بلاگنئون

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ فن ۽ شخصيت 

ڪجهه شخصيتون اهڙيون آهن جن جي ذڪر ڪرڻ لاءِ سوچجي ٿو ته ابتدا ڪيئن ڪجي؟ علمي ميدان هجي توڙي ادبي يا سماجي ڪم هجن، هو پنهنجي شخصيتن ۾ هڪ ادارا آهن علم جون يونيورسٽيون آهن. اڄ مان اهڙي شخصيت جو حال احوال لکڻ ٿو چاهيان جيڪا پنهنجي، پر ادب جي پاڻ يونيورسٽي آهي، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هن جون خدمتون ڳڻجن ته بيشمار ۽ اڻ کُٽ ملنديون. سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ بيشمار عورتون آهن جن ۾ آپا شمس عباسي، مهتاب اڪبر راشدي، دادي ليلا وتي هرچنداڻي، ماهتاب محبوب ۽ اهڙيون بيشمار شخصيتون جن جو شمار سنڌ ڌرتي تي وڏي فخر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي انهن لازوال شخصيتن مان “ادي پروين موسي’ ميمڻ” به هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌ واسي بجا طور فخر ڪن ٿا. پنهنجي، پر علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ شخصيت نه، پر هڪ ادارو آهن، مون کي خوشي آهي ته مان سنڌ جي هڪ قدآور شخصيت ڊاڪٽر پروين موسي’ ميمڻ جو  پروفائل پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچائي رهيو آهيان.

ڏيپلو شهر علم و ادب جي ميدان ۾ هميشه نالي وارو شهر رهيو آهي، سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان جي ڏاهن، دانشورن، تعليمدانن ۽ اديبن جو ذڪر ڪجي سڄي سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو ڏيپلي جا نڪرندا، هنن مان صرف محمد عثمان ڏيپلائي جو ذڪر ڪجي ته ادبي کيتر ۾ سندس نالو افق تي روشن ستاري جيان اڄ به چمڪي رهيو آهي.

ٿرپارڪر جي شهر ڏيپلي جي مشهور ۽ معروف، شخصيت محترم محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر 20 نومبر 1958 تي هڪ نياڻي جنم وٺي ٿي جنهن جو نالو پروين رکيو وڃي ٿو، جنهن جي پيدائش ڏيپلي ۾ ئي ٿي.

محمد موسيٰ ميمڻ جيڪو اڳتي هلي سرڪاري نوڪري ۾ مختيارڪار جي حيثيت وٺي ٿو، هن جي ٻارنهن اولادن (ست پٽ ۽ پنج نياڻين) ۾ پروين جو شمار پنجين نمبر تي آهي.

پروين موسيٰ ميمڻ جي نالي سان مشهور ٿيندڙ علمي ۽ ادبي شخصيت جي پرائمري تعليم سندس والد صاحب جي مختيارڪار واري نوڪريءَ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ بدلي ٿيڻ سبب سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ: ڏيپلو، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽو، ماتلي ۽ مٺي مان ٿي. اهڙي طرح تعليم جا مختلف مرحلا طئي ڪري هن ماسٽرس جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون، جنهن ۾ ايم. اي انگريزي ادب، ايم. اي ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي ادب) ۾ آهن. سنڌ جي انتهائي نالي واري شخصيت پروين جي شادي 18 جولاءِ 1976 تي ٿي، ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد اٿس، جي ٽئي اعليٰ تعليم يافته آهن. پاڻ نوڪري جا مختلف مرحلا طئي ڪري ايسوسئيٽ پروفيسر ڪاليج تعليم کاتي مان 2018 ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ هن وقت ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن.

هن وقت ڊاڪٽر پروين جو شمار سنڌي ادب جي مٿانهين درجي تي شمار ڪيو وڃي ٿو، هي انهن ليکڪائن مان آهي جنهن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪندي تمام گهڻو لکيو آهي. ادبي ميدان جي کيتر ۾ پير پائيندي سندس پهرين ڪهاڻي 1973 ۾ “سگهڙين سٿ” هلال پاڪستان ڪراچي جي صفحي ۾ شايع ٿي. اهڙي طرح سنڌ جي نڪرندڙ اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن ۾ سندس مواد اڄ تائين ڇپجندو رهي ٿو. توڙي جو سندس پهريون ڪتاب دير سان ڇپيو، پر پهرين ئي ڪتاب “سنڌي ادب جو جائزو” 2004 ۾ ڇپيل کي وڏي پذيرائي ملي ۽ هن ڪتاب شهرت ماڻي ۽ ان جي وڏي پذيرائي سندس خوشين ۽ نالي ۾ اضافو ڪيو. سنڌ جي سدا بهار ليکڪا جا هيستائين هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شمار سنڌي ادب جي انهن اديبن جي لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جن جا ڪتاب وڌ ۾ وڌ ڇپيا آهن ۽ سندس ادب سان ڪيتري دلچسپي آهي، اهو هيٺين ڪتابن جي فهرست مان ظاهر آهي.

