بلاگنئون

عالمي نظام جي ڪمزوري

 عالمي ۽ علائقائي سطح تي جاگرافيائي، سياسي ۽ اسٽريٽيجڪ منظر نامو اڃان تائين جهٽڪا محسوس ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪا اڃان تائين عالمي طاقت تي مضبوط گرفت رکي ٿو، باوجود ان جي ته يوني لٽيرل ازم يا يوني پوليرٽي کي ڪجهه وڏا جهٽڪا لڳا آهن، جيڪا سوويت يونين جي 1989-90 ۾ ٽٽڻ کانپوءِ آمريڪا جي واحد سپر پاور هجڻ کي ظاهر ڪندي هئي.

سوويت يونين آمريڪا ۽ ان جي مغربي اتحادي ملڪن جي اثر ۽ پهچ کي محدود رکيو ۽ اوڀر طرف نيٽو جي واڌ ويجهه جي مزاحمت ڪئي. اٽڪل ستن ڏهاڪن تائين. ٻنهي سپر پاورن جي وچ ۾ ٿڌي جنگ دوران لاهين چاڙهين جا مرحلا  اچڻ وڃڻ باوجود، پر انهن ڪڏهن به صورتحال کي کليل جنگ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو.

سوويت يونين جي ٽٽڻ سان عالمي منظر نامي ۾ وڏيون تبديليون آيون. سوويت يونين ڪيترن ئي آزاد ملڪن ۾ ورهائجي ويو، جنهن سان سياسي، علائقائي ۽ نسلي جهيڙا ۽ گهرو ويڙهون شروع ٿي ويون؛ ان جو جانشين ملڪ روس سخت سياسي، معاشي ۽ قيادتي بحران ۾ ڦاسي پيو، جتي ڪمزور ۽ بيمار بورس يلسن اقتدار ۾ هو؛ عالمي نظام ۾ مارڪيٽ تي ٻڌل معاشي رابطن، واپاري ڏي وٺ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن تحت آزاد واپار کي اهميت ملي، جنهن سان علائقائي ۽ عالمي سطح تي وڏا سياسي ۽ معاشي موقعا ۽ چئلينج سامهون آيا، ۽ چين کي واپاري ۽ معاشي پکيڙ لاءِ وڏو موقعو مليو.

1990ع جي ڏهاڪي جي وچ کان، چين سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽيجڪ طاقت ۽ علائقائي بالادستي ڏانهن تيزي سان اڳتي وڌيو. چين ڪافي معاشي ۽ فوجي قوت حاصل ڪئي، جنهن اوڀر ايشيا ۽ پيسيفڪ ۽ ڏکڻ ايشيا جي آس پاس وارن علائقن ۽ ان جي پاڙيسرين ۾ ڊپ ۽ حيرت پيدا ڪري ڇڏي. چين اهو ڪمال معاشي ترقي ۽ واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي حاصل ڪيو، جڏهن ته سياسي، نظرياتي ۽ علائقائي تڪرارن کي پوئتي رکيو ۽ عالمي معاملن ۾ صبر ۽ بردباري ڏيکاري. دنيا ان مرڪوز معاشي ترقي جا نتيجا ڏسڻ لڳي. اڄ چين جي GDP لڳ ڀڳ 18.8 ٽرلين ڊالر آهي. جيتوڻيڪ اڃان تائين آمريڪا جي 28.7 ٽرلين ڊالر جي GDP کان گهڻو پوئتي آهي.

ڪنهن به علائقائي رياست جي اهڙي اقتصادي ۽ فوجي اڀار کي حڪمت عملي طور سپر پاور جي بالادستي لاءِ سڌي خطري طور ڏٺو ويو. تنهنڪري چين کي آمريڪا جي مخالف طور پيش ڪيو ويو.

چين اوڀر ايشيا جي ملڪن جو اهم واپاري ساٿي بڻجي ويو، آزاد واپار جا معاهدا آسٽريليا، سنگاپور، ڏکڻ ڪوريا ۽ ايسوسئيشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نيشنز (ASEAN)  سان ڪيا ۽ عالمي مالي ادارن جهڙوڪ: آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ جاپان جي اڳواڻي واري ايشيائي ڊولپمينٽ بينڪ سان مقابلي ۾ پنهنجو اداراتي ڍانچو ٺاهيو. 2014ع ۾ چين BRICS ملڪن سان گڏجي 100 ارب ڊالر جو نئون ڊولپمينٽ بينڪ ٺاهيو ۽ ايندڙ سال 100 ارب ڊالر جو ايشيائي انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ قائم ڪيو، جنهن ۾ 80 ملڪ شامل ٿيا. انهن مالي ادارن کانپوءِ سڀ کان مهانگو ۽ وڏو منصوبو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو (BRI) شروع ڪيو، جنهن جي قيمت 1 ٽرلين ڊالر کان مٿي هئي ۽ 60 کان وڌيڪ ملڪن کي ڳنڍڻ جو مقصد رکيو. آمريڪا انهن سڀني شين کي هڪ مخالف ملڪ مان ايندڙ چيلينج سمجهيو.

