بلاگنئون

گورنمينٽ پرائمري اسڪول هڪ روشن مينار

اُهو دور هو، جڏهن انگريز راڄ هيٺ سنڌ جي ڌرتي تي تعليم جي واٽ تي قدم وڌايا پئي ويا. اهڙيءَ علم دوست سوچ جي شروعاتن ۾ سن 1888ع جي لڳ ڀڳ، ٽنڊو حيدر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ هڪ روشن اُجالو نمودار ٿيو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو حيدر، تعلقو حيدرآباد. هيءَ نه صرف هڪ سرڪاري عمارت هئي، پر صدين تي پکڙيل تعليمي، اخلاقي ۽ انساني جدوجهد جو هڪ تاريخي مينار هو، جنهن وقت جي ڦيرن جي باوجود پنهنجي سونهن ۽ سچائيءَ کي زنده رکيو. ان وقت، جڏهن تعليمي سهولتون شهري مرڪزن تائين محدود هيون، هي اسڪول پسگردائيءَ لاءِ هڪ نعمت بڻجي سامهون آيو. علائقي جو واحد اسڪول هجڻ جي حيثيت سان، هي ادارو تعليم سان گڏوگڏ، اجتماعي شعور، سماجي سجاڳي ۽ تنظيم جو مرڪز بڻجي ويو. مختلف وقتن تي، سيمينار، ٽيچرز ٽريننگ، امتحاني مرڪز ۽ درسي ڪتابن جي ورهاست لاءِ هيءَ جاءِ مرڪزي حيثيت رکندڙ رهي.

اسڪول جي تاريخي حيثيت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته 1910ع کان اڄ تائين جو سمورو سرڪاري رڪارڊ موجود آهي. پاڪستان جي قيام کان اڳ، هيڊ ماستر ڄاڃي ملھ جي سرواڻيءَ ۾ هن اسڪول جو نظم، ضابطو ۽ تدريس مثالي هو. سندس دور ۾ پيدا ٿيندڙ شاگرد، علم، ادب، فڪر ۽ خيال جي دنيا ۾ اهڙا نقش ڇڏيا، جيڪي اڄ به لازوال آهن. انهن روشن فڪرن مان ڪجھه نالا هن ريت آهن:

فيض محمد فيض حيدري ڪيريو عظيم ڪهاڻيڪار شاعر اديب بيمثل، خان محمد چانڊيو . ادب جو عاشق، شاعريءَ جو مسافر. محمد علي ڪيريو. لفظن جي لطافت سان لبريز شاعر. الحاج وڏيرو محمد سڄڻ ڪوري. عوامي خدمتن جو علمبردار. ماستر محمد ملوڪ ڪيريو. تقويٰ، تعليم ۽ تصوف جو مجسمو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ به انهيءَ علمي ۽ اخلاقي ورثي کي زنده رکندي، هي درسگاھ نوان جواهر پيدا ڪندي رهي. انهن مان: ماستر عزيز احمد ڪيريو، پرائمري ٽيچرز ايسوسيئيشن جو صدر، خطاطيءَ ۾ ماهر، جنهن جي قلم مان حسن و جمال جو نور ٽمندو هو. ڊاڪٽر سونو خان ڀرڳڙي عرف ڊاڪٽر دلبر ڳوٺ جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنجيتاليھه ورھين کان بي مثال خدمتون ڏيندڙ شخصيت، الله سائين کيس درازا عمر عطا فرمائي. پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمّد ڪوري، تعليم انجنيئر ۽ دين جي سنگم سان روشن فڪر. وڏيرو حاجي غلام نبي ڪوري، ٽنڊو حيدر يونين ڪائونسل جو چيئرمين، جن گذريل پنجويهن سالن کان هن ڳوٺ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن.

استاد محمد يونس خاصخيلي، صدر پ ٽ الف، جن جي سڃاڻپ لاءِ ڪنهن تعارف جي ضرورت نه آهي. پاڻ رڳو استاد نه، پر استاد برادريءَ لاءِ هميشه جو آواز رهيا آهن. هينئر به هاءِ اسڪول ۾ تعليم، تربيت ۽ سماجي خدمتن جي محاذ تي سرگرم آهن. اڄ به 21 هين صديءَ جي ڊجيٽل دور ۾، جڏهن تعليم ڪارپوريٽ ڍانچي ۾ ڦاسي پئي آهي. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو حيدر ڀيٽ جي ٻين اسڪولن جي نمائندگي ڪندي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. تعليمي سرگرمين، ٽريننگن ۽ پروگرامن ۾ هن اسڪول کي هڪ اعزازي مقام حاصل آهي. هاڻ محترم هيڊ ماستر ذوالفقار علي خاصخيلي جي نگرانيءَ ۾، هي علمي قافلو اڳتي وڌي رهيو آهي. ساڻس گڏ، هن عاجز راقم الحروف سميت ڪيترائي فرض شناس استاد، پيار، محنت ۽ اخلاص سان پنج سئو کان مٿي معصوم شاگردن جي قسمت سنوارڻ لاءِ ڪوشان آهن. هي رڳو اسڪول ناهي، هي ته وقت جي واءَ ۾ وساميل لفظن کي جيئرو رکڻ وارو مينار آهي. هي پوري علائقي جي شعور، سڃاڻپ ۽ سونهن جو مرڪز آهي. هي اڄ به ساڳي محبت، ساڳئي جذبي ۽ ساڳي ايمانداريءَ سان روشن آهي، جيئن 1888ع ۾ هو. دعاڳو آهيون ته الله رب العزت هن علمي گلشن کي قيامت تائين آباد رکي ۽ ان سان لاڳاپيل استادن، شاگردن ۽ خادمن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ڪري.