ڪهاڻيوننئون

ريخته ڪهاڻي: ڀَوءُ

ڀؤَ کان ھن جون نسون سيٽجي پئي ويون ۽ ويٺي ويٺي گوڏا ائين پئي کڙڪيس ڄڻ مرگهي ٿيڻ وار ھجيس. شھر ۾ فساد کي پکڙجندي، چار ڏينھن ٿي چڪا ھئا. ڪرفيو جهٽ سوا لاءِ، صبح جو کلندو ھو، جهٽ سوا لاءِ شام جو. ڪرفيو کلي ته ڪي ٿورا ماڻهو تڪڙ پڪڙ ۾ ڏھاڙي جي واھپي جون شيون وٺي سگھن. ڪي ماڻھو جهٽ پٽ ۾ مار ڌاڙ ڪري وٺن، باھيون ڏين، چاقو بازي ڪري وٺن ۽ ڪي لاشا ڪيرائي وجهن ۽ ڪرفيو شروع ٿيڻ کان اڳي پنھنجن گهرن ۾ پڄي، ٿانيڪا ٿي ويھي رھن. بمبئيءَ ۾ گرم گرم خبرون ۽ گرم گرم خون مسلسل اُڙها پئي، پر ريڊيو ۽ ٽي وي باقاعده انائونس ڪري رھيا ھئا ته شھر جي حالت قابوءَ ھيٺ آھي ۽ حالتون نارمل ٿينديون ٿيون وڃن.

حالتن کي نارمل ثابت ڪرڻ جي لاءِ، ڪالھ کان لوڪل ٽرينون دير تائين ھليون پئي. گهڻا تڻا دٻا خالي ئي ھئن، پر روشنيون پٽڙيءَ تي ڊوڙندي نظر آيون ته چئن ڏھاڙن جي گهپ اوندھ کي ٿورو لوڏو آيو. ريلوي ٽريڪ جي ٻنھي پاسن وارين وسندين ۾ جيڪا سانت پٿرائجي وئي ھئي، سا ٽرينن جي لنگهڻ سان جھٽ سوا لاءِ ٽٽي ته وري منڍئون چرپر جي اميد پيدا ٿي. ياسين آواز به ٻڌا پئي ۽ اٿي بيھي ڏٺو به پئي ته متان گاڏي ھلڻ لڳي ھجي. ڪالھ پنجون ڏينھن ھو. هو پنھنجي گهران غائب ھو. ھاڻي ته الڪو به پلجي چڪو ھوندو ۽ سندس ڳولها شروع ٿي چڪي ھوندي. ڏينھن پورو ٿيڻ وارو ئي ھو جو ياسين جي سھپ جواب ڏئي وئي. شام وارو ڪرفيو کلندي ئي، ھو انڌيريءَ جي ٽيشڻ تي پڄي ويو. پليٽ فارم ڀنڀ ويران لڳو پيو ھو، پر انڊيڪيٽر تي ٽرين جو ٽائيم، ٽم ٽم ڪري رھيو ھو.

ٽرين ڏاڍو ھوريان هوريان ٽيشڻ اندر داخل ٿي، عام معمول مطابق نه. ڄڻ محتاط ھجي يا ڊنل ۽ ھيسيل ھجي. ٽرين ۾ ٿورا ماڻهو به ھئا، پر ايڪڙ ٻيڪڙ ھيءُ فيصلو ڪري نه سگهيو ته ڪھڙي دٻي ۾ گهڙي. ججهائي ته ھندن جي آھي نه. ٻن ٻن چئن چئن جي ٽولين ۾ ڪٿي ڪٿي واڙيا پيا ھئا. هو پليٽ فارم تي بيهي انتظار ڪرڻ لڳو ۽ جڏھن گاڏي ھلڻ لڳي، تڏھن ھڪدم ڀڄندو وڃي چڙھيو. ھن اھو ئي دٻو چونڊيو، جنھن ۾ ٻيو ڪير نه ھجي. غور سان ڏٺائين چؤطرف، ڪير به نه ھو. پوءِ دٻي جي آخري بينچ تي، ڪنڊ واري سيٽ تي گهت ھڻي پاڻُ ٿميائين، جتان ھو پوري دٻي تي نگاھ به رکي سگهيو پئي. ٽرين تيزي ورتي ته ھن جي به ساھ ۾ ساھ پيو.

