بلاگنئون

جتي باھ لڳي سو هنڌ سڙي

هاڻي وڃي نيتن ياهو کي احساس ٿيو آهي ته ڪيئن غزا جا عرب مسلمان سڏڪي سڏڪي مري رهيا آهن، نه ڪو يار نه مددگار، ڪنهن به اسلامي ملڪ انهن جي لاءِ ڪنهن پٺڀرائي جو اعلان نه ڪيو، بس رڳو احتجاجن جي مٿان احتجاج، پر جي صيهوني ۽ زايونسٽ حڪومتون ٻڌن ها ته اهي انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي به ٻڌن ها، جو آڪٽوبر 2024 کان هلندڙ جنگ بيهي نٿي ۽ فلسطيني پنهنجي ڌرتي تي بي گهر لڳا پيا آهن. فلسطينين جي ڪيمپن تي به حملا ٿين ٿا ۽ اهي وري انهن جون اسپتالون به محفوظ ناهن، پر ڪنهن تدارڪ نه ڪيو. ان ڪري جو اسلامي بلاڪ جي اڻاٺ آهي، اسرائيل ۽ آمريڪا ڪنهن به ملڪ کان نٿا ڊڄن. آمريڪا يا انهن جون پاليل سڀ ايجنسيون ۽ مغربي ادارا ڪڏهن به آمريڪا ۽ يورپي ملڪن تي پابندي جي ڳالھه نٿا ڪن، يورپي يونين ڪڏهن به مغربي ملڪن تي پابندي نٿي مڙهي. ڇو ته دنيا جون واڳون انهن جي هٿ وس آهن، اهي جيئن چاهين تيئن ڪري سگهن ٿا، پوءِ انهن کي چئي ڪير ته سڀ فيصلا جهان خان وارا ٿا ڪندا وتن، پوءِ آمريڪا آقا جيئن چاهي تيئن ڪري يا ڪري سگهي ٿو.

اسرائيل ته ظلم جي انتها ڪري ڇڏي هئي (ڪري پيو) جو هنن اسرائيلي اسپتالن تي به حملا ڪيا، جو فلسطينين جا درد ٻيڻا ٿي ويا، ايستائين جو ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ڊاڪٽرز ودائوٽ بارڊرز جڏهن فلسطينين جي تيمارداري ڪئي (جيڪي انٽرنيشنل ايڌي آهن)، پر اسرائيلين انهن کي به بخش نه ڪيو. هاڻي ان ڪري ايران جهڙو اهڙو ڪو مسلم ملڪ گهربل هو جيڪو اسرائيل سان دوبدو وڙهي ۽ انهن کي ڪري ڏيکاري، ڇو ته “لتر پڄي چڪر سان” واري ڳالھه ٿي بيهي. دنيا جون طاقتون به انهن بين الاقوامي معاشي ۽ ايٽمي طاقتن کان ڊڄن ٿيون، جن جي معاشي حالت بهتر هجي ۽ اهي جوهري طاقت ۾ به ڀڙ هجن، نه ته رڳو جوهري طاقت به ڪم نٿي اچي، جو عوام بک مري، گاھ کائي ۽ ملڪ ويٺا جوهري طاقت جي آبياري ڪن. ان سبب اسلامي ملڪ ان ڳالھه جو ڌيان رکن ته رڳو ڀلي  اهي آمريڪا کان هٽي ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڪلهو ڪلهو ۾ هڻي بيهن ته ڳالھه به ٺهي.

ايران کي سلام آهي، جنهن پنهنجا جرنيل شهيد ڪرايا ۽ ايستائين جو آذربائيجان جهڙي آمريڪي پٺو ذريعي ابراهيم رئيسي کي به نه بخشيو، جو ڊيم جي بهاني انهن ايراني صدر کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي اهي آيت الله خامنيٰ اي جي پويان لڳي پيا آهن، پر دال نه ڳرندن. ان ڪري جو “اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي” واري ڳالھه اسرائيل تي فٽ ٿي بيهي، جو انهن پنهنجي هوڏ ڏيکاري ۽ سمجهن پيا ته وچ اوڀر جي ملڪن تي “رجيم چينج” جو ٽرينڊ هلائجي ۽ انهن تي اسرائيلي ايجسنين جي ذريعي انهن جي حڪومتن تي گرفت مضبوط ڪجي ۽ ان طريقي سان انهن اسلامي ملڪن تي قبضو ڪري سگهجي ٿو. انهن ملڪن ۾ سياسي بي چيني ۽ بي آرامي وڌائي انهن ملڪن ۾ ڏڦير ڪري سگهجي. جيئن اينٽي اسٽيٽ ايليمينٽ ۽ ايڪسٽرنل ايڪٽرز ڪم ڪن ٿا، جن ۾ مذهبي گروھ ۽ لساني جماعتون ڪم ڪن ٿيون، ائين انهن جي اندر ويهي وري حڪومتون به مٽائي سٽائي سگهجن، پر ممڪن ناهي. ايرانين سميت سڀ جا سڀ عرب ملڪ ان ڳالھه ۾ اصول پسند آهن ته اهي پنهنجي ڌرتي ائين نيلام ناهن ڪندا ۽ ڪنهن کي هلان ڪرڻ به نه ڏيندا. حالانڪه سياسي، مذهبي ۽ لساني گروھ انهن جا ورهايل آهن، جو حوثي، حماس ۽ حزب الله طالباني گروهن کان الڳ ٿي ڪم ٿا ڪن ۽ طالبان جو اسلام ۽ عرب ملڪ اندر ويڙهاڪ تنظيمن جو اسلام ٻيو آهي.

