دنيا جو رنگ روپ بدلجي چڪو آهي، وقت جي واٽ تي جتي اڳي ورق ورق شاعري ورجائي ويندي هئي، اڄ اُتي اسڪرين جي روشنيءَ ۾ سُرن جي سچائي گونجي رهي آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، جيڪو سنڌ جي سر زمين تي فڪر، فيض، ۽ فنا جو فيروزه تاج آهي، سندس بيتن جا بادل اڄ به دلين جي اُمنگن تي وسن پيا، پر سوال اهو آهي ته ڇا ڀٽائيءَ جو پيغام، جيڪو روحانيت، انسانيت، عشقِ الاهي ۽ سچائيءَ تي ٻڌل آهي، اُن کي نئين نسل تائين، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي سگهجي ٿو؟
ها، يقينن ۽ اُن جو مؤثر ذريعو آهي، ڊجيٽل ميڊيا:
ڊجيٽل ميڊيا، جنهن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز (جهڙوڪ: فيسبڪ، ڊجيٽل اخبارون، انسٽاگرام، يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ ۽ پوڊڪاسٽ)، ويب سائيٽون، آن لائين ڪتاب ۽ ايپس شامل آهن، انهن وسيلي ڀٽائي جي بيتن کي عالمي سطح تي روشناس ڪرايو وڃي ٿو. ڀٽائي جي بيتن کي جڏهن هڪ وجداني پسمنظر، سريلي سُرن ۽ بصري فنڪاري سان گڏ پيش ڪيو ويندو آهي، تڏهن اهو پيغام رڳو ٻڌڻ لاءِ نه، پر محسوس ڪرڻ لاءِ هوندو آهي. ڊجيٽل وڊيوز جي ذريعي، ڀٽائيءَ جي رسالن مان چونڊيل بيتن کي پسمنظر سان گڏ نشر ڪري، نه صرف لوڪ ادب جي روايت کي زنده رکڻ ممڪن آهي، پر مغربي ۽ جديد دنيا جي ماڻهن تائين به هن صوفي شاعر جي عالمي فڪر کي پهچائي سگهجي ٿو. يوٽيوب تي متحرڪ شارٽ فلمون، جيڪي مارئيءَ جي وطن سان وفاداري، سسئيءَ جي عشق ۽ سُر سارنگ جي سڪ سان ڀريل آهن، اڄ جي نسل کي پنهنجي ماضيءَ سان ڳنڍي سگهن ٿيون. ان کان علاوه، پوڊڪاسٽ ۽ آڊيو بُڪس به ڀٽائي جي پيغام جي اشاعت لاءِ هڪ مؤثر اوزار آهن. جديد نوجوان جيڪي ڪتابن کان پري ٿي چڪا آهن، انهن تائين آڊيو جي صورت ۾ بيتن جو روح پهچائي سگهجي ٿو. اهڙيون تخليقون، جيڪي ڀٽائيءَ جي بيتن جي تشريح، ان جو سماجي ۽ ديني پسمنظر ۽ اڄ جي حالتن سان تقابلي جائزو پيش ڪن نه صرف ادبي شعور وڌائين ٿيون، پر فڪر جي نئين واٽون به کولين ٿيون. سوشل ميڊيا جي پوسٽن، وائرل ٽوئيٽن ۽ انسٽاگرام ريلز جي ذريعي ڀٽائي جي چونڊ بيتن کي مختصر پر اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. هر بيت پنهنجي اندر هڪ ڪائنات رکي ٿو ۽ ڊجيٽل تصويرن سان گڏ اهي بيت صرف شاعري نه، پر پيغام بڻجي سامهون اچن ٿا. ايپس ۽ آن لائين ڪتاب پڻ شاھ جو فڪر محفوظ ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڀٽائي جي رسالي جو جديد، سادي زبان ۾ ترجمو، آڊيو سان گڏ، هڪ ايپ ۾ موجود هجي ته ماڻهو پنهنجي موبائيل مان ئي علم، عشق ۽ عرفان جا سبق حاصل ڪري سگهن ٿا.
