بلاگنئون

تصويرن جي دنيا ۽ تصورن جو خاتمو!

تصورن جي دنيا هميشه کان انسان جي باطني آزاديءَ جو مظهر رهي آهي. انسان هاڻ تصور ڪرڻ بدران رد عمل ڏيکارڻ ۾ ماهر ٿيندو پيو وڃي. تصور تخليقي عمل آهي، تصوير فراريت آهي. هاڻي تهmedium  ئي mind بڻجي ويو آهي. فرائيڊ موجب تخيل انسان جي لاشعوري خواهشن جو اظهار آهي اها خواهش هن وقت اڀرڻ کان اڳ ئي الگورٿم ذريعي استحصاليءَ جو شڪار آهي. هاڻي تخيل به برانڊ ٺاهڻ لاءِ آهي. تصوير هاڻي تخيل جو متبادل بڻجي وئي آهي. بقول گائي ڊيبور جي “جديد سماج هڪ تماشائي سماج آهي.” تصور کان محروميت ۽ تصوير ۾ يقين رکڻ انساني داخليت جي  زوال جي شروعات آهي. تصور کي وقت گهرجي، خاموشي گهرجي، اڪيلائي گهرجي. تصوير شور ڪري ٿي، تصور خاموش آهي. ماڻهو پاڻ کي تصويرن وانگر “ايڊٽ” ڪرڻ لڳا آهن. اهي پنهنجن روين، احساسن ۽ خوديءَ جي پوري تشڪيل کي به ايڊٽ ڪري رهيا آهن. جذبا، خيال، لهجا، رويا انهن سڀني کي به ماڻهو “فلٽر” ڪرڻ لڳا آهن.

اهڙيءَ تصويري دنيا ۾، جتي جذبا به فن جو نما بڻجي وڃن، اتي سچو درد، سچي خوشي، سچي محبت به شڪ جي حدن ۾ اچي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا، اشتهاري دنيا ۽ ٽرينڊز جي ثقافت مسلسل اهو سيکاري رهيا آهن ته ڇا پائڻ، ڇا محسوس ڪرڻ ۽ ڇا پوسٽ ڪرڻ کپي. اتي “تصور” هڪ خطرو بڻجي ٿو. ڇو ته تصور آزاد آهي، غير متوقع آهي، ضد آهي. جڏهن اسڪرين بند ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهو پاڻ سان اڪيلو ٿيڻ کان ڊڄي ٿو. ڇو ته حقيقي انسان ۾ خاميون، تضاد، اداسي ۽ غير يقيني به شامل آهي، جنهن بنياد تي هو جدوجهد ڪري ٿو. هر ايڊٽ، هر فلٽر، هر انداز صرف ٻاهرين دنيا لاءِ ڏسڻ جو سامان آهي اندر خالي کوکلو آهي. تصور جو مرڻ، تخليق جي امڪانن جو مرڻ آهي.

جڏهن هر شئي تصوير ۾ تبديل ٿي وڃي، تڏهن انسان جو شعور غير حقيقي بڻجي ٿو، بقول سوزان سانٽاگ “تصويرون حقيقت کان پري ڪري، جذبن کي پيچيده ۽ انسانيت کي بيحس ڪن ٿيون.” تصوير تصور جي متبادل هجڻ سان گڏ ان جي تشڪيل به ڪري ٿي، ان کي ڪنٽرول به ڪري ٿي. فوڪو پڻ تصويرن کي طاقتور اثر جو ذريعو سڏي ٿو، جنهن جو مثال وري آدري ميگي جي ناول “دي ڪالوني” ۾ ملي ٿو. تصوير جو نقطو آهي”Existence is visibility” جيڪو تصور کي نشانو بڻائي ٿو. اڄ اسڪرين تي سوائپ، اسٽوري ڏسڻ، پوسٽ ڪرڻ، تصوير سان محبت، تصوير سان نفرت، تصوير سان پاڻ کي بيان ڪرڻ اهميت جوڳو آهي بنسبت سوچڻ جي. Visual Turn جي هيءَ دنيا ڏسڻ کي سڀ ڪجھه سمجهي ٿي، جتي ماڻهو سطحي طور عارضي تسڪين کي حقيقت سمجهي ويهن ٿا.

جتي تصوير “حاصل” تي زور ڏئي ٿي، اتي تصور “جستجو” تي زور ڏئي ٿو، جتي تصوير تسلي ڏئي ٿي، اتي تصور بيچيني پيدا ڪري ٿو. اها بيچيني ئي تخليق جي ماءُ آهي. تصوير فرد جي potential space  کي ڀري ان جون منطقي صلاحيتون ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي. ان بنياد تي سڃاڻپ لاشعوري طور تي تصويرن جي دنيا جي قبوليت سان ڳنڍجي وڃي ٿي جنهن سان خودشناسي جو پنڌ رڪجي وڃي ٿو. تصور، حقيقت جو متبادل ناهي، پر ان جي تلاش آهي. تصوير، ان جي ابتڙ، مڪمل شڪل ۾، ترتيب ڏنل ۽ جمالياتي طور تي سُڌريل نمائندگي آهي. فرد تصويرن جي انبوھه ۾ پنهنجو ذاتي درد، خواهش ۽ تخيل وساري، صرف “شيئر لائق” تجربا اختيار ڪرڻ لڳي ٿو.

هاڻي انسان جو ذهن تصور کان وڌيڪ “بصري اشارن” (Visual Cues) تي ڀاڙڻ لڳو آهي. بار بار تصويرون ذهن جي اندر لاشعوري خواهشن کي بيدار ڪن ٿيون. اها خود جي اجنبيت (alienation from self) جي شڪل آهي. اهو سرمائيداريءَ جو اوزار آهي جيڪو ماڻهو جي لاشعور، خواهشن ۽ سوچ تي قبضو ڪري ٿو. هر تصوير، اشتهار، ميڊيا جي پويان مقصد کي سمجهڻ لازمي آهي، ڇو ته حنا آندت موجب “سوچڻ خود نجات جو عمل آهي.” فرد تصويري غلاميءَ جي نظام کي سمجهي، ان جي مخالفت ڪري ۽ نئون تخليقي متبادل جوڙي تصور ۽ فطري رنگ ۽ انساني حياتياتي جبلتن طرف واپس ٿي سگهي ٿو. ڪمپني جو لوگو، اشتهار يا انسٽاگرام پوسٽ رڳو تصوير نه آهي، اهو سياسي ۽ معاشي طاقت جو اظهار آهي. تصوير کي ڏسڻ کان اڳ ان جي ساخت، مطلب ۽ مقصد کي پرکڻ لازمي آهي. ادب لفظن جي دنيا آهي، جتي تصويرن جي غلامي ختم ٿي سگهي ٿي، جتي منطق ڪم ڪري ٿو. هر تصوير کي ان جي پسمنظر سان ڏسڻ، سوال ڪرڻ ۽ ان تي بحث ڪرڻ سان تصويري ڪلچر کي بي نقاب ڪري سگهجي ٿو.

***