  1. سنڌي ادب جو جائزو 2004ع، 2. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس 2008ع، 3. اٿي رائو ريل (تنقيد) 2009ع، 4. آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيف شناسي) 2009ع، 5. سون ورنيون سوڍيون 2009ع، 6. وکر سو وهاء 2010ع، 7. اخلاقي قدر (ٻالڪ ادب مضمون) 2010ع، 8. عالم سڀ آباد ڪرين (لطيف شناسي) 2015ع، 9. پلئه پايو سچ (مضمون) 2015ع، 10. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ) 2015ع، 11. گلدستو (مضمون) 2017ع، 12. سنڌي ادب (ايم سي ڪيوز) 2018ع، 13. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو (پي ايڇ ڊي مقالو) 2020ع، 14. ٽي تحفا (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2021ع، 15. شرارتي جن (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2022ع، 16. پوپٽ ۽ گلاب (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2023ع، 17. شهزادي ماھه نور (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2023ع، 18. ثاقب جي آئيس ڪريم (ٻالڪ ڪهاڻيون) 2023ع، 19. سهڻا سخن 2023ع، 20. جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (تحقيق) 2023ع، 21. سنڌي نثر جو جديد مطالعو (آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاري تائين) (تحقيق) 2023ع، 22. ويهه تولا سون  (ڪهاڻيون، افسانا) 2024ع، 23. انوکو رازو (ٻالڪ ادب) 2024ع، 24. سائنسي ميلو 2024ع، 25. امر انسان (ٻالڪ ادب سوانحي مضمون) 2024ع، 26. معلومات جو خزانو، 2024ع. ڊجيٽل ڪتاب: 27. ماڻڪ موتي لال (مضمون ۽ مقالا)، 28. پکراج پري (ٻالڪ ادب ڪهاڻيون)، 29. سدا وسين تون، 30. ”ڊاڪٽر پروين هڪ جاکوڙي محققا“ ترتيب ڊاڪٽر ياسر رضا. اڻ ڇپيل ڪتاب: 31. حويلي ۽ کليل آسمان (ترجمو ڪيل افسانا)، 32. تو ۾ ديرو دوست جو (لطيفيات)، 33. سماج سڌارڪ انقلابي اديب محمد عثمان ڏيپلائي تاريخ جي آئيني ۾، 34. ارباب جي هوشياري    (ٻالڪ ادب)، 35. اچو ڙي ٻارو (ٻالڪ ادب: ڪهاڻيون)، 36. ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا انٽرويوز، 37. اونداهيءَ ۾ روشني (نصيحتي نقطا ۽ حڪايتون، ٻالڪ ادب)، 38. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ادبي خدمتون، 39. سنڌي شاعري جي تاريخ، 40. سنڌي نثر جي تاريخ، 41. هلڻ منهنجو هوت ڏي (سفرنامو)، 42. مفتي منجھه ويهار (آتم ڪهاڻي)، 43. جي پارکو پارس جا (لطيف شناسي)، 44. پاڪستان ادب ڪي معمار ڊاڪٽر فهميده حسين شخصيت اور فن (اردو) 45. صحت ۽ زندگي، 46. ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا (سوانح)، 47. شاهه لطيف جي جيون جيئڻ جي  فلاسافي (لطيف شناسي)، 48. جنرل هسٽري (پي سي ايس)، 49. ڀٽ جو ڀٽائي (لطيفيات: ٻارن لاءِ)، 50. سدا حيات شاعري (لطيفيات).

