ايڪيهين صديءَ ۾ انسان جيڪو وڏي ۾ وڏو ڇال هنيو اهو هو ڪمپيوٽر جو استعمال ۽ پوءِ ڪمپيوٽر جي دنيا جي ذريعي سوشل ميڊيا جي پکيڙ آهي. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سڄي دنيا کي هڪ ڳوٺ وانگر ڳنڍي ڇڏيو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ گلوبل ورلڊ جي طور تي به سڃاتو وڃي ٿو. هاڻي ڪوبه شخص دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ کان ويهي دنيا جي ٻئي ڪنهن ڇيڙي تي ويٺل ماڻهوءَ سان ڳالهائي سگهي ٿو، ڪچهري ڪري سگهي ٿو، خيالن جي ڏي وٺ، مختلف پليٽ فارمن تان ڪري سگهي ٿو، دوستي رکي سگهي ٿو، پنهنجون تصويرون ۽ فلمون ماڻهن سان ونڊي سگهي ٿو. اها دنيا جيڪا ڏاڍي خوبصورت ٿي لڳي، اها دنيا جنهن اسان انسان کي ڏاڍي آزادي ڏني آهي. سوشل ميڊيا جي ڪنهن به پليٽ فارم تي ڪوبه شخص ڪيڏي مهل به پنهنجي دل جا خيال ۽ احساس ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي فيس بڪ جي وال، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ يا سنيپ چيٽ تي رکي سگهي ٿو.
ايتري آزادي جو تصور انسان شايد ويهين صديءَ تائين صرف خوابن ۾ ئي ڪيو هوندو. اهي خواب جيڪي هاڻي حقيقت بڻجي چڪا آهن ۽ انسانن کي خوشيون به مليون آهن ته روئاڙي به رهيا آهن. سوشل ميڊيا جي دنيا جيتري اسان کي ٻاهران کان خوبصورت نظر اچي ٿي ان جي ابتڙ اها هڪ ڊارڪ ويب جي دنيا جيڪا هڪ شيطاني دنيا جي نالي سان به سڃاتي وڃي ٿي ۽ ان ۾ دنيا جو هر اهو ڏوهاري ماڻهو موجود آهي، جيڪو رشوت خوري کان وٺي قتل، ٻارن جا ريپ، ٻارن جي جسمن کي اذيت پهچائي انهن مان مزو حاصل ڪرڻ ۽ ڪنهن به انسان کي جسماني اذيت ڏئي ان مان مزو وٺڻ وارا ماڻهو يا وري ذهني اذيتون ڏئي ماڻهن کي مارڻ، ماڻهن جون ملڪيتون لٽڻ ۽ انهن جي لاءِ بليڪ ميلنگ جا نوان نوان طريقا ڳولهڻ وارا ماڻهو يا ائين کڻي چئون ته دنيا جو اهو ڪهڙو ڏوهاري آهي جيڪو هن سوشـل ميڊيا ڊارڪ ويب تي موجود نه آهي.
هيءَ بلڪل اها ئي دنيا آهي جهڙي دنيا اسان جي ارد گرد ڏوهارين جي دنيا ٿي سگهي ٿي، جنهن کان بچڻ جي لاءِ اسان پنهنجي عقل ۽ شعور جو استعمال هر ممڪن طور تي ڪري پنهنجي پيارن دوستن ۽ عزيزن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. جڏهن سوشل ميڊيا جو استعمال ايترو خطرناڪ هجي جو توهان ڪنهن اهڙي ڄار ۾ ڦاسڻ جو خطرو محسوس ڪيو ٿا ته پوءِ ان شيءِ جو استعمال به ڪرڻ جا طريقا اسان کي خبر هجڻ گهرجن. سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن تي اڄڪلهه جن ماڻهن کي تمام گهڻو خطرو آهي اهي آهن خواتين ۽ اسڪولن جا ننڍا ٻارڙا، جن کي والدين سيليولر فونون ته وٺي ڏنيون آهن، پر انهن جي والدين کي به خبر ناهي ۽ نه ئي احساس آهي ته انهن کي سندن ٻار ڪيئن استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن سان رابطي ۽ واسطي ۾ آهن.