اڄ جي دور ۾ جتي ٽيڪنالاجي دل جي ڌڙڪن بڻجي وئي آهي، اتي شاھ جو پيغام به ‘ڪلڪ’ جي فاصلي تي ٿي سگهي ٿو، پر هتي هڪ ذميواري به پيدا ٿئي ٿي. ڀٽائي جي پيغام جي اشاعت وقت اُن جي اصليت، احترام ۽ روحاني لهجي کي برقرار رکڻ لازمي آهي. ڇو ته ڀٽائي صرف شاعر نه، پر اولياءَ، سنت جو پابند ۽ صدين جو سچو صوفي آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جي ڌرتيءَ جو سُرن ۽ سچائيءَ جو شاعر، جنهن جي دل جي ڌڙڪن هر بيت ۾ وڄي ٿي ۽ جنهن جو روح سندس سُر ۾ لڪل آهي. ڀٽائي جي رسالي ۾ رڳو داستانن جو بيان ڪونهي، پر هڪ عظيم مقصد، هڪ نرالو ارادو ۽ هڪ الوهي صداقت به سمايل آهي، اهو ته سندس ڪلام رڳو ذات تائين محدود نه رهي، پر سڄي انسانيت تائين پهچي، سچائي، عشق ۽ وحدت جو پيغام عام ٿئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن ئي سرن ۾ سندس ڪلام جي تبليغ، اشاعت ۽ ٻين تائين پهچائڻ جو شعوري اظهار ملي ٿو. خاص طور تي سر سارنگ، سر يمن ڪليان، سر معذوري، سر سسئي ۽ سر مارئي جهڙن سرن ۾ هن پاڻ کي الاهي راز جي پيغام رساڻ طور پيش ڪيو آهي.
سر سارنگ، عشق رسول جو سُر:
ھن سر ۾ پاڻ سڳورن جو دنيا ۾ اچڻ سندن جنم ڀومي کي پوري دنيا کان عظمت وارو ۽ اعليٰ ڪري پيش ڪيو ويو آھي.هن چيو:
اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪڪر ٿو ڪري
روضي پاڪ رسول جي پلٽيو پٽ ڀري.
وڄن ساڻ وري ته سنگھارن سک ٿئي
سر سارنگ ڀٽائيءَ جي ان جذبي جو ترجمان آهي، جنهن ۾ هو چاهي ٿو ته سندس بيت وڄن، وڇڙي ويل دلين کي ڳنڍين ۽ هڪ نئين سر ۾ نئون سچ اڀري.
سر يمن ڪليان، امن ۽ عشق جو آواز:
هن سر ۾ ڀٽائي ڪائناتي امن، الاهي عشق ۽ روحاني سڪون جي ڳولها ڪري ٿو. سندس خواهش هئي ته سندس سچائيءَ جا سر لوڪن جي ڪنن تائين پهچن. هن چيو:
تون حبيبُ تون طبيبُ تون درد جي دوا
جانب منھنجي جي ۾ آزار جا انواع
صاحب ڏي شفا ميان مريض کي
هتي نغمو صرف موسيقي ناهي، پر اهو الهامي پيغام آهي، جيڪو ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تائين رسڻ گهرجي. ڀٽائي جو ارادو واضح آهي: سندس بيتن ذريعي محبت، مساوات ۽ وحدت جو راڳ هر ڪن تائين پهچڻ گهرجي.
سر سُسي، سڪ جو ساٿ:
سسئيءَ جي صورت ۾ شاھ صبر، حوصلي ۽ عشق جي آزمائشن کي بيان ڪري ٿو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ پاڻ کي هڪ پيغام رساڻ ۽ عشق جي آواز جي قاصد طور پيش ڪري ٿو. هو چوي ٿو:
ڪنڊا مون پيرن توڻي لک لڳن.
آڱر آڱوٺي نه مڙي ڇپون پير ڇنن
ويندي ڏانھن پرين جتي ذات نه پايان
هتي ڀٽائي صرف شاعر ناهي، بلڪه روحاني ترجمان آهي، جيڪو سسئيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو پيغام لڪائي ٿو.
سر مارئي، وطن ۽ وفا جي ڳالھه:
مارئي جي سر ۾ ڀٽائي جو عشق ڌرتيءَ سان ملي ٿو، پر هن سر ۾ به هو پنهنجي بيتن جي تبليغ لاءِ لاشعوري طور تي خواهش ظاهر ڪري ٿو:
واجھائي وَطَنَ کي آئون جي ھت مياس
گور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس
ڏج ڏاڏاڻي ڏيھَه جي منجھان ولڙين واس
ميائي جياس جي مڙھ وڃي ملير مون
يعني بيتن ذريعي شاھ صاحب پنهنجا جذبا ظاهر ڪري ۽ ٻوليءَ جي ذريعي ماڻهن تائين پنهنجو عشق پهچائي ٿو. ڀٽائي جي لفظن ۾ جذبي جو سچ ۽ جذبي جي صدائن ۾ صداقت جو راز سمايل آهي.
