بلاگنئون

تاريخ جو عظيم فرانسيسي انقلاب!

البرتو جيوانيلي

اها 14 جولاءِ 1789ع جي تاريخ هئي، جڏهن فرانس جي عوام باستيل واري قلعي تي حملو ڪيو ۽ ايئن هڪ اهڙي انقلاب جي شروعات ٿي، جيڪو انسانيت جي ارتقا کي سمجهڻ جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو۔ سو به نه صرف پنهنجي سياسي ڪردار جي سبب بلڪه آزادي، سلامتي ۽ نجي ملڪيت جي حقن کي واڌ ڏيڻ واري پنهنجي تاريخي ورثي جي بدولت پڻ ۽ انهيءَ واقعي جي نتيجي ۾ 26 آگسٽ 1789ع تي فرانس ۾ “انساني ۽ شهري حقن جو پڌر نامو” منظور ڪيو ويو۔.

روايتي طور تي انقلاب فرانس کي هڪ پراڻي تاريخي دور جي خاتمي ۽ هڪ نئين دور جي شروعات جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو.۔ جڏهن 1789ع ۾ اهو ٽڪراءُ شروع ٿيو ته بادشاھه لوئي شانز دھم اهو ٿي سمجهيو ته هو خدائي حق جي تحت سمورن فرانسيسي شهرين تي حڪومت ڪري ٿو ۽ بحيثيت مطلق العنان بادشاھه جي هن کي ڪنهن جي سامهون جواب ڏيڻ جي ضرورت ناهي۔ خاص طور تي عوام جي سامهون ته بلڪل به نه۔.

باوجود ان جي بادشاھه هڪ بهتر قسم جو انسان هو، جنهن جي شخصيت ۾ پنهنجائپ ۽ سولائي سان متاثر ٿي وڃڻ جو لاڙو موجود هو۔ جنهن کان هن جا صلاحڪار ۽ ڪو وقت هن جي زال ملڪه ميري اينٽيونيٽ به فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي هئي۔.

1788ع ۾ رياستي مجلسEstates-General  جو اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ٽي طبقا (مذهبي عالم، امير ۽ عوام) جا نمائندا گڏ ٿيا ته جيئن ملڪ جي شديد مالياتي بحران جو حل ڳولهي سگهجي۔. عوام مطالبو ڪيو ته هر نمائندو انفرادي طور تي ووٽ ڏئي۔ بجاءِ ان جي ته پراڻي رواج جي مطابق طبقاتي بنيادن تي ووٽ ڏنو وڃي۔.

بادشاھه ان مطالبي کي خاص اهميت نه ڏني، پر 14 جولاءِ 1789ع تي جڏهن ڪاوڙيل عوام جي ميڙ پئرس جي ڏورانهين علائقي ۾ واقع شاهي قلعي باستيل تي قبضو ڪري ورتو ته لوئي شانز دهم حيرت کان پڇيو، “ڇا اها بغاوت آهي؟” جنهن تي هن جي هڪ وزير جواب ڏنو: “نه جناب اعليٰ! اهو انقلاب آهي.”

صورتحال 13 جولاءِ تي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي چڪي هئي، سڄي شهر ۾ بغاوت پکڙجي چڪي هئي۔ ڪاوڙيل عوام جو ميڙ سينٽ لازار جيل ڏانهن وڌيو، جتي قرضي قيدي رکيا ويا هئا، هنن عمارت تي حملو ڪيو ۽ سمورن قيدين کي آزاد ڪرائي ڇڏيو!

نيٺ اڱاري 14 جولاءِ تي انقلاب جي باقاعدي شروعات ٿي ۽ صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ اها خبر پکڙجي وئي ته 30,000 رائيفلون هوٽل ديز انواليڊ ۾ گڏ ڪيون ويون آهن، جيڪا شهر جي اولهھ ۾ واقعي آهي۔. جيتوڻيڪ انواليڊ جي حفاظت جي لاءِ توپون مقرر هيون، پر اها عمارت بلڪل سولائي سان قبضي ۾ اچي وئي، ڇو ته اتي موجود محافظ سپاهين ڪا مزاحمت نه ڪئي.

محض ڪجھه ميٽرن جي مفاصلي تي نواب دي بيزنوال ڪيترائي گهوڙي سوار پنڌ ۽ توپ خانن سان رجمنٽس موقعي جي تاڙ ۽ حڪمن جي اوسيئڙي ۾ هئي۔ بيزنوال سمورن سپاهين کي گڏ ڪيو ۽ انهن کان پڇيائين ته ڇا اهي بغاوت کي چٿڻ جي لاءِ راضي آهن؟

جواب هڪ ئي ۽ زوردار هو: “بلڪل به نه!”

جيتوڻيڪ عمارت باغي عوام جي هٿ اچي وئي، جن اتان کان رائيفلون ۽ ٻارهن توپون پنهنجي قبضي ۾ ورتيون۔، ڪيترن ئي مورخن جي مطابق اها ان ڏينهن جي فيصلي واري گهڙي هئي، جڏهن لوئي شانز دهم پئرس جي جنگ هاري ويٺو۔.

باستيل تي حملو انقلاب جي صرف پهرين وک هئي، جنهن کانپوءِ ٻيا ڪيترائي واقعا پيش آيا۔ انهن واقعن جا نتيجا جن سالن تائين فرانس کي ڌوڏي رکيو ۽ جن ۾ ڪو وقت شديد تشدد ۽ افراتفري ڏٺي وئي۔ ڪافي ڏکائيون هيون ۽ اڄ به انهن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو۔.