پيپلز لبريشن آرمي جي ٻيهر تنظيم، جنهن جو مقصد “اينٽي-ايڪسس، ايريا ڊينائل” ڊاڪٽرين تحت چين پنهنجن سامونڊي ڪنارن ۽ فضائي علائقن کي آمريڪا کان محفوظ رکڻ لاءِ جوڙيو، جيڪو پڻ آمريڪا لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو. مغربي ميڊيا الزام لڳايو ته “چين علائقي جي سڀ کان وڏي ڪوسٽ گارڊ ٺاهي آهي ۽ عام ماهيگيرن جي ٻيڙين تي مشتمل وڏي مليشيا کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ڏکڻ چين سمنڊ ۾ هن اڌ درجن کان وڌيڪ ٻيٽن کي ترقي ڏني آهي، جتي هوائي فوج جا اڏا، ميزائيل شيلٽر ۽ ريڊار ۽ ڪميونيڪيشن سهولتون موجود آهن”. آمريڪا خاص طور تي چيني فضائي دفاع جي واڌ ويجهه بابت فڪر ظاهر ڪيو. آمريڪين کي خدشو هو ته چين انهن جي سامونڊي جهازن تي حملا ڪري سگهي ٿو ۽ انهن جي هوائي اڏن ۽ بندرن تي ميزائيلن جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.

ٻئي طرف، چيني قيادت ان فوجي گهيري بابت پريشان هئي جيڪو آمريڪا انهن جي ملڪ جي چوڌاري ٺاهيو هو، جتي جنگي جهاز، 11 ايئر ڪرافٽ ڪيريئر سميت، جاپان، گوام، ڏکڻ ڪوريا، ڊيگو گارسيا، ڀارت (ڪواڊ)، آسٽريليا (AUKUS) ۾ هائپر سونڪ هٿيارن،B-21 بمبارن، AI وار-گيمنگ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي رياستن سان دفاعي معاهدن سان گڏ موجود آهن. بهرحال، ٻنهي طاقتور ملڪن شعوري پاليسين سان فيصلو ڪيو ته سياسي، اقتصادي ۽ اسٽريٽيجڪ سطح تي مقابلو جاري رکندا، پر هڪ ٻئي جون ريڊ لائينون پار ڪري فوجي ٽڪراءُ کان پاسو ڪندا. اهو عالمي امن لاءِ اميد پيدا ڪري ٿو، پر حالتون ايتريون به سٺيون ناهن جو قومن جي “چڱائيءَ” تي يقين آڻي سگهجي.

تجزيه نگارن جو خيال آهي ته تاريخ هڪ نئون ڪر موڙي رهي آهي، جتي چين ان تبديلي جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي. مستقبل جو عالمي نظام چين ۽ آمريڪا جي سياسي ۽ اسٽريٽيجڪ لاڳاپن سان طئي ٿيندو، جيڪو ٻين ملڪن کي انهن ٻنهي ڪيمپن ۾ ورهائي ڇڏيندو. سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ آمريڪا هن دنيا جو بنا ڀائيوار مالڪ بڻجي ويو. ان ٻين رياستن کي ڌمڪائڻ، حڪومتون بدلائڻ، جنگيون ڪرڻ، گڏيل قومن ۽ ان جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. دنيا ٽرمپ جي پهرئين دور ۾ گورا برتري وارين پاليسين ۽ چين جي اقتصادي ترقي ۽ واپار جي واڌ بابت تشويش ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويو. پنهنجي ٻئي دور ۾ هن چين بابت پنهنجي جنون کي نئين بلندين تي پهچايو.

