بنون ۾ اڪرم دراني جي قافلي ويجهو بم ڌماڪو
اڄ جي يو آءِ (ايف) جي اڳواڻ اڪرم دراني جي قافلي جي ويجهو بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته اڪرم دراني ان حملي ۾ محفوظ رهيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون جتان زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز پاران علائقي کي گهيري ۾ آڻي ورتو آهي.

