بلاگنئون

قاسم آباد جي ڊرينيج نالي  جو نيڪال  سسٽم

قاسم آباد جي ڊرينج جو نئون ڪم مڪمل ٿيڻ جي باوجود قاسم آباد جو گندو پاڻي  اٿلي پوي ٿو، جنهن سان روڊ ٻڏي ۽ تباھ ٿي رهيا آهن، گورنمينٽ ٽيڪنالاجي ڪاليج وحدت ڪالوني کان لنڊن ٽائون، علي پيلس، نسيم نگر تائين ڊرينيج نالو مڪمل ٿيڻ جي باوجود واڌو واھ ۾ گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو. ٿڌي سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان تعمير ٿيل ڊرينيج نالو اٿلي پوي ٿو، جي او آر ڪالوني گندي پاڻي جي اٿلڻ سان ڍنڍ جو منظر پيش ڪري ٿي. ٿڌي سڙڪ جي نالي جو پاڻي ڪٿي نيڪال ٿئي ٿو ڪا خبر ناھي، پر نالي کي ڏسي لڳي ٿو نالي جو پاڻي ڪٿي به نيڪال نه پيو ٿئي، سدائين اٿلندڙ نظر اچي ٿو.

ٿڌي سڙڪ، نيشنل هاءِ وي روڊ، سنڌ ميوزيم، علي پيلس روڊ، مين قاسم آباد روڊ، علمدار چوڪ کان ڀٽائي ٽائون روڊ جا نالا مڪمل طور ناڪاره بڻيل آهن، جن جو پاڻي ڪٿي به نيڪال نه پيو ٿئي، رڳو پمپنگ اسٽيشن تائين محدود آهن. علي پيلس کان گيس آفيس تائين ڊرينيج لائين ناڪاره بڻيل آهي، روز اٿلي پوي ٿي، برسات جو پاڻي نيڪال نٿو ٿئي. سروس هاسپيٽل کان نيشنل روڊ سان گيس آفيس تائين ڊرينيج لائين ناڪاره بڻيل آهي. جنهن سان سنڌ ميوزيم  ۽ عيد گاھ جو پاڻي نيڪال نٿو ٿئي.

قادر نگر پمپنگ اسٽيشن کان علي پيلس، اسپورٽس گرائونڊ، نسيم نگر، نقاش ولاز ڊرينيج نالي جي باوجود انهن علائقن جو پاڻي اٿلي پوي ٿو. علمدار چوڪ، سٽيزن ڪالوني، گلستان سجاد، ڀٽائيءَ ٽائون ۾ نالي جي باوجود پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي، شهر جا علائقا گندي پاڻيءَ ۾ ٻڏل ڏسجن ٿا.

واڌو واھ ۾ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ تجويز؛

واڌو واھ ۾ جن پمپنگ اسٽيشن جو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، انهن تمام پمپنگ اسٽيشنن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا وڃن، جتي پهريان گندي پاڻي کي صاف ڪري پوءِ واڌو واھ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ته ان تي ڪو به اعتراض نه هوندو، شرط اهو آهي ته ان جو نيڪال کليل ميدان جي بجاءِ قادر نگر تلائن ۾ يا حسين آباد کان درياءَ ۾ ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو.

قاسم آباد جي پمپنگ اسٽيشن جو تفصيل:

داتا نگر پمپنگ اسٽيشن، قادر نگر، شيدي ڳوٺ، عبدالله ٽائون، نقاش ولاز پمپنگ اسٽيشن، بسم الله ٽاور پمپنگ اسٽيشن، ذڪر جوڳا آهن، باقي علائقن جن ۾ پمپنگ اسٽيشن نظر نٿيون اچن تن ۾ علمدار چوڪ، سٽيزن ڪالوني، گلستان سجاد، نسيم نگر، گورنمينٽ ايمپلائيز سوسائٽي، فيز 1، وحدت ڪالوني، لنڊن ٽائون شامل آهن.

جن جي بجليءَ جا بل ڪروڙين رپين ۾ آهن جيڪي سنڌ حڪومت ڀري ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ اتي رهندڙ ماڻهن جي بجليءَ جي بلن ۾ به اهي بل شامل ڪيا وڃن ٿا.