سر معذوري، فنا جي فيض جو پيغام:
سر معذوريءَ ۾ ڀٽائي پنهنجي ذات کي فنا ۽ فڪر جي واديءَ ۾ ويل سالڪ جيان پيش ڪري ٿو، جيڪو چاهي ٿو ته سندس فڪر جا موتي ٻين تائين پهچن. هتي ڀٽائي پنهنجي بيتن کي سُر نه، پر راز سمجهي ٿو، جن کي بيان ڪرڻ لاءِ هو پاڻ کي هڪ وسيلو سمجهي ٿو. سندس خواهش آهي ته ڪو سندس بيت سمجهي ۽ انهيءَ معرفت جي پيغام کي ٻين تائين پهچائي.
نتيجو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي، صرف شاعر نه هو، پر هڪ الهامي ترجمان، صوفي سالڪ ۽ بيتن جي سچائيءَ جو باخبر مبلغ هو. سندس سرن ۾ جتي سسئي، سهڻي، نوري، مارئي ۽ مومل جون ڪهاڻيون آهن، اُتي سندس پنهنجي اندر جي به اها للڪار آهي ته:
جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آھن
نيو من لائين پريان سندي پار ڏي
سچ ته اهو آهي ته ڀٽائيءَ جي بيتن جي ذريعي خدا جي سُڃاڻپ، انسان جي عظمت ۽ عشق جي معنيٰ بيان ٿي آهي ۽ هن جي خواهش هئي ته اهو فڪر رڳو اڪابرن تائين نه، پر عام ماڻهن، هارين، مزدورن ۽ هر پياسي دل تائين پهچي ۽ اڄ، جڏهن دنيا ڳنڍجي چڪي آهي ته ڀٽائي جي انهيءَ بيقراري کي اسان ڊجيٽل سرن، جديد ذريعن ۽ عالمي پليٽ فارمن تي وڄائي، سندس صدين پراڻي صدا کي نئين دنيا تائين رسائي ڏينداسين ته جيئن بيتن جي بُک بجاءِ دلين جي ڏڪار ختم ٿئي ۽ ڀٽائي جي بيتن جو پيغام صدا بڻجي، صوفي پيام بڻجي، سچ بڻجي گونجي. اهو آهي ته هر دور جي زبان بدلجي ٿي. ڀٽائي جي دور ۾ بيت هئا، اڄ جي دور ۾ بٽڻ (Button) آهن، پر جيستائين اسان ڀٽائي جي بيتن کي بٽڻن ذريعي سچائيءَ سان، عقيدت سان ۽ ذميواريءَ سان دنيا تائين پهچائينداسين، تيستائين سنڌ جو هيءَ سرتاج شاعر عالمي ادب جي ميدان ۾ نئون نغمو بڻجي وڄندو رهندو.
سائين ڀٽائيءَ جي سُرن کي جيڪڏهن ڊجيٽل سرن سان ڳنڍيو وڃي ته نئون دور به سچ جي راڳ تي جھومي سگهي ٿو.
شاھ جو پيغام ۽ سنڌي ميڊيا جو ڪردار:
سنڌ جي سُرن جا سرواڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جن جو ڪلام صرف شاعراڻو نه، پر فڪر، فلسفو، روحانيت ۽ سماجي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ آهي، اڄ به سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دليون ڌڙڪائيندڙ سر بڻجي گونجي ٿو. وقت جي واٽ تي جڏهن روايتي ذريعا گهٽجي رهيا آهن، تڏهن سنڌي ميڊيا شاھ جي سچائيءَ جا سُر نئين دور جي ساز تي وڄائي رهي آهي. جتي هڪ وقت بيتن کي صرف دستار پوش فقير ڳائيندا هئا، اڄ اوهان کي اهوئي بيت، موبائيل جي اسڪرين تي، يوٽيوب جي وڊيو ۾، يا فيس بڪ جي لائيو اسٽريم ۾ نظر اچي ٿو. هي نه صرف نئون ميڊيم آهي، پر نئين نسل سان شاھ جي سڌي سنئين ملاقات جو وسيلو آهي.
