آزمائش جي انهن مهينن ۾ جيترا ماڻهو ماريا ويا انهن مان مون صرف باسڪر ويل جي چونڊ ڇو ڪئي؟ ان لاءِ ته هو منهنجو دوست به هو ۽ هم وطن به؟ گهڻو ڪري- ڇو جو ان جو سبب اهو هو ته هو اوڀر جي نئين جنم، ان جي آزادي ۽ جمهوريت کي ڪامياب ڏسڻ پيو چاهي، اهو اوڀر جيڪو سڀني ڳالهين جي هوندي سندس لاءِ بيگانو هو- ڇا سندس جان جي قرباني بيڪار هلي وئي؟ ڏهن، ويهن يا سئو سالن کانپوءِ اولهه سندس مثال کي ياد رکندو يا ايران سندس عمل کي؟ مون ان بابت نه سوچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي ته ان برداشت نه ٿيندڙ ڏک ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيان جيڪو انهن ماڻهن ۾ ورهايل آهي جيڪي هڪ ئي وقت ٻن دنيائن ۾ رهن ٿا، جيڪي اميد ڏياريندڙ ۽ اميد ماريندڙ ٻنهي دنيائن ۾-
جيڪڏهن آئون باسڪر ويل جي موت کان هڪدم پوءِ وارن واقعن تائين محدود رهان ته پاڻ کي يقين ڏياري سگهان ٿو ته سندس جان جي قرباني رائيگان نه وئي آهي-
پرڏيهي مداخلتون، گهيري جو خاتمو ۽ رسد جي قافلن جي آمد، اهي سڀ عمل ۾ آيا- ڇا اهو سڀ باسڪر ويل جي ڪري ٿيو؟ شايد فيصلو اڳ ۾ ئي ٿي چڪو هو، پر منهنجي دوست جي موت واري واقعي ان امدادي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو ۽ شهر جي جن هزارين ماڻهن جون زندگيون موت جي چانئٺ کي چمي رهيون هيون هن پنهنجي جان ڏيئي انهن جون زندگيون بچايون-
ان جو تصور ڪري سگهجي ٿو ته گهيري هيٺ آيل شهر ۾ زار جي سپاهين جي اچڻ جو خيال فاضل جي لاءِ ڪو خوشگوار نه هو- کيس حالتن کي قبول ڪرڻ جي لاءِ قائل ڪرڻ تي مون پنهنجون سڀئي ڪوششون ڪيون-
“آبادي وڌيڪ مزاحمت جي قابل نه رهي هئي- واحد تحفو جيڪو انهن کي تون اڃان پيش ڪري سگهين ٿو اهو اِهو آهي ته ڏڪار کان سندن جان بچائي ڇڏ- تون سندن قرضي آهين، گهٽ ۾ گهٽ انهن سڀني عذابن جي لاءِ جيڪي انهن ان کانپوءِ سٺا آهن-”
“ڇا ڇهن مهينن تائين ان لاءِ وڙهيا هئاسين ته آخر ۾ شاهه جي محافظ زار نڪولس جي حڪمرانيءَ ۾ غلام بڻجي رهون!؟”
“روسي پنهنجي مرضيءَ سان اهو نه پيا ڪن، پر پوري بين الاقوامي سٿ اهو ڪم کين ڏنو آهي- سڄي دنيا ۾ اسان جا دوست ان ڪارروائي کي ساراهي رهيا آهن- ان جي مزاحمت يا ان جي خلاف زور آزمائي ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته اسان هن بيپناهه پٺڀرائيءَ سان حاصل ٿيندڙ فائدن کي وڃائي ويهي رهون جيڪي ايتري فياضيءَ سان اسان کي پيش ڪيا ويا آهن-”
“پر ڪنڌ جهڪائڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ بلڪل ان وقت جڏهن فتح اڳيان بيٺي هجي!”
“ڇا اهو سڀ تون مون کي ٻڌائي رهيو آهين يا قسمت تي پيو روئين؟”
فاضل محتاط ٿي ويو، پر هن مون کي هڪ تيز ملامت واري نظر سان ڏٺو-
“تبريز اهڙي ذلت جو حقدار ناهي!”
“نه مان ان باري ۾ ڪجهه ڪري سگهان ٿو نه ئي تون- ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو آهي جو هر فيصلو خراب فيصلو معلوم ٿيندو آهي ۽ اسان کي ان جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي جنهن تي گهٽ کان گهٽ پڇتاءُ محسوس ٿئي!”