انقلابي عمل جي اهم ترين نتيجن منجهان هڪ بادشاهت جو خاتمو ۽ مذهبي عالمن ۽ جاگيردار اميرن جي سهولتن جو خاتمو هو، پر مامرو ايترو سادڙو نه هو۔. شاهي جوڙي جون منڍيون وڍڻ کانپوءِ ملڪ کي پاڙيسري يورپي طاقتن سان جنگ ڪرڻي پئي، جيڪي پهريون اتحادي فوجون 1792-1797 تائين گڏ ٿيون ۽ انقلابي فرانس جي خلاف ان مقصد کان جنگ شروع ڪري ڇڏي هئي ته بادشاهت کي بحال ڪري سگهجي۔.

ان جي باوجود انقلاب فرانس هڪ ڳوڙهي تبديلي جو شروعاتي نقطو هو.۔ اها تبديلي جنهن ان جاگيرداراڻي نظام کي ابتڙ ڪري ڇڏيو، جيڪو اڃان به ڪيترن ئي ملڪن ۾ غالب هو، جتي انقلابي عمل کي اڃان پاڙون هڻڻيون هيون ۽ سلسلو صرف يورپ تائين محدود نه رهيو۔ هسپانيه  فرانسيسي خيالن کان تحريڪ حاصل ڪئي ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي سگھه بخشي، ڪجهه سالن کانپوءِ پاڻ هسپانوي سلطنت کي به انقلابي مرحلن کان گذرڻو پيو.۔

انقلاب فرانس جي آندل بيشمار تبديلين منجهان اهم ترين تبديلي پيداوار جي طريقيڪار ۾ هئي، جنهن جي قانون کي نافذ ڪيو ويو ۽ معيشت ۾ رياستي مداخلت کي رد ڪيو ويو۔، ان نئين سماجي ۽ معاشي اڀرندڙ بورجوازي حڪمران طبقي جي طور تي اميرن جي اڳوڻي جڳھه سنڀالي ورتي۔. پهريون ڀيرو عام ۽ هيٺين طبقي جي ماڻهن کي ڪجھه حق انقلاب فرانس جي بدولت حاصل ٿيا۔. مشهور نعرو “آزادي، مساوات، ڀائيچارو… يا موت” اهو رستو، جنهن انساني ۽ شهري حقن جو پهريون منشور پيش ڪيو (26 آگسٽ 1789). جيڪو اڄ جي انساني حقن جي عالمي منشور جي لاءِ به تحريڪ جو سبب بڻيو۔.

پهريون ڀيرو قانون سمورن فردن تي هڪ جهڙو لاڳو ٿيڻ لڳا، چاهي انهن جو سماجي پسمنظر، عقيدو يا نسل ڪجھه به هجي۔، اهڙي ريت قرض جي سلسلي ۾ قيد جو قانون ختم ڪيو ويو،۔ باوجود ان جي اهي حق عورتن کي حاصل نٿي ٿي سگهيا.۔ جيتوڻيڪ هڪ نئين سماج جي جوڙجڪ ۾ انهيءَ جو ڪردار اڳ کان وڌيڪ فعال ٿيو.۔

اهو سمورو عمل 3 سيپٽمبر 1791ع تي فرانس جي پهرين آئين جي اعلان تي پورو ٿيو۔، اهو هڪ اهڙو چارٽر هو، جنهن انقلابي عمل جي دوران حاصل ڪيل حقن جي ضمانت ٿي ڏني ۽ نئين معيشت ۽ سماج جي لبرل روح جي آبياري ٿي ڪئي۔.

فرانسيسي انقلاب جو هڪ ٻيو وڏو نتيجو مذهب جي رياست کان عليحدگي هئي، جيڪو جديد سيڪيولر رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم هو.۔ ڪليسا ۽ مذهبي عالم يا پادرين جي ملڪيتن کي ضبط ڪيو ويو ۽ انهن جي سياسي ۽ سماجي اثر ۽ رسوخ کي محدود ڪيو ويو۔.

چرچ جي طرف کان عوام کان حاصل ڪيل سموري آمدني رياست کي منتقل ڪئي وئي ۽ چرچ ۽ جاگيردار اميرن جون سموريون زمينون ۽ جائيدادون انهن غريب هارين ۽ پرولتاريه کي وڪرو ڪري ڏنيون ويون، جيڪي انقلابي نظرين سان وفادار هئا۔.

1795ع تائين فرانس جو انتظام ڊائريڪٽوريٽ جي هٿ ۾ اچي چڪو هو، جيڪو پنجن فردن تي مشتمل هڪ ايگزيڪيوٽو ادارو هو۔ جڏهن ته قانون سازي جو اختيار ٻن ايوانن وٽ هو: “پنجن سون جي ڪائونسل ۽ سينٽ۔”.

21 جنوري 1793ع تي بادشاھه تي قوم ۽ انقلاب سان غداري جو ڪيس هلايو ويو، جنهن کانپوءِ گلوٽين جي وسيلي ان جي زندگي جو خاتمو ڪيو ويو۔. مارڪسزم ارڙهين صديءَ ۾ معاشي ۽ سماجي بالادستي حاصل ڪئي، جيڪو بنيادي طور تي ان عمل جو نتيجو هو، جيڪو وچئين دور جي بحران جي خاتمي کان شروع ٿيو هو، انقلاب جاگيردار اميرن کي شڪست ڏني ۽ سرمائيداري جي لاءِ رستو صاف ڪيو۔ .

ائين اهو هڪ سماجي مثال بڻجي ويو، جنهن ۾ سرمائيداراڻي