اوچتو، دٻي جي ٻئي پاسي کان ھڪڙي منڍي نمودار ٿي. ياسين جا ته اوسان ئي خطا ٿي ويا. گوڏن ۾ وري مرگهيءَ جو دورو پوڻ شروع ٿيس. نِوِڙي، سيٽ تي ايترو ته ھيٺ ٿي ويو جو جيڪڏهن ھو ھيڏانھن اچي به ته فورن بينچ جي ھيٺان ٿمجي وڃي يا نرو ڏئي اڳيان اچي بيھيس ۽ پوزيشن سنڀالي سگهي. دٻي جو دروازو به پري نه ھو، پر ھلندڙ گاڏي ڍري ٿي به وئي ته ھو شخص…

اُمالڪ اھو شخص، پنھنجي جاءِ تي بيھي رھيو. بيٺي بيٺي ئي، ھُن چؤطرف ڏٺو، پر سندس چھري تي ڀؤ يا ڊپ جا اھڃاڻ نه ھئا. ھو پڪ ھندو ھو. ياسين جو پھريون ري ايڪشن اھو ھو.. ٽلندو ٽلڪندو، ھو گاڏيءَ جي پرئين دروازي تي وڃي بيھي رھيو. ھوا تي سندس مفلر، ڦاٽل جهنڊي وانگر ڦڙڪي رھيو ھو. ٿوري جهٽ ھو ٻاھر ليئا پائي ڏسندو رھيو. پوءِ لڳو ته ڄڻ ڪنھن شيءِ سان زور آزمائي ڪندو ھجي… ياسين جتي ٿميو ويٺو ھو، تتان چٽو نظر نه پئي آيس. ڪا شيءِ ھو ڇڪي رھيو ھو. ڪڏھن دٻايائينس پئي. ڪڏھن کنيائينس پئي. ڪڏھن ڇڪيائينس پئي. ياسين کي لڳو ته ڪا شيءِ ڇني پيو. تان جو اُمالڪ ھڪڙو زنگيل دروازو زور سان گيساٽيو ۽ ھڪڙي وڏي ڌماڪيدار کڙڪي سان ڀِيچجي ويو. چڱو ٿيو جو ياسين جي واتان رڙ ڪا نه نڪتي… پر انھيءَ آواز تي اھو شخص پاڻ به ڇرڪي ويو ھو. ھن ڏٺو ھو چؤطرف ۽ اُن طرف ٿورو ججهي دير تائين ڏسندو رھيو، جتي ياسين ٿميو ويٺو ھو. ياسين کي شڪ جاڳيو ته ڪٿي هن کيس ڏسي ته نه ورتو آھي؟ متان کُڙڪ پئجي وئي ھجيس؟ ان شخص جي زور آزمائيءَ، ياسين جي ھيانءَ ۾ ھيڪاري دھشت ويھاري ڇڏي. جيڪڏھن دوبدو مقابلو ٿي پوي ته ڇا ھيءُ، ساڻس سينو ساھي سگهندو؟ اھو شخص، ٽلندو ٽلڪندو، ٻئي پاسي جي دروازي تي وڃي بيھي رھيو. گاڏي، جوگيشوريءَ جي ڀنڀ ويران ٽيشڻ اورانگهي وئي. گاڏي بيھي ھا ته شايد ھيءُ لھي وڃي ھا، پر ھيءُ ته ڪرفيو وارو علائقو ھو، تنھنڪري گاڏي اتي بيٺي ئي نه. ڪرفيو جو علائقو ئي گهڻو محفوظ ھوندو آھي. گهٽ ۾ گهٽ اتي پوليس ته ھوندي آھي. ٻيو ته ھاڻ، مليٽري به گهرائي وئي ھئي. شھر ۾ فساد وارن علائقن ۾ سندن ساون خاڪي دٻڪن واريون ٽرڪون گهمندي نظر آيون پئي ۽ مٿن، ساڳئي رنگ جون ورديون پائي ويٺل فوجي، پنھنجين بندوقن/رائفلن جا نال، ٻاھر ڪڍيو ويٺا ھئا. پوليس ته بيڪار ٿي وئي ھئي. ھاڻ کانئن ڪنهن کي ڪو ڊپ نه پئي ٿيو. ڊَنب، مٿن بنا کٽڪي جي پٿر وسائيندا ۽ سوڍا واٽر جون بوتلون اڇليندا ھئا ۽ ھاڻ ته تيزاب جا ڀريل بلب به. پوليس جيڪڏهن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا ڇوڙيندي به ھئي ته ھجوم جا ماڻھو آلي ڪپڙي سان اھي کڻي، موٽائي پوليس تي اڇليندا ھئا. ‘ساڪاناڪيءَ’ ۾ جڏھن اھا بيڪري سڙي ھئي، جنھن ۾ ھيءُ ڪم ڪندو ھو، ڇا ڪيو ھو پوليس؟ پري بيھي رونشو ڏسندي رھي ھئي ۽ ھيءُ سنھين گهٽين مان بچندا ڀڄندا، انھن گيراجن ڏانھن ڀڳا ھئا، جتي لڳل، سڄيون چٻيون ٿيل، اڌ تي چٻيون ٿيل، گاڏين جا ڍانچا پيل ھوندا ھئا. جان بچائي ڀڳا ھئا، لڪڻ جي لاءِ… اٺ ڏھ ماڻھو ھئا، ھي. ڀلو ٿئي ڀائوءَ جو، جيڪو ڀڄندي ڀڄندي کيس چيلھ وٽان ٻک وجهي، چانھ واري ٻاڪڙا کوکي ۾ گھلي ويو ھئس. ڀائوءَ کي ته خبر آھي ته ھيءُ مسلمان آھي، پر پاڻ ته ھندو آھي، سو ڇو ڀڳو؟ ڀائوءَ چيو پئي؛ “جڏھن ھجوم جي مغز ۾ خون سوار ھجي ته اھي نالو پڇڻ لاءِ ڪو نه ترسندا آھن. سندن اڃ، خون سان ئي اُجهامندي آھي يا باھ سان. ساڙي ڇڏيو، يا ماري ڇڏيو، نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. سندن ڪاوڙ تڏھن ٺرندي آھي، جڏھن اڳيان ڪجھ به نه بچي.”