ڊجيٽل ڌرتيءَ جا سجاڳ ستارا:
اڄ جي سنڌي سماج ۾ ڪيترائي اهڙا آن لائين پليٽ فارم ۽ ميڊيا ادارا آهن، جيڪي شاھ لطيف جي پيغام کي وقت جي نبض سان ڳنڍيندي عام ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجھه اهم نالا هيٺ ڏجن ٿا.
اخبارون: روزاني ڪاوش: لطيفي فڪر تي مضمون، خاص ايڊيشنون ۽ سُرن سان ڀريل ادبي صفحا. روزاني سوڀ: ثقافتي رنگن سان ڀريل رپورٽون، لطيفي محفلن جي ڪوريج. روزاني عبرت: لطيف شناسيءَ بابت مقالا ۽ شخصيتن جا خاڪا. روزاني ھلال پاڪستان: جديد فڪري تجزيي ۽ لطيف جي شاعريءَ جي نون پاسن تي تسلسل سان شايع ڪندڙ مواد.
ويب سائيٽون:
M.H.Panhwer institute www.lib sindh.com هي ويبسائيٽ گرانقدر ڪم ڪري رھي آھي لطيفيات تي بھترين مواد موجود آھي.
www.sindhiadabi.com آن لائين سنڌي ادبي بورڊ، جنهن ۾ شاھ لطيف جي فڪر تي تحقيق پيش ڪئي ويندي آهي.
www.kawish.news شاهه ڀٽائيءَ جي شخصيت تي خاص ايڊيشنن جا آرڪائيوز.
ايپس (Apps):
Shah Jo Risalo App (Android/iOS) بيتن جي آسان تلاش، صوتي بيت ۽ تشريح.
Sindhi Music & Latif Kalam فنڪارن جي زبان ۾ شاھ جا بيت.
آوازن جي آکاڻي:
ڊجيٽل دنيا ۾ پوڊڪاسٽ، يوٽيوب چينل ۽ آن لائين ريڊيو اسٽيشنون به لطيف جي لوڪ سڏ کي دنيا تائين پهچائي بيتن جو صوتي جادو، نوجوانن جي ڌيان جو مرڪز بڻائي رھيا آهن.
عالمي پھچ:
اڄ سنڌ جي لطيفي سچائي نيويارڪ، لنڊن ۽ دبئي تائين وڃي پهتي آهي. انٽرنيٽ ذريعي پکيڙيل شاھ جا بيت، سنڌيت جي سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن. سنڌي ڊائسپورا لاءِ لطيف جو ڪلام جذباتي پُل آهي، جيڪو ياد، سار ۽ محبت جي وچ ۾ رستو ٺاهيندو آهي.
تجويز ۽ تجديد:
اڄ جي گھرج آھي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ لطيفيات جي مضمون نگارن کي ڊجيٽل ۽ پرنٽ ميڊيا اخبارون ۽ رسالن ۾ وڌ کان وڌ جاءِ ڏني وڃي. اڄڪلھه شاھ جا پارکو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، اڪرم حيدري ۽ خيال کتري پنھنجي علمي پورھئي سان بھترين مضمون نويسيءَ سان سنڌي ٻولي ۽ شاھ جي فڪر کي عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. اڃان به گنجائش آهي ته سنڌ سرڪار ۽ تعليمي ادارا، شاھ عبداللطيف جي پيغام کي نصاب، اي لرننگ ۽ نئين ميڊيا سان ڳنڍي، لطيف شناسيءَ کي تحقيقي ۽ تخليقي رخ ڏين. اهڙو ادارو “لطيفي ميڊيا اڪيڊمي” جي نالي سان قائم ڪري سگهجي ٿو، جتي نوجوان لطيفي فڪر کي دستاويزي، صوتي ۽ تصويري انداز سان سکي سگهن.
نتيجو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ۾ جيڪا عالمگير محبت، امن ۽ انسانيت جي آجيان آهي، ان کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ڊجيٽل ميڊيا هڪ پل وانگر ڪم ڪري رهي آهي، اُها پل، جيڪا ماضي جي حڪمت کي حال جي هٿن ۾ ڏئي، مستقبل جو رستو روشن ڪري ٿي. شاھ جو سر، هاڻي صرف رباب نه، پر ريڊيو، اسڪرين ۽ ايپ جي هر سر ۾ گونجي ٿو.