سنڌ جي تحقيقي ادب جي نالي واري ليکڪا جي اندازن 50 ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هن سدائين پڙهيو آهي، تحقيق ڪئي آهي ۽ لکيو آهي. هن وقت به سندس قلم هر وقت انهيءَ جستجو ۾ رهندو آهي ته ڇا لکجي ۽ لکبو ئي رهجي ۽ سدائين لکندي رهندي آهي. مون کي لڳي ٿو هي عظيم ليکڪا ننڊ جا چار پهر به آرام ڪونه ڪندي هوندي، سدائين قلم ۽ ڪاغذ سان جنگ جوٽيندي رهندي هوندي. لکڻ ۽ ڪتابن جي اها رفتار رهي ته انشاءَ الله ڊاڪٽر پروين سنڌي ادب جي سڀ کان وڌيڪ ڪتاب لکڻ جا رڪارڊ ٽوڙيندڙ ليکڪا ٿي ويندي.

سنڌ جي عظيم ليکڪا ميمڻ صاحبه جو ايڏو سارو ڪم ڏسي آئون ته دنگ رهجي ويس، جنهن جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 26 هجي، ۽ ايندڙ ڪتابن جي تعداد سان ڪتابن جو تعداد 50 تي پهچي ته منهنجي ذهن ۾ يڪدم اها ڳالهه آئي ته هن مايا ناز جاکوڙي ليکڪا جو قدر ڪيترو ٿيو آهي؟ اهو سوال اسان پنهنجو پاڻ کان، ادارن کان ۽ ادبي کيتر وارن کان ضرور ڪندس، پر تاريخ ادي پروين جو قدر ضرور ڪندي ۽ سندس نالو سنهري اکرن سان لکيو ويندو، مون کانئس سوال ڪيو ته سنڌي ادب جي تاريخ لاءِ توهان هيترو سارو ڪم ڪيو آهي. توهان جي ڪتابن ۾ فڪشن نظر ئي نه آيو آهي توهان يا ٻالڪ ادب تي ڪم ڪيو آهي يا ته سنڌي ادب جي تاريخ ۽ تحقيق تي ڪم ڪيو آهي ٻيو ته سنڌ جي ڪهڙن ادارن توهان سان ڪتابن ڇپائڻ جي سلسلي ۾ مدد ڪئي آهي؟

جواب ۾ ادي ورندي ڏني ته مون ڪهاڻيون لکيون به آهن ۽ ترجمو به ڪيون آهن جن جا ٻه ڪتاب “ويهه تولا سون” ۽ “حويلي ۽ کليل آسمان” آهن، پهريون وارو ڇپجي ڪافي مقبول ٿيو آهي. باقي غمزده ٿيندي سنڌ جي ادارن مان انتهائي گهڻي مايوس نظر آئي، هڪ ٻه مثال ڏيندي هن چيو  لطيف چيئر جي چيئرمين محترم سليم ميمڻ، مون کي منهنجو لطيف شناسيءَ تي ڪتاب “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، لطيف چيئر طرفان واپس ڪيو ته هي ڪتاب چيئر جي ڇپائيءَ جي ذمري ۾ نٿو اچي. جڏهن ته موضوع جي حوالي سان اڄ تائين لطيف شناسيءَ تي اهو هڪڙو ئي ڪتاب آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراهيم جويو، قاضي نبي بخش (جرمنيءَ مان خط لکي) ساراهيو آهي، ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، پر شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ وارن ڪونه شايع ڪيو. سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر غفور ميمڻ  منهنجي منظور ٿيل ٿيسز واپس ڪئي انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪلچر کاتي ۽ ٻئي ڪنهن به اداري مون سان ڪڏهن به تعاون نه ڪيو ۽ ڪنهن به اداري منهنجو هڪ ڪتاب به نه ڇپرايو آهي.

هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجي پوري حياتي ادب ۽ ڪتابن کي ڏيندڙ سنڌ جي جاکوڙي ڪردار پوءِ به مايوس نه آهي هن جا حوصلا اڄ به بلند آهن، توڙي جو هن جو آواز ادارن جو ذڪر ڪندي ڀرجي ٿو اچي. تڏهن به باهمت ۽ حوصلن سان چوي ٿي، ادارا تعاون نٿا ڪن ته ڇا ٿيو، سنڌ جا پڙهندڙ منهنجا ڪتاب پڙهندا ۽ سنڌ جي تاريخ منهنجو نالو سنهري اکرن سان لکندي ته ڄڻ مون کي سڀ ڪجهه ملي ويندو ۽ ڄڻ منهنجون محنتون ساڀيائون حاصل ڪنديون. بس منهنجون ڪاوشون مون جيڪي سنڌي ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن، اهي تاحيات جاري رهنديون، نيٺ ته منزل ملندي نيٺ ته ساڀيان ملندي مون کي سنڌي ادب جي استاد جي حيثيت رکندڙ، پنهنجي پسنديده ليکڪن ۾ سندري اتم چنداڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، ماهتاب محبوب، عطا محمد ڀنڀرو، عزيز گوپانگ، پروين شاڪر ۽ فيض احمد فيض کي پسند ڪري ٿي. جڏهن ته شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پسند ڪندڙ نثر ۾ شمس العماء مرزا قليچ بيگ کي سنڌي نثر جو ابو مڃي ٿي، جڏهن ته سياست کيس پسند ڪونهي.

