نئون

مسنگ پرسنز لاءِ جوڙيل ڪميشن پاران 3331 ڪيس خارج

پاڪستان ۾ مسنگ پرسنز لاءِ جوڙيل تحقيقاتي ڪاميٽي پاران جاري ڪيل تحريري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن گذريل 30 مهينن ۾ جبري گمشدگين جون 3331 درخواستون خارج ڪيون آهن. جڏهن ته ڪميشن کي 31 مئي تائين 1177 وڌيڪ درخواستون وصول ٿيون آهن ۽ جون جي مهيني ۾ وڌيڪ 67 درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن. جنهن بعد اهڙين درخواستن جو ڪل تعداد 5213 ٿي ويو آهي. هن حوالي بيان سان بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر ممنون حسين جي خصوصي حڪمن تي مسنگ پرسنز جي لاءِ ڪميشن جوڙي وئي هئي، جنهن جي سربراهي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ 30 جون 2018 تائين وصول ٿيل 5213 درخواستن مان 3331 درخواستون خارج ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه ڪميشن پاران اسلام آباد ۾ 204، ڪراچي ۾ 69، لاهور ۾ 73 ۽ ڪوئيٽا ۾ 91 مقدمن جي سماعت به ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ پاران به مسنگ پرسنز جا 300 ڪيس ڪميشن حوالي ڪيا ويا آهن.