سندس ڪاوڙ ڪجهه جهڪي ٿي ۽ معاملي تي سنجيدگيءَ سان غور ۽ فڪر ڪرڻ لڳو-
“منهنجن دوستن کي ڪهڙي قسمت کي منهن ڏيڻو پوندو؟”
“برطانوي ان جي سلامتي جي ضمانت ڏين ٿا-”
“اسان جا هٿيار؟”
“هر ماڻهو کي پنهنجي رائيفل رکڻ جي موڪل هوندي- گهر جي تلاشي نه ٿيندي، سواءِ انهن گهرن جي جن گهرن مان گوليون هليون هيون، پر ڳرو هٿيار جمع ڪرائڻو پوندو-” هو ان سڄي ڳالهه مان بلڪل به مطمئن نظر نٿي آيو-
“۽ سڀاڻي زار کي پنهنجي فوج هٽائڻ تي ڪير مجبور ڪندو؟”
“ان لاءِ اسان کي رب تي ڀروسو ڪرڻو پوندو!”
“تون اوچتو ئي ڏاڍو مشرقي نظر اچي رهيو آهين-”
فاضل کي سمجهڻ وارا ماڻهو ان ڳالهه کان واقف هئا ته هو مشرقي لفظ ڪڏهن به تعريف لاءِ استعمال نه ڪندو هو- خاص طور تي ان وقت جڏهن سندس چهري تي شڪ جو اولڙو هجي- مان ٻي ڪا تدبير تلاش ڪرڻ لڳس، آخرڪار هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريم ۽ اٿي بيهي رهيس-
“بنا شڪ جي تون حق تي آهين- مون بحث ڪري غلطي ڪئي- مان برطانوي قونصل کي چورائي ٿو موڪليان ته توکي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيس- وري موٽان ٿو ۽ انت تائين توسان گڏ رهندس-”
فاضل منهنجي ڪنڌ تي هٿ رکي مون کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي-
“مان توتي ڪو الزام نه پيو هڻان- مون ته تنهنجي تجويز کي به رد ناهي ڪيو-”
“منهنجي تجويز؟ مون ته انگريزن جي تجويز تو تائين رسائي آهي ۽ ان ڳالهه جو اطمينان ڪيو اٿم ته اصل خيال ڪنهن جو آهي-”
“آرام سان سوچ ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌ! مون کي ڀلي ڀت خبر آهي ته روسين کي تبريز ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ مون وٽ وسيلا ناهن- ۽ مون کي اهو به معلوم آهي ته جيڪڏهن آئون ٿوري به مزاحمت ڪندس ته سڄي دنيا مون تي ٿڪ لعنت ڪندي ۽ شروعات منهنجي وطن جي ماڻهن کان ٿيندي جن کي هاڻي پريشانيءَ کان نجات گهرجي، انهن کي ان ڳالهه جي پرواهه ڪونهي ته اها نجات ڏيڻ وارو ڪير آهي مان ته ان ڳالهه کان به واقف آهيان ته گهيري جو خاتمو شاهه جي شڪست برابر هوندو-”
“ڇا تون ان لاءِ نه پيو وڙهين؟”
“بلڪل نه! ڏس، مان شاهه تي نقطه چيني ڪري سگهان ٿو، پر مان ان جي خلاف نه پيو وڙهان- هڪ جابر تي فتح حاصل ڪرڻ ڪنهن جو بنيادي مقصد ناهي هوندو، منهنجي ويڙهه جو مقصد اهو آهي ته جيئن ايرانين کي اهو احساس ٿي سگهي ته اهي آزاد آهن، ۽ اهي انسان آهن جيئن اسان چوندا آهيون ته اسان انسان آهيون ۽ هو پنهنجو پاڻ تي ۽ پنهنجي طاقت تي ڀروسو ڪرڻ سکن ۽ وقت سان گڏ دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهن- بس اهو ئي آهي جيڪو آئون هتي ڏسڻ چاهيان ٿو- هن شهر شاهه ۽ دين جي عالمن جي سرپرستي ٿڏي ڇڏي آهي، هن طاقتن کي للڪاريو آهي ۽ هر جاءِ تي نيڪ نيت ماڻهن جي حمايت ۽ پٺڀرائي کي مٿي آندو آهي- تبريز جا شهري فتح جي ويجهو بيٺا آهن، پر انهن کي فتح ياب ٿيڻ جي اجازت ناهي- ڊپ اهو آهي ته متان اهي ڪو مثال نه قائم ڪري ڇڏين ان لاءِ کين ذليل ڪرڻو آهي- هن شهر جي سچن ماڻهن کي زار جي سپاهين جي سامهون ماني ٽڪر لاءِ جهڪايو ويندو- تون جيڪو هڪ آزاد ملڪ ۾ آزاد پيدا ٿيو هئين، گهٽ ۾ گهٽ توکي ته سمجهڻ گهرجي-”
“هن کي چئي ڇڏ ته مون کي هز مئجسٽي جي قونصل خاني ۾ ٻيهر پناهه وٺڻ تي خوشي ٿيندي-”