علمي ۽ ادبي شخصيت پروين موسي’ ميمڻ کي علم ۽ ادب جي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊن، شيلڊن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ لطيف ايوارڊ،HEC  ايوارڊ، انجمن ترقي پسند مصنفين، سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت جا ايوارڊ قابل ذڪر آهن. سنڌ جي سٻاجهڙي شخصيت واري ليکڪا لکڻ پڙهڻ کانسواءِ هميشه عملي ميدان ۾ به سرگرم رهيون آهن، ناري سنگت، سنڌي ادبي سنگت، سگا، سنڌي اردو فائونڊيشن جي سرگرمين ۽ ادبي ڪلاسن ۾ شامل رهيون آهن. انتهائي مانائتي شخصيت جي مالڪا ميمڻ  صاحبه عزت وٺڻ به ڄاڻي ۽ عزت ڪرڻ به ڄاڻي، الله پاڪ کيس عزت، احترام، نياز، نوڙت، رواداري، نيازمندي، محبتن، محنتن، خلوص ۽ بهترين جذبن جي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي. کانئن پسند جي حساب سان سوال ڪيم جواب ڏيندي چيائين، پسنديده شهر هوائن ۽ محبتن وارو شهر حيدرآباد آهي جتي مون زندگي جو وڏو حصو گذاريو آهي.

ڪپڙن ۾ پسنديده رنگ اڇو ۽ ڪارو، موسم جي پسند بابت چيائين سڀ موسمون سٺيون آهن جي اندر جي موسم سٺي هجي، موسم اها پسند اٿم جنهن ۾ شدت نه هجي، نه گرمي جي نه سردي جي شدت، هونئن به ٻنهي موسمن جي شدت مون کي اڌ مٿي جو سور(Migrain)  وجهندي آهي. پهرن ۾ صبح صادق جو ٿڌڙو ٿڌڙو پهر وڻندو اٿم، خوشبوئن ۾ گلاب جي معطر خوشبوءِ، کاڌن ۾ چائنيز ۽ ديسي کاڌا. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق پنهنجي اولاد جي تخليق کي قرار ڏئي ٿي. منافقت، ڪوڙ ۽ ڪاوڙ کي دل تي بار ٿيندڙ خامي سمجهي ٿي. فنڪارن ۾ جيجي زرينا بلوچ ۽ سرمد سنڌي جا آواز سدائين وڻندا اٿم. زندگي ۽ موت بابت چيائين، زندگي وقتي حقيقت آهي ته موت  اٽل حقيقت آهي، هن دنيا ۾ جيڪو آيو ان کي اوس وڃڻو آهي، اڳيان جي لاءِ ثمر جي سوچ رکڻ گهرجي.

خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو هجي؟

ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب هو جو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽريٽ ڪري پورو ڪيو. پيار ڇا آهي؟ جو مختصر جواب ڏنائين سچو پيار لافاني آهي.

زندگي کان ڪا شڪايت…؟

زندگي سان ڪابه شڪايت نه آهي، رب پاڪ جون وڏيون مهربانيون آهن.

عورت ۽ مرد بابت چيائين، عورت ۽ مرد سماج جي واڌ ويجهه ۾ هڪ مضبوط ايڪائي جي حيثيت رکن ٿا، انفرادي طور هر ڪنهن جي حيثيت مسلم آهي.

رشتيدارن سان تعلقاتن بابت هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي انتهائي محبت ڪندڙ شخصيت جي جواب ۾ به محبت هئي، چيائين رشتيدارن کي يا ڪنهن به ماڻهوءَ کي توهان عزت ڏيندا، پيار ڏيندا تڏهن موٽ ۾ ملندو، الحمدالله مون کي ڪنهن مان به ڪو مسئلو ڪونهي ۽ ماشاءَ الله منهنجي ڪٽنبي زندگي انتهائي سٺي آهي.

