بلاگنئون

خدا گناهه معاف ڪري سگهي ٿو، مگر فطرت نه…

هي جملو فقط هڪ فلسفياڻو تصور ناهي، بلڪه انساني زندگي جي اڻ ڏٺل اصولن جي نشاندهي پڻ ڪري ٿو، جيڪي مذهب، سائنس ۽ فطرت ٽنهي ۾ لڪل آهن. انسان جيڪو اڪثر اهو سمجهي ويهي ٿو ته جيڪڏهن هو سچيءَ دل سان توبھه ڪري وٺي ته ان جا سمورا گناھ ڌوپجي ويندا، پر ڇا اهي انهيءَ توبھه جا اثر دنيا ۾ به ساڳئيءَ ريت مٽجي ويندا؟ اهو ئي اهڙو مقام آهي جتان کان اسلامي تعليمات ۽ سائنس جو ڳوڙهو بحث شروع ٿئي ٿو. اسلامي نقطهءِ نظر: توبھه ۽ دنياوي نتيجا، اسلام انسان کي توبھه جو دروازو کليل رکڻ جو سبق ڏئي ٿو.

خدا جي رحمت ايتري ڪشادي آهي ته اها هر گناهه کي معاف ڪري سگهي ٿي. شرط اهو آهي ته انسان سچي دل سان توبھه تائب ڪري، پر اسلامي تعليمات جي مطابق دنياوي عملن جا نتيجا ضرور ملندا. مثال طور: جيڪڏهن ڪو چوري ڪري ۽ پوءِ توبھه ڪري وٺي ته الله معاف ڪري ڇڏيندو، مگر انساني معاشري ۾ ان کي قانون سان ته منهن ضرور ڏيڻو پوندو.

انهيءَ ريت جيڪڏهن ڪو جهنگ وڍي پاڻي غليظ ڪري يا زمين کي تباهه ڪري ته سچي دل سان توبھه ممڪن آهي، پر موسمياتي تبديلي، ڏڪار يا ماحولياتي تباهي رڪجي نٿي. اهوئي اهو “قدرتي قانون” آهي، جيڪو معافي جي باوجود پنهنجي وس ۾ رکي ٿو. سائنسي نقطهءِ نظر: عمل ۽ رد عمل جو قانون، سائنس نيوٽرل آهي ان کي هن ڳالھه سان ڪو مقصد ناهي ته گناهه ڇا هو يا نيڪي، اها صرف عمل کي ڏسي ٿي ۽ ان جو رد عمل ڏئي ٿي.

جيڪڏهن اوهان کاڌي ۾ زهر وجهو ۽ کائڻ کان اڳ پڇتايو دعا گهرو معافي وٺو پوءِ به زهر پنهنجو ڪم ڪندو. جيڪڏهن اوهان درياءَ کي غليظ پاڻي سان خراب ڪندا ته اها گدلاڻ سڄي ايڪو سسٽم کي متاثر ڪندي، چاهي اوهان جيتري مرضي توبھه ڪريو. اهوئي سبب آهي ته موسمياتي تبديلي، بيماريون، گدلاڻ ۽ حياتياتي تباهي صرف توبھه ڪرڻ سان بيهه نه رهندي، ان جي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، مطلب ته اسان کي پنهنجين پاليسين ۾  تبديلي آڻڻي پوندي ۽ روين ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي.

فطرت جي عدالت: انسان فطرت جي پيداوار آهي ۽ ان کي فطرت سان گڏجي هلڻو آهي ۽ ان جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ ان ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ عمل ڪرڻو آهي. جيڪڏهن انسان گڏجي ايئن نه ڪندو ته فطرت انسان ذات کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏيندي. جيڪڏهن انسان ذات بغير سوچي سمجهي جهنگ ڪٽيندو ويندو ته آڪسيجن جي پيداوار گهٽجي ويندي، گرمي پد وڌي ويندو، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ تمام وڌي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ يا ته تمام گهڻيون ٻوڏون اينديون يا سوڪهڙو واقع ٿيندو، ٻنيون تباهه ٿي وينديون، پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي پوندو. هاڻي انهن سڀني مسئلن جي ڪري ڌرتيءَ تي مختلف جانور، ٻوٽا تباهه ٿيڻ شروع ٿيندا، ماحولياتي نظام درهم برهم ٿي ويندو، فصلن جو نقصان ٿيندو ۽ انسان مختلف بيمارين جي ور چڙهي مرڻ شروع ٿي ويندو. جيڪڏهن اسان فطرت کي توازن ۾ استعمال ڪرڻ نه سکياسين ته اسان جي زمين، پاڻي ۽ هوا صنعتي گدلاڻ سبب نه صرف هوا ۽ پاڻي زهر ٿي ويندا، بلڪه اسان جو جياپو ناممڪن ٿي پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي غلط عمل کي هڪدم روڪيون فطرت جي بگاڙ کي توازن طرف کڻي وڃون، گهڻي کان گهڻا ٻوٽا پوکيون، جتي جتي قدرت جا پاڻيءَ جا ذخيرا آهن انهن جي صفائي ۽ سٿرائيءَ جو خيال ڪريون ۽ ان ڌرتيءَ تي پنهنجي اشرف مخلوق هجڻ جي ناتي پنهنجي ذميداري نڀائي جيئندا رهون. اهائي اسان جي پياري مذهب اسلام جي تعليم آهي، جيڪا آفاقي آهي.