فاضل جي تلخي ڪنهن حد تائين درست هئي ان ڳالهه کي سمجهندي مون کي ڪجهه وقت لڳو، ڇو ته ويجهڙائيءَ واري وقت ۾ جيڪي به واقعا رونما ٿيا اهي سندس خدشن جي نفي ڪندي معلوم ٿيا- هو برطانوي قونصل خاني ۾ ڪجهه ڏينهن ئي رهيو ان کان اڳ جو مسٽر رائزلوف کيس پنهنجي ڪار ۾ ويهاري روسي نقشي جي پار قزوين شهر جي آسپاس ڇڏي اچي- هتي هو “دستورين” جي لشڪر ۾ شامل ٿي سگهيو ٿي جيڪو طويل انتظار کانپوءِ تهران وڃڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو هو- حقيقت ۾ جڏهن تبريز جو ساهه گهٽجڻ جو خطرو پيدا ٿيو هو، شاهه وٽ پنهنجي دشمنن جي خلاف روڪٿام جو زبردست وسيلو موجود هو هو اڃان تائين به کين خوفزده ڪري سگهيو ٿي، انهن کي باز رکي سگهيو ٿي- جيئن ئي گهيرو ختم ٿيو فاضل جي ساٿين چرپر ۾ پنهنجو پاڻ کي آزاد محسوس ڪيو ۽ بنا ڪنهن دير جي گاديءَ جي هنڌ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، ٻن فوجن سان گڏ هڪ جيڪا اتر ۾ قزوين کان اچي رهي هئي ۽ ٻي ڏکڻ ۾ اصفهان کان جيڪا ڏکڻ کان اچي رهي هئي ان جو گهڻو حصو بختياري قبيلي جي ماڻهن تي ٻڌل هو، 23 جون تي ڪُن تي قبضو ڪيو ويو- ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ گڏيل انگريزي- روسي اعلان نشر ٿيو جنهن ۾ “دستورين” کان مطالبو ڪيو ويو ته پنهنجي انتها پسنديءَ واري ڪارروائي هڪدم ختم ڪن ته جيئن شاهه سان ٺاهه ٿي سگهي- جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ٻئي ڌريون مداخلت ڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون- پر فاضل ۽ ان جي ساٿين ان کي گهڻي اهميت نه ڏني ۽ تيزيءَ سان اڳتي وڌندا رهيا: 9 جولاءِ تي انهن جا لشڪر تهران جي ديوارن هيٺ اچي مليا 13 تي ٻه هزار ماڻهو اتر اولهه کان، فرانسيسي لگيشن جي هڪ دروازي کان جنهن تي پهرو لڳل نه هو گاديءَ واري هنڌ داخل ٿيا، “ٺيڪتان” جي نمائندي جي ننڊاکڙين اکين جي سامهون-
صرف لياخوف ئي مزاحمت جي ڪوشش ڪئي- ٽي سئو ماڻهو، ڪجهه پراڻيون سراڻيون توپون ۽ ٻه عدد “ڪروزو” مشين گنن سان گڏ هن شهر جي وچ ۾ ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ورتو 16 جولاءِ تائين لڳاتار ڪشمڪش ۽ لڙائي جاري رهي-
ان ڏينهن 8:30 وڳي صبح جو شاهه روسي لگيشن ۾ پناهه وٺڻ پهتو، رسمي طور پنج سئو سپاهين ۽ ساٿين سان گڏ- سندس اهو عمل تخت ۽ تاج تان هٿ کڻڻ برابر هو-
قذاقن جي ڪماندار وٽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو- هن ان وقت کان “دستور” جو احترام ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي فتح ڪندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو واعدو ڪيو ان شرط تي ته سندس فوجي دستو نه ٽوڙيو ويندو جيڪا کيس ضمانت ڏني وئي هئي-
هڪ نئون شاهه مقرر ڪيو ويو: شڪست کاڌل شاهه جو سڀ کان ننڍو پٽ، جيڪو 12 سالن جو هو شيرين جي چوڻ موجب ته هوءَ کيس ان وقت کان سڃاڻي جڏهن هو اڃان پينگهي ۾ هو، اهو نرم گفتار ۽ حساس ڇوڪرو هو، جنهن ۾ نه ظلم جو عنصر هو نه ڪوڙ ڳالهائڻ جو- لڙائي جي ٻئي ڏينهن جڏهن هو گاديءَ واري هنڌ محل وڃڻ لاءِ پنهنجي استاد، مسٽر سمر نوف سان گڏجي لنگهيو ته “شاهه زنده باد!” جي نعرن سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ويو اهي نعرا اهي ساڳيا ماڻهو بلند ڪري رهيا هئا جيڪي هڪ ڏينهن پهرين “شاهه مرده باد!” جا نعرا لڳائي هڻي رهيا هئا-