نئون

نواز شريف پاران اڊيالا جيل ۾ فلاحي ڪم ڪرائڻ جو فيصلو

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا يافته نواز شريف اڊيالا جيل ۾ فلاحي ڪم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خبرن مطابق احتساب عدالت پاران سزا يافته اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف اهڙي فيصلي بابت اڊيالا جيل جي عملي کي به اطلاع ڪري ڇڏي آهي. جنهن بابت هن پنهنجي ذاتي اسٽاف کي اهڙن ڪمن لاءِ  ٽاسڪ به ڏيئي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه نواز شريف پاران جيل انتظاميه کان ڏنڊ نه ڀري سگهندڙ قيدين بابت به تفصيل گهري ورتا آهن. جنهن بعد هو پنهنجي خرچ تي اهڙن قيدين جا پئسا ادا ڪري انهن کي آزادي ڏياريندو. نواز شريف جيل انتظاميه کي چيو آهي ته هو جيل ۾ پاڻي جي بورنگ ڪرائيندو ۽ جنهن قيدي بيرڪ ٻاهران شيڊ نه آهي ان کي به تيار ڪرائيندو. ان حوالي سان جيل سپرنٽينڊنٽ چيو آهي ته اهڙي قسم جي بيرڪن جون تفصيلون نواز شرف جي اسٽاف کي ڏنيون ويون آهن. ان کان علاوه جرماني سبب قيد ۾ رهندڙ قيدين جا تفصيل تيار ڪيا پيا وڃن جيڪي به بعد ۾ نواز شريف جي اسٽاف حوالي ڪيا ويندا. ياد رهي ته هن طرح سان گهڻن ئي قيدين جي سزا معاف ٿي ويندي ۽ اهي آزاد ٿي ڪري گهر وڃي سگهندا. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ قيد نواز شريف کي جيل ۾ هڪ هفتو گذري ويو آهي.