ڪراچي جو آپريشن فوج يا نواز شريف نه پر مون شروع ڪيو هو: چوڌري نثار
اڳوڻي وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار چيو ته ڪراچي جو آپريشن فوج يا نواز شريف نه پر هن شروع ڪيو هو ۽ وزير داخلا بڻجڻ کانپوءِ فوج سان ملي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪيو. جنرل راحيل شريف ۽ موجوده جنرل ان ڳالهه جا گواهه آهن. پنهنجي چونڊ مهم ۾ تڪ اين اي-59 ۾ عوام آڏو خطاب ڪندي هن چيو ته آگسٽ جون پراڻيون اخبارون کولي ڏسو ته حقيقت ڇا آهي. هن چيو ته جعلي شناختي ڪارڊ به هن بند ڪرايا ان کانسواءِ اڻوڻندڙ ماڻهن جو اچڻ ۽ مدرسن جو ڪيس به وڙهيو ۽ چيو ته مدرسن ۾ دهشتگردي نٿي ٿئي. اڳوڻي وزير داخلا چيو ته سندس مڃڻ آهي ته دهشتگردي جو لاڳاپو ڪنهن ٻئي پاسي سان آهي. منهنجي سياست اسلام پسندي آهي ۽ هر ڏاڙهي وارو دهشتگرد نه آهي. چوڌري نثار چيو ته هن هميشه سچ ڳالهايو آهي جنرل ضياءُ، جنجوعه ۽ نواز شريف آڏو به سچ ڳالهائيندو آيو آهي ۽ هن ڪنهن جي به خوش آمد ناهي ڪئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سياست ۾ ڪوڙ منافقت ۽ ڪرپشن عام آهي پر سندس دامن ان گند کان پاڪ آهي سڄي عمر هن اصولن تي سياست ڪئي ۽ هن عمر ۾ اصول ڀڃڻ سندس لاءِ ممڪن ڪونهي. اڳوڻي وزير داخلا چيو ته سارڪ ڪانفرنس ۾ مون کي خاموش رهڻ لاءِ چيو ويو هو پر هن ڀارتي وزير داخلا کي اهڙي ٻڌائي جو وري ٻيهر ڪانفرنس ۾ نه آيو. اليڪشن جي معاملي تي هن چيو ته ٽڪيٽ وارو هجي يا بي ٽڪيٽو هن کي شڪست نٿو ڏيئي سگهي. سندس علائقي جون محروميون دور ڪرڻ ڪڏهن به نواز شريف يا زرداري ڪونه آيا. کيس اصولن جي بنياد تي وزير داخلا جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني اڳوڻو ۽ هاڻوڪو آرمي چيف ان ڳالهه جا گواهه آهن.
choudhry nisar says he cleaned karachi

