فيلڊ مارشل (Field Marshal) هڪ اعليٰ ترين فوجي عهدو آهي، جيڪو عام طور تي ڪنهن ملڪ جي هٿياربند فوج ۾ ڏنو ويندو آهي. اهو عهدو جنرل کان به مٿانهون هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري اهو اعزازي طور تي اُن آفيسر کي ڏنو ويندو آهي، جنهن جنگين ۾ غير معمولي خدمتون سرانجام ڏنيون هجن يا جنهن قومي دفاع ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هجي. گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. واضح رهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ جنرل عاصم منير ٻيو آفيسر آهي جنهن کي فيلڊ مارشل بڻايو ويو آهي، ان کان اڳ 1959ع ۾ صدر جنرل ايوب خان پنهنجو پاڻ کي اِهو عهدو ڏنو هو. سرڪاري طور تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو عهدو آپريشن “بنيان مرصوص” جي ڪامياب حڪمت عمليءَ جي اعتراف طور ڏنو ويو آهي. فيلڊ مارشل جو اعزاز پاڪ فوج اندر غير معمولي ۽ مثالي قيادت جي حوالي سان ڏنو ويندو آهي. هن عهدي سان ڪنهن خاص ڪمان جي ذميواري لاڳو نه هوندي، پر اهو رڳو هڪ اعزاز جي علامت سمجهيو ويندو آهي. فيلڊ مارشل پاڪ فوج ۾ جنرل جي رينڪ کان مٿانهون ۽ سڀ کان وڏي رينڪ وارو عهدو آهي ۽ فيلڊ مارشل فوجي آفيسرن ۾ سڀ کان سينيئر فائيو اسٽار آفيسر هوندو آهي. فيلڊ مارشل ڪيترين ئي فوجن ۾ هوندو آهي، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي، هي سڀ کان وڏو ممڪن عهدو آهي. ان کي پنج ستارن وارو عهدو به چئبو آهي، جيڪو عام جنرل کان مٿي رکيو ويندو آهي. ٻين عهدن جي برعڪس، اهو گهڻو ڪري علامتي هوندو آهي ۽ غير معمولي فوجي قيادت کي ڏنو ويندو آهي، عام طور تي جنگ يا قومي بحران جي وقت ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي اهو عهدي ڏنو ويندو آهي. جديد دور ۾، هي لقب تمام گهٽ استعمال ٿيندو آهي ۽ ان کي هڪ فعال ڪمانڊ پوزيشن کان وڌيڪ قومي اعزاز طور ڏٺو ويندو آهي.