ٻئي دروازي جي کڙڪي، کيس ڇرڪائي ڇڏيو. دٻي جي پرئين پاسي وارا ٻئي دروازا، ان شخص بند ڪري ڇڏيا ھئا ۽ چڱي جهٽ تائين ايڏانھن نھاريندو رھيو ھو، جيڏانھن ياسين لڪيو ويٺو ھو. ڀؤَ، وري سندس ساھ، پنھنجي ڪوڙڪيءَ ۾ ڪري ڇڏيو. اھو ماڻهو، دروازا بند ڇو ٿو ڪري پيو، دٻي جا. ڇا ھو، ھن کي ماري، رت ۾ ليٿڙيل لاش، ھن ئي دٻي اندر ڇڏي، لھي ويندو اڳين ٽيشڻ تي! ٽرين ھاڻي جهَڪي ٿيڻ لڳي ھئي. ڪا ٽيشڻ اچڻ واري ھئي. ان ماڻھوءَ جي انداز ۾، ھاڻي اڳي کان واڌو خود اعتمادي ھئي. ھو ھوريان ھوريان ھلندو، ھن جي پاسي ڏانھن اچي رھيو ھو. ياسين جو ساھ، ڳؤرو ٿي ويو. نرڙ تي ٿڌي پگهر جو ٽمڻ محسوس ڪرڻ لڳو. ساھ، مُونجهو ٿيڻ لڳس. ٿُڪَ، ڳِڙڪيس نه پئي. ڪٿي کيس ڇِڪ ‘آ ڇُو!’ نه ٿي وڃي. ھو کنگهيو نه پئي. ورنه ته انھيءَ سيٽ جي ھيٺان ٿمئي ٿمئي…

گاڏي، بيٺي. ڪا ٽيشڻ آئي ھئي. اھو شخص آرام سان، ان دروازي تي اچي بيھي رھيو، جنھن پاسي کان پليٽ فارم ھو. سندس ھڪڙو ھٿ، کيسي ۾ ھو. ‘کيسي ۾ ڪو ھٿيار ھوندس. پستول يا چاقو؟’ ياسين سوچيو؛ ‘ڀڄي، ٻئي پاسي واري دروازي کان ٻاھر ٽپو ڏئي.’ ليڪن جتي ٿميو ھو، اتان نڪرندي نڪرندي ته اھو ماڻهو سندس پيٽ چيري رکندو. پيٽ ئي ڇو؟ نڙگهٽ ڪپي ڇڏيندس ته جيئن ٻڙڪ ئي ٻاھر نه نڪريس. ترڇين نگاھن سان، ھن واجهائي ڏٺس. اھو شخص ٻاھرئين طرف ئي ڏسي رھيو ھو. پليٽ فارم تي ڀنڀ ويراني ھئي. ڪنھن جي به پير جي کڙڪي جو آواز ڪو نه پئي آيو. ياسين گهڻو ئي چاھيو ته ڪو نه ڪو اچِي وڃي. پر ڪھڙي خبر ڪير ٿو اچي؟ ھندو؟ يا مسلمان؟ ھڪ ٻيو ھندو ئي سھي. من ڪو ڀائوءَ جھڙو رحمدل ھجي. چانھ جي ٻاڪڙا کوکي تان ڪيئن نه پنھنجو جڻيو پارائي، ھو کيس پنھنجي ڀونگڙيءَ تائين وٺي ويو ھو. چئن ڏھاڙن تائين ترسايو ھئائينس. چيو ھئائينس… “مان مرھٽو آھيان ياسين! ليڪن ڏھاڙي گوشت نه کائيندو آھيان. تون چئين ته وٺي اچان؟ خبر ناھي ته ڪھڙو ملئي! حلال ٻلال جي مون کي خبر نه پوندي اٿئي ۽ ٻاھر جون حالتون اھي آھن جو سبزيون سڙن ٿيون پيون انڌيريءَ ۾، ليڪن وڪڻڻ وارو ڪو آھي ئي ڪو نه. لٽڻو آھي ته جيتريون کپئي کنيو وڃ…؟”