هيل ايران ته انهن سڀني مغربي ملڪن سميت آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڀڀڪين کي به مات ڏئي ڇڏي، اها همت جيڪڏهن عرب ملڪ 1967 واري جنگ ۾ ڪن ها ته 40 لک فلسطيني بي گهر نه ٿين ها ۽ هيل تائين 55 هزار فلسطيني عرب شهيد نه ٿين ها، جن جي رت جي ريج به فلسطينين کي ڌرتي موٽائي نه ڏني، پر رهندو ڪندو ويسٽ بينڪ کان وٺي، گولان هائيٽس ۽ هاڻي غزا جو رڻ ٻاري رکيو اٿن. ان سبب فلسطيني اسرائيل جي نين ڪالونين جي ٺهڻ کي ۽ پنهنجن اجهن کي اکين سان سڙندي خاڪ ٿيندي ٿا ڏسن. ان ڳالھه تي اسلامي ملڪن کي ڪا ڪهل نٿي اچي، عربن ڪڏهن هٿياربند جدوجهد جو حصو ٿي اسرائيل جي لاءِ نعرو بلند ناهي ڪيو، پر مغربي ملڪ “جي سيون” ملڪ ۽ يورپي يونين پنهنجي پليٽ فارم تان اڃان تائين اسرائيل جي حق ۾ قرار دادون پيش ۽ پاس ٿا ڪن، ثابت ٿا ڪن ته اسرائيل بي ڏوهو آهي، فلسطيني پنهنجي ڌرتي تان ڀڄي وڃن، پنهنجو ملڪ خالي ڪري رڳو اسرائيل جي گريٽر رياست کي ٺاهڻ ۾ يهودين جي مدد ڪن، پر ممڪن ناهي.

هيل تائين ڪنهن کي فلسطينين تي ڪهل نه آئي، پر رڳو چند اسرائيلي شهري جي مُئا ته مغربي ملڪن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو ۽ اها ڳالھه ڄڻ ثابت ٿي وئي ته واقعي هاڻي مسلمان ملڪن جي ايٽمي طاقتن مان مغربي ملڪن کي ڊڄڻ گهرجي، جو اسرائيل جا ميزائيل جتي چار هزار ڪلو ميٽر پري کان ايراني فليٽن ۾ گهڙي رڳو انهن ايٽمي سائنسدانن کي نشانو بڻائي شهيد ٿا ڪن، جيڪي ايران جا ٿنڪ ٽينڪ آهن، ايران انهن کي بچائي نه سگهيو ۽ ميزائيل سڌا انهن فليٽن کي نشانو بڻائي ويا. ساڳي ڪار ايران به ڪئي جو ميزائيلن جي ڄڃ موڪلي اهو ثابت ڪيائين ته ايران جي ڌمڪي ۾ دم آهي ۽ رڳو ايران جون ڀڀڪيون سکڻيون ۽ ڇسيون ڳالهيون ناهن. هاڻي ته روس ۽ چين جهڙيون طاقتون ايران جي هٿ ۾ هٿ ڏئي بيٺيون آهن. اها ڳالھه به مڃون ته دنيا جا سپر پاور ڪڏهن به سڌو جنگين ۾ نٿا ڪاهي پوڻ چاهين، اهي پراڪسي وارز جو حصو ضرور هجن ٿا، جن جنگين ۾ يا سڀ جا سڀ مسلم ملڪ شامل هجن يا سڀ جا سڀ ملڪ هڪٻئي سان وڙهن، سني شيعن سان ۽ شيعا سنين سان گروهي جنگ لايو ويٺا هجن.

