙا لفظ نائين اليون کان پهرين نه هئا. وري موبائيل جي اچڻ سان يا گاڏين جي ايجاد وڌڻ سان لفظن جا انبار لهي پيا، ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ دوائن کان وٺي بيمارين جا نالا به انگريزي زبان ۾ اچي ٿا وڃن. ان ڪري انگريزي جي ان وسيع ۽ عريض هاضمي يا ڦهلاءَ کي نندي نٿو سگهجي، پر انهن لفظن جي آجيان هجي ٿي، ٻيون ٻوليون جيڪي هن جي مقابلي ۾ هجن به پر ايتري وڏي پيماني تي مقابلي جي سڪت نه ٿيون ساري سگهن. مثال چائنا ڀلي ڪيتري به گهڻي ايجاد ڪري، موبائيلن کان وٺي گاڏين کان وٺي گهريلو استعمال جون شيون يا هوم اپلاينسز کان وٺي جهازن تائين ايجاد به ڪري، ته به ان کي پنهنجي چيني ٻوليءَ کي رومن انگريزيءَ ۾ لکي ماڻهن کي ٻڌائڻو پوندو، ان ڪري ته چائنا پاڻ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي پي ايڇ ڊي پروگرام به انگريزيءَ ۾ آفر ٿو ڪري. ٻوليءَ جي گهرج پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن ٻوليءَ جي ٽيڪنيڪل گهرج هوندي ته جيڪي به ايجاد يا موجد ملڪ آهن، اهي جيڪڏهن انگريز آهن ته صحيح آ، پر اهي جيڪڏهن غيرانگريز آهن ته به انهن کي انگريزيءَ جو سهارو وٺڻو پوندو، نه ته ڪير مارڪيٽ ۾ انهن جي ٻولي نه سمجهندو، ڪير انهن جي مارڪيٽنگ به نه ڪندو ۽ ڪير انهن کان شيون به خريد نه ڪندو.