اهڙا واقعا سڄي دنيا ۾ روزانو جي بنياد تي ٿين ٿا، جو ٻارن جون ۽ عورتن جون تصويرون ۽ فلمون بليڪ ميل ڪندڙ ماڻهو فيس بڪ تي يا ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي هلائي انهن کي رسوا ڪن ٿا يا پوءِ ٻارن کي مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري سندن والدين کان پئسو لٽيو وڃي ٿو يا انهن ٻارن کي اغوا ڪري انهن جو قتل ڪيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي نوان رخ اختيار ڪري رهي آهي، اهڙي وقت ۾ اسان کي پنهنجن گهرن ۾ سيليولر فون جي استعمال لاءِ ازخود نوان قائدا ۽ قانون ٺاهڻا پوندا ۽ پنهنجي خاندان تي ۽ پنهنجو پاڻ تي لاڳو ڪرڻا پوندا. حقيقت اها آهي ته اها ذميداري حڪومت جي آهي ته اها اهڙي قسم جي سائيبر ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ماڻهن جي اندر آگاهي پيدا ڪري، اسڪولن ۾ نصاب اندر اهڙيون شيون شامل ڪري جنهن سان ٻارن کي ننڍي هوندي کان وٺي آگاهي ملي سگهي ته ڪهڙيون شيون ڪرڻيون آهن ۽ ڪهڙيون شيون ڪرڻيون ناهن واري اصول کي سمجهي سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به خطري کان محفوظ بڻائي سگهن.
علم ۽ آگاهي شعور جو سڀني کان وڏو ذريعو آهن. تنهنڪري ضروري آهي ته اسين پنهنجن ٻارن کي ان ڳالهه جو علم ڏيون ته هو پنهنجي ذاتي معلومات ڪنهن سان به نه ونڊين. ڪنهن به اهڙي گروهه جو حصو نه بڻجن، جتي سندن عمر کان وڏا ماڻهو شامل هجن يا ڪنهن به اهڙي ماڻهو سان دوستي رکي انهن کي پنهنجي گهر جو پتو يا پنهنجو فون نمبر يا پنهنجي گهروارن جي ڪابه ڄاڻ مهيا نه ڪن، جنهن سان ڪو اڻڄاڻ ماڻهو سندن گهر تائين پهچي سگهي. ان کان علاوه اسان جي سماج ۾ عورتون به تمام گهڻيون اٻوجهه ۽ سماجي اٿ ويهه کان ناواقف آهن، ڇو ته کين سماج ۾ اٿڻ ويهڻ نه سيکاريو ويو آهي، جنهن ڪري سندن سماجي گڏجاڻيءَ واريون صلاحيتون تمام گهٽ سطح جون آهن ۽ پوءِ اهي انهن شيطان صفت ذهنن جون شڪار ٿي وڃن ٿيون، جيڪي اهڙن اٻوجهه ۽ معصوم عورتن کي ڦاسائڻ لاءِ هٿوراڙيون ڏيندا رهن ٿا. ضروري آهي ته پنهنجي گهر جي عورتن کي ان ڳالهه جي آگاهي ڏجي ته اهي جڏهن به ڪنهن ماڻهو سان سوشل ميڊيا تي لاڳاپي ۾ اچن ته پهرين ان ڳالهه جي پڪ ڪئي وڃي ته اهو پروفائل اصلي آهي ۽ جنهن ماڻهو سان اهي رابطي ۾ آهن اهو ڪو ڏوهاري يا اهڙي ذهنيت جو مالڪ ناهي جيڪو کين نقصان پهچائي سگهي.
ان کان علاوه عورتن کي ان ڳالهه جي به تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي ته اهي هروڀرو پنهنجي ذاتي معلومات، خانداني فردن جي معلومات يا پنهنجي گهر جو پتو ۽ فون نمبر ٻين کي فراهم نه ڪن، ڇو ته ان سان کين نقصان پهچي سگهي ٿو. ان کان علاوه پنهنجي گهر جي عورتن ۽ نياڻين کي ان ڳالهه جي به تربيت ڏجي ته اهي پنهنجون تصويرون فيس بڪ تي رکڻ کان اڳ يا دوستن سان ونڊڻ کان اڳ انتهائي احتياط کان ڪم وٺن. هن بدلجندڙ دنيا ۾ اسان پنهنجو پاڻ کي بدلجندڙ دنيا کان ڌار ڪري الڳ ٿلڳ ٿي نٿا هلي سگهون، پر اسان بدلجندڙ وقت جي تقاضائن مطابق پنهنجن خيالن کي نئين سر ترتيب ڏئي پنهنجي سوچ کي بهتر بڻائي وقت ۽ حالتن سان مطابقت پيدا ڪري پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ نوان اصول ترتيب ڏئي هن دنيا ۾ انتهائي اطمينان ۽ سڪون سان رهي سگهون ٿا ۽ پنهنجن خاندانن کي به محفوظ رکي سگهون ٿا.