ڊسمبر جي 23 تاريخ تي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊگريون ورهائڻ جي تقريب ٿي، جنهن جو مهمان خاص بلاول ڀٽو زرداري هو. سنڌ يونيورسٽي جي هڪ تاريخ آهي ان تاريخي يونيورسٽي ۾ بلاول ڀٽي جو اچڻ سندس لاءِ مان هو. ان سان وزيراعليٰ سنڌ پڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي. شاگردن کي خطاب ڪندي تعليم جي طاقت بابت ٻڌايو ته تعليم هٿيار سان گڏ زيور پڻ آهي جيڪو اوهان کان ڪير به کسي نٿو سگهي. ان ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون، ايم فل ۽ ماسٽرز جون ڊگريون حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هئا، انهن سڀني کي بلاول ڀٽو زرداري مبارڪ ڏيندي کين ٻڌايو ته دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اوهان وٽ تعليم ڊگري جي روپ ۾ اهڙو هٿيار آهي جيڪو اوهان کان ڪير به کسي نٿو سگهي. انهيءَ هٿيار جي ذريعي اوهان پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي دنيا سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلڻ جي لائق بڻائي سگهو ٿا.
تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اتحادي حڪومت تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو، پر اهو نه ٻڌايو ته ايتري ناراضگيءَ جي باوجود به پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت سان اتحاد ۾ ڇو ويٺي آهي؟ لوڊشيڊنگ جي ڳالهه ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي سرڪار ٻڌائي ٿي ته ملڪ ۾ بجلي ضرورت کان وڌيڪ موجود آهي ته پوءِ لوڊشيڊنگ ڇا جي لاءِ آهي؟ وفاقي سرڪار اسان کي ٻڌائي ٿي ته بجلي جي ڪمپنين سان مهانگا معاهدا ٿيل آهن ان ڪري بجلي مهانگي آهي. جڏهن سنڌ صوبي جي سرڪار انهن کان نئون بجلي گهر ٺاهڻ جي اجازت گهري ٿي ته وفاقي سرڪار اجازت نٿي ڏئي جيڪڏهن سنڌ صوبي کي پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي اجازت ملي ته اسان وٽ ونڊ مل لڳائڻ سان گڏ سولر مان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا جوڙي سگهون ٿا ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ڪوئلو تمام گهڻو موجود آهي جنهن تي پڻ سنڌ سرڪار بجلي گهر ٺاهي سگهي ٿي، هن وقت به ٿر جي ڪوئلي تي 3000 ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، پر سنڌ اندر بجلي پيدا ڪرڻ جي ان کان وڌيڪ امڪاني صلاحيت موجود آهي ۽ پوءِ وفاقي سرڪار کي اسين سستي بجلي ڏيئي سگهون ٿا، پر وفاقي سرڪار مهانگي بجلي ته خريد ڪري رهي آهي، پر سستي بجلي ٺاهڻ جي لاءِ رڪاوٽون وجهي رهي آهي. ان سان گڏ هن اهو به چيو ڀلي بجلي مهانگي آهي، پر ملڪ جي عوام کي بجلي ڏيو ته سهي. سنڌو درياءَ تي مجوزه ٺهندڙ ڪئنالن تي به بلاول ڀٽي چيو ته سنڌ صوبي جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن ڪئنالن بابت سخت موقف رکيو آهي ۽ صوبائي سرڪار پڻ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ وفاقي سرڪار کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ پيپلز پارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته سنڌ کي نقصان پوي. نوجوانن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي آباديءَ جو 65 سيڪڙو نوجوان آهن ۽ انهن نوجوانن کي تعليم جهڙو هٿيار مليل هجي ته پوءِ اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا سندن مستقبل روشن ڪرڻ کان روڪي سگهي. ڳالهيون تمام سٺيون هيون اسان ڪجهه گذارشون پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ اندر نوڪرين ۾ ميرٽ ٿيڻ محال ٿي چڪي آهي ان طرف ڌيان ڪير ڏيندو؟ نوڪريون وڪامجن ٿيون اهڙا الزام سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي ميڊيا ۾ لڳي رهيا آهن، پر ان طرف سنڌ سرڪار جو ڪوبه ڌيان نٿو وڃي ان طرف ڌيان ڪير ڏيندو؟ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي استادن جون نوڪريون نٿيون ملن ۽ وزير تعليم سکر ۾ وڃي انهن ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي چوي ٿو ته نوڪري نٿي ملي ته ڇولا کپايو سردار شاهه جي اهڙن بيانن کي ڪير روڪيندو، جيڪي هوشيار اميدوارن جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪي رهيا آهن ۽ نوجوانن جي دل آزاري ڪري رهيا آهن.
اسين اهو سمجهون ٿا ته تعليم کانسواءِ فرد هجي، معاشرو هجي يا ملڪ هجي ڪنهن جو به مستقبل نه آهي، پر اسين اهو به سمجهون ٿا ته يونيورسٽين ۾ ملندڙ تعليم بين الاقوامي معيار جي نه آهي ان طرف پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن ڪانووڪيشن ۾ ايندڙ سرڪاري ماڻهن ۽ سياستدانن جو اولاد انهن يونيورسٽين ۾ پڙهندو هجي. هڪ ته يونيورسٽي جو معيار بهتر نه آهي ٻيو نوڪريون ميرٽ تي نٿيون ملن ته اهو شاگرد جيڪو غربت هوندي به 18 سال تعليم حاصل ڪري ۽ ان کي ميرٽ تي نوڪري نه ملي ان جي ازالي ڪرڻ جي لاءِ به بلاول ڀٽو زرداري کي ضرور سوچڻ گهرجي.