سڀ کان وڌيڪ عزيز هو پنهنجي اولاد کي سمجهندي آهي، چيائين پنهنجي اولاد کي ئي هر ماءُ سڀ کان وڌيڪ عزيز سمجهندي آهي.

سنڌ جي انتهائي مان واري ۽ گهڻ رخي شخصيت پروين موسيٰ کان سڀ کان وڌيڪ ملندڙ خوشي بابت پڇيم ته چيائين، “حج بيت الله نصيب ٿيم، اهو حج انهيءَ سال حج اڪبر هو، اها خوشي وسري نٿي، ڌڻي سڳوري جا لک ٿورا ۽ لکين احسان آهن، جنهن خوشنصيبي عطا ڪئي ۽ انهيءَ کانسواءِ پي ايڇ ڊي مڪمل ٿيڻ جي خوشي به تمام گهڻي ٿي هئي.

ڪو غم جيڪو وساري نه سگهيا هجو؟

پنهنجن جي جدائي جو غم ضرور آهي.

ڪي خواهشون؟

انسان جيستائين حيات آهي خواهشن جي انبارن سان گڏ ئي جيئي ٿو. نماڻيءَ، سادگي پسند طبيعت رکندڙ اديءَ کان پڇيم ته “طبيعت ۾ ڪيئن آهيو”؟

منهنجي سوچ موجب جواب ڏنائين طبيعت جي خبر توهان کي هنن سوالن جي جوابن مان ملي وئي هوندي ته “سادگي پسند آهيان” ۽ طبيعت ۾ هميشه هاڪاري(Positive)  لاڙو رکندڙ آهيان.

آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته چيائين پڙهندڙن لاءِ پيغام اهو ئي آهي ته هو پنهنجي مقصد سان، سچائي سان، لاڳيتي محنت ڪرڻ سان ڪاميابي حاصل ڪن، اهي ئي ڪامياب ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ محنت ۽ سچائيءَ جو جذبو رکندا آهن.

نامياري ۽ سنڌي ادب جي خدمتگار پروين موسي’ ميمڻ جهڙي نموني، خاموشي سان، پنهنجي منهن ڪم ڪري رهي آهي، مون کي ايترو اندازو  نه هو ته هن سنڌي ادب جي ڪيتري خدمت ڪئي آهي، پر پروفائل لکڻ مهل جڏهن انٽرويو ورتم ته مون کي اندازو ٿيو ته پنهنجي منهن جيڪي ڪم ڪندا آهن اهي ڪمال جو ڪم ڪندا آهن، بنا ڪنهن اداري جي سهاري، شهرت جي لاءِ يا اسٽيجن تي ويهي نالي ڪمائڻ لاءِ يا ادبي لابين جي پويان تاڙيون وڄائي اڳتي نڪري اچڻ لاءِ، پر مون هميشه اهو محسوس ڪيو آهي ته ادي پروين انهن سڀني شهرتن کان پري رهي گهر جي هڪ ڪمري ۾ ويهي سنڌي ادب جي ڪيتري ته وڏي خدمت ڪري رهي آهي. هوءَ حق تي سنڌي ادارن کان مايوس آهي ته هن جو حق ادا نه ڪيو ويو آهي جيترو هوءَ لهڻي، هن جو پروفائل پڙهي پڙهندڙ به اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سنڌي ادب جي ادارن هڪ عورت ليکڪا جي اڳيان وڌڻ ۾ ڪيتري سچائيءَ ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي؟ هن پنهنجي لاءِ ڪجهه نه گهريو آهي، رهندو هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهي آهي.

منهنجي دعا آهي ته سنڌي ادبي تاريخ ۾ هوءَ نيون تخليقون ڪندي رهي، الله پاڪ هن کي صحت واري وڏي حياتي بخشي، هوءَ سنڌ جي تاريخ ۾ نوان رڪارڊ جوڙي پنهنجو نالو سنهري اکرن سان انشاءَ الله لکرائيندي، سندس حوصلا بلند ۽ عزم پختو ۽ جذبا پرخلوص آهن. سدائين هن جو نالو سنڌي ادب جي افق تي چوڏهين جي چنڊ جيان ستارن جي ڪهڪشائن ۾ جرڪندو رهي. پاڻ سدائين مرڪندي ۽ مهڪندي رهي. “ادي پروين موسيٰ ميمڻ سنڌ توهان تي فخر ڪري ٿي.”

***