جيڪي به مغربي ملڪ ويٽو پاور رکن ٿا، انهن کي به پنهنجن هٿيارن جي نمائش گهربل هوندي آهي يا خاص آمريڪا جو هٿيارن جي ڪاروبارن کانسواءِ انهن جي معاشي طاقت ڪجھه به ناهي ۽ ڀلي اهي مغربي ملڪ مسلمان به نه هجن، پر گورا به ناهن، جيڪا ڳالھه آمريڪا کي نٿي وڻي، جو رڳو طاقت جو توازن بگڙيل رهجي ٿو وڃي ۽ دنيا جا 8 سيڪڙو يورپي ملڪ طاقتون هوندي به ڪا طاقت ناهن رهيا، جو يورپي يونين جا ملڪ ۽ مغربي غير يورپي ملڪ هڪ ٿا چون ته آمريڪا ڪجھه ٻيو ٿو چئي. ڀلي G7 ملڪ آمريڪا جي ها ۾ ها ملائين به، پر دنيا جا 21 وڏا ملڪ پوءِ به ايران جي حامي ڀرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن، ان ڪري ته اڳرائي اسرائيل جي آهي. اسرائيل اهو سمجهيو ته ايران هن جي ڀڀڪين ۾ اچي ويندو ۽ مسلم ملڪن وانگي هي به گوڏا کوڙي ڇڏيندو. اها ٻي ڳالھه آهي ته هم منصبن جي ملاقات معنيٰ ٿي رکي، جو صدر صدر سان ملي ۽ وزيراعظم وزيراعظم سان ملي ته ٺهي ٿو، اسان جا اسٽريٽيجڪ معاملا ان ٽائيم تي سونهن پيا، جڏهن ڀارت ڀڀڪيون پئي ڏنيون، ڪشمير جي مسئلي کان وٺي پاڻي (سنڌو طاس معاهدو) جي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪئي يا بارڊر جي مسئلن تي باھ ٻاريو ويٺو آهي، جو پاڻ طاقت هوندي به رافيل ٽيڪنالاجي اسرائيل کان وٺي انهن جي طاقت جو نماءُ  ڪيائين. هاڻي واري مسئلن تي ڳالھه سمجھه کان بالاتر آهي، ڇو ته ايران ۽ خطي جي امن جي بحالي جي لاءِ آمريڪا ڏي لڙي وڃڻ ڪنهن ٻي ڳالھه ڏانهن اشارو پيو ڪري ته جيئن افغانستان ۽ ڀارت سان نٿي لڳي، تيئن هاڻي جي آمريڪا جي هوائي، بحري يا زميني اڏا ۽ مدد گهري ته پاڪستان صفِ اول ۾ بيٺو هوندو يا ٻيو ڇا سمجهون؟ ان ڪري ايران تي پابندي لڳي يا نه لڳي اهو ٻيو بحث هوندو، ڇو ته اهڙي پابندي ايران 2008 کان وٺي ڀوڳي چڪو آهي. اها ڳالھه به ياد ڪرڻ جهڙي آهي ته 2010 ۾ يو اين او جي سيڪيورٽي ڪائونسل جڏهن ايران تي پابندي پئي مڙهي، تڏهن سعودي عرب ۽ اسرائيل سڀ کان پهرين ان جي پابندي جي حق ۾ ووٽ ڪيو ۽ اهي پابنديون 2015 تائين لڳل رهيون، جو ٽرمپ پنهنجي دور ۾ “اي اِي آءِ اي” جي توسط سان اها پابندي هٽائي ۽ انهن جي ايٽمي هٿيارن جو مشروط معائنو ڪرايو ۽ تصديق ڪين ته ايران وٽ جيڪي به ايٽمي هٿيار آهن اهي دنيا جي لاءِ هرو ڀرو خطرو ناهن. ان ڏينهن کان وٺي “اي اِي آءِ اي” انهن جي هٿيارن جو مسلسل معائنو ڪندو رهيو ۽ هڪ سخت عتاب هيٺ ايران کي رکندو آيو، پر هاڻي رکي رکي وري ساڳي جنگي ڪيڙي آمريڪا کي بيقرار ڪري ڇڏيو آهي جو هنن اسرائيل کي ڪانگريس مان 450 ملين ڊالرن جا هٿيار پاس ڪرائي به ڏنا ته اهي ڀلي ايران جي آشيرواد هيٺ هلندڙ گروهن تي حملو ڪري جن ۾ حوثي، حماس ۽ حزب الله (انصارلله) شامل آهن، جيڪي ايراني سپورٽيڊ گروھ هوندي به عرب ڌرتي لاءِ وڙهيا ۽ عرب پاڻ خاموش رهيا، ايستائين جو مصري ۽ اماراتي ۽ اردن جا عرب انهن اسرائيلين سان ٻِٽُ بيٺا رهيا ۽ هٿ وٺي فلسطينن کي مارين جو تاريخ شاهدي ڏيندي ته عربن جي بي حسي انهن فلسطينن کان انهن جي ڌرتي کسرائي، جو ڏينهن ڏٺي اسرائيل سڀ ڪجھه هڙپي ويو، اردن ۽ لبيا جي آسري انهن گريٽر اسرائيل جو نعرو به هنيو ۽ ايران سان ٽڪرائڻ اسرائيل کي ڏکيو پوندو.