چين ۽ روس جي گڏيل اسٽريٽيجڪ پاليسين ۾ ويجهڙائي عالمي معاملن ۾ ملٽي ليٽرلزم جي اميد ٻيهر روشن ڪئي. اسان ڏٺو ته چين، روس، پاڪستان ۽ ڪجهه مرڪزي ايشيائي ملڪن گڏجي افغانستان مسئلي جو ڳالهين ذريعي حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته روس ۽ ايران شام کي تقسيم ٿيڻ کان بچايو. انهن سالن دوران چين سفارتي ميدان ۾ ايران ۽ سعودي عرب جي دشمني گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ايران ۾ ڪجھه سالن ۾ لڳ ڀڳ 400 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ۽CPEC کي افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا تائين وڌائڻ جو واعدو ڪيو. هي ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ چين جي اهم اڳڀرائي هئي. ٻه وڏا واقعا روس جو يوڪرين تي فوجي حملو ۽ اسرائيل پاران غزه ۾ نسل ڪشي واري قتل عام دنيا کي يوني لٽيرلزم ۽ ملٽي پوليرٽي ڏانهن ويندڙ رستي کي روڪي ڇڏيو. 7 آڪٽوبر 2023 تي ڪجهه دهشتگردن اسرائيل جي قبضي هيٺ غزه ۾ داخل ٿي ڪجهه آبادڪارن کي قتل ڪيو ۽ ڪجهه کي قيد ڪيو. ان جي جواب ۾ اسرائيل، هڪ ڏوهاري رياست طور، بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جنگ جاري رکي، جنهن ۾ 47000 کان وڌيڪ معصوم فلسطيني قتل ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اسرائيل، ڀرپاسي عرب رياستن جي خاموش مدد ۽ آمريڪا جي هٿيارن ۽ ناڻي سان گڏ، ۽ پنهنجي اسٽريٽجڪ صلاحيت سان، شام ۾ حڪومت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسرائيل ايران جي عسڪري ۽ انٽيليجنس ڪمزوري کي ظاهر ڪيو، جڏهن هن ايران ۽ لبنان ۾ حماس جي اڳواڻن ۽ سينئر ايراني فوجي آفيسرن کي قتل ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسرائيل کي ايران کان سيڪيورٽي خطرا محسوس ٿين ٿا. خاص طور تي خليج جي امير رياستن جي ابراهيمڪ معاهدن ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻون ٿا ته بااثر مسلم ملڪ اسرائيل کي گهڻو وقت اڳ قبول ڪري چڪا آهن. واحد ايٽمي مسلم ملڪ پاڪستان سخت سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽيجڪ بحرانن ۾ ڦاٿل آهي ۽ اسرائيل لاءِ ڪو وڏو اسٽريٽيجڪ خطرو پيدا ڪرڻ جي قابل ناهي. اهو مسلم امه ۽ OIC جي طاقت ۽ اثر ۾ گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو.

روس يوڪرين سان جنگ ۾ ڦاٿل آهي، ڪريملن سوچيو هو ته يوڪرين تي حملو سولو هوندو، پر آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي دولت ۽ نيٽو جي هٿيارن کي نظر انداز ڪيو. مغرب چاهيو ته روس کي هڪ اهڙي جنگ ۾ ڦاسائي، جيڪا کٽڻ جهڙي نه هجي. انهن يوڪرين کي نيٽو ۽ يورپي يونين ۾ شامل ڪرڻ ۽ اربين يورو جي امداد سان روس کي ڦاسائي وڌو. سندن چال ڪامياب ٿي ۽ روس ڦاسي پيو. آمريڪي مغرب جي ناڻي ۽ نيٽو جي هٿيارن سان يوڪرين پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو. جنگ جي شروعات کان وٺي روس ڪنهن به علائقائي يا عالمي معاملي ۾ اهم ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. چين سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽيجڪ مدد روس کي ڏيندو رهيو. هاڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو عمل شروع ڪيو آهي.

پر اڃان تائين ان ۾ ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي. ان سان عالمي منظرنامي جي غير يقيني ۾ واڌ ٿي آهي، جيڪو اڳ ئي ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ اسرائيل ۽ ڀارت جي ايران ۽ پاڪستان خلاف جارحيت سبب ڇانيل هو. پاڪستان ۽ ڀارت کي تازو ئي تباهي کان بچايو ويو. وچ اوڀر ۾ ٻيهر جنگ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، جڏهن اسرائيل ايران جي اسٽريٽيجڪ اثاثن ۽ سائنس ريسرچ سينٽرن تي بنا ڪنهن جواز جي حملا ڪيا ۽ مبينا طور سينئر فوجي آفيسرن ۽ نيو ڪليئر سائنسدانن کي قتل ڪيو. ان عمل شايد عالمي امن جون آخري اميدون ختم ڪري ڇڏيون آهن.

***