وري ريڊيو اھو چئي رھيو ھو ته شھر جون حالتون آھستي آھستي نارمل ٿي رھيون آھن. گاڏيون ھلن پيون. ڪن علائقن ۾ بسون به ھلايون ويون آھن. انھن چئن ڏھاڙن ۾ ھن کي گهر وارن جي وڏي ڳڻتي ھئي. گهر وارا به سندس ڳڻتيءَ ۾ ھوندا. کيس ھڪڙو ڀؤ ھو… ڪٿي فاطمہ کيس ڳولهڻ، بيڪريءَ جي پتي تي نه نڪري وڃي. جنھن ڀونگيءَ ۾ لڪيو ھو، اتان ريل جي پٽڙي نظر آئي پئي. گاڏيون نظر پئي آيون، پر ڀائوءَ کيس وڃڻ نه ڏنو.

گاڏي ڌڏڪو کائي ھلي پئي ۽ ياسين ڀونگيءَ مان دٻي ۾ اچي ڪريو. اھو شخص، کاٻي ھٿ سان راڊ کي جهليو، وڏي خود اعتماديءَ سان بيٺو ھو. سندس ساڄو ھٿ، اڃان تائين کيسي ۾ ھو. گاڏي ٿورو پري تائين سِرڪندي گِھلِبي ھلندي رھي. ھيءَ گاڏي، تيز ڇو نٿي ٿئي. سگنل نه ملڻ جي ڪا تُڪ ٿي ئي نٿي سگهي. پٽڙين تي ٽريفڪ آھي ڪٿي؟ اڃان تائين ڪا گاڏي، ٻئي طرف کان به ڪانه لنگهي آهي. گاڏي گهڻي دير تائين گيھاٽبي، گيھاٽبي ھلندي رھي ۽ جتي اچي بيٺي سا ڀنسدر جي پل ھئي. ھيٺان سمنڊ جي کاري ھئي، جنھن منجهان، اڪثر لاشن جي نڪرڻ جون خبرون، اخبارن ۾ ڇپجنديون رھنديون آھن.

ياسين جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. انھيءَ ڀؤ ۾ جيئڻ جنجال ٿي ويس. ٻيو ته اھو شخص، کيسي مان ھٿُ ڪڍي ڇو نٿو؟ سندس تيور ٻڌائين ٿا ته وارُ ڪرڻ وارو آھي. ڇا ٿيندو، جڏھن وارُ ڪندو؟ ھن کي ٻاھر نڪرڻ لاءِ چوندو؟ يا ڄُنڊن مان وٺي، گھليندس ۽ شڙاپ سان چاقو سندس نڙگهٽ تي رکندو. ڇا ڪندو ھو؟… ٻيو ته ڪجھ ڪري ڇو ڪو نه ٿو؟

ان وقت، ان شخص، کيسي مان ھٿ ڪڍيو ۽ وري زور آزمائي ڪرڻ لڳو. هو ٽيون دروازو به بند ڪري رھيو ھو ۽ ھيٺ سِيرَ ھئي. ٽپو ڏئي ته موت، پڪو آھي. ڀؤُ ھاڻي چوٽِ چڙهي چڪو ھئس. ٿَمّ به لنبجي رھيو ھئس.

اُمالڪ بُلُ ڏئي، ھيءُ ٻاھر نڪري نروار ٿيو. ڇرڪي ڏٺائين ھن ماڻهوءَ، ھٿ کيسي ۾ وڌو ۽ خبر ناھي ڪٿان آئي ايڏي طاقت ياسين ۾ جو ‘يا علي’ ڪري ان ھمراھ کي ٽنگن جي وچان کنيائين ۽ ٻاھر اڇلائي ڇڏيائينس. ھيٺ ڪرندي ڪرندي، ھن جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي.

“الله…”

ياسين، بيٺو رھيو. گاڏي، ھلي پئي. ياسين کي حيرت ٿي.

“ڇا مسلمان ھو، ھو به؟”

ليڪن ڀؤ جي ڪوڙڪيءَ منجهان ائين آجو ٿيو ھو ڄڻ موت جي منھن منجهان واپس موٽيو ھجي…!

ان رات ھو فاطمہ کي ٻڌائي رھيو ھو… “جيڪڏهن ائين نه ٿئي ھا ته پوءِ مان به کيس مسلمان ھجڻ جو ڪهڙو تڪڙو ثبوت ڏيان ھا؟”

(دھوان تان ترجمي سان کنيل)

***