نئون

  پنج مهينا خلا ۾ رهڻ کانپوءِ خلا بازن جي زمين تي واپسي

روس، آمريڪا ۽ جاپان جا ٽي خلا باز خلا ۾ پنج مهينا گذارڻ بعد زمين تي پهچي ويا. هنن خلا بازن خلا ۾، زمين جا 2600 چڪر پورا ڪيا. آمريڪا جو اسڪاٽ ٽنگل، روس جو اينسٽن شڪاپيروو ۽ جاپان جو نوري شيگي ڪنائي زمين تي پهچي ويا آهن، ٽنهي ڄڻن جي لينڊنگ ڪزاڪستان جي ايئرپورٽ تي ٿي آهي. ٽئي ڄڻا اسپيس ڪرافٽ جي هڪ حصي ۾ سوار هئا جنهن اسپيس کان الڳ ٿيڻ بعد 500 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامندي زمين تائين پهتو. جيڪو آخر ۾ ڪزاڪستان جي اڏي تي 1.40 برطانيه جي وقت مطابق پهچي ويا. خلا ۾ رهندي هنن سائنسدانن پاران ان ڳالهه تي ريسرچ پئي ڪئي ته خلا ۾ رهندي انساني جسم جا خليا تبديل ڇو ٿي ويندا آهن. هن قسم جي ريسرچ ان ڳالهه ۾ مدد ڪندي ته انسان جيڪڏهن چنڊ کان اڳتي وڃڻ چاهي جنهن سفر ۾ ان سان گڏ ٻوٽا به هجن ته اهڙي صورت ۾ انهن ٻنهي جي جسمن تي خلا ۽ زيرو گريوٽي جو ڪهڙو اثر ٿيندو. خلا ۾ موجود رهندي هنن جي غذا نه زمين تان آندي وئي هئي پر انهن خلا ۾ پوکيل ڪجهه ڀاڄيون به تجرباتي طور تي کائي ڏٺيون.