پاڪستان اندر پابندي مڙهيل تنظيمن جون سرگرميون عالمي برادريءَ کي افغانستان ڏانهن آڱريون کڻڻ تي مجبور ٿيون ڪن، جنهن جو اشارو اهو آهي يا ڏَسَي رهيون آهن ته دهشتگردن جا ٺڪاڻا اتي ئي آهن، پر افغان طالبان اڳواڻ پاڪستان تي زور ڀري رهيا آهن ته هو گڏجي امن لاءِ ڳالهيون ڪن ۽ انهن ڀائرن (ٽي ٽي پي) کي صلاح ٿا ڏين، جيڪي ساڻن وڙهندا رهيا آهن، سي گڏ ٿين ۽ ڳالهيون ڪن. افغان طالبان خانگي طور تي پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هو سڌيءَ طرح ڳالهين ۾ شامل ٿين ته جيئن ٻن ڏهاڪن کان جاري تڪرار کي ختم ڪيو وڃي، جنهن ۾ هزارين جانيون ضايع ٿيون ۽ قبائلي علائقي ۾ ماڻهو وڏي پئماني تي بي گهر ٿيا، پر اهو پهريون ڀيرو آهي ته افغان طالبان ان موضوع تي عوامي سطح تي ڳالهائڻ جو اشارو ڏنو آهي، جنهن نه رڳو انهن جي وچ ۾ سڌي سنئين رابطي جو مطالبو ڪيو آهي، پر ان شدت پسند تنظيم کي به جهڪايو آهي. افغان عبوري حڪومت پاران ماضي ۾ ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهين کي سهولتون ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ پاڪستان کي طالبان کي پناهه ڏيڻ جو الزام ڏيڻ ۽ شدت پسند تنظيم جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو هو، پر افغان طالبان ان ڳالھ کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو هو ته ٽي ٽي پي افغان سر زمين استعمال ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان تي زور ڀريو هو ته هو پنهنجي اندروني سلامتي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اندر ۾ به ڏسن، پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ان وقت کان ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا هئا، جڏهن کان مارچ 2024 ۾ اتر وزيرستان ۾ هڪ آپگهاتي حملي ۾ پاڪستان جي ستن فوجين جي موت جي بدلي ۾ خوست ۽ پڪتيڪا ۾ هوائي حملا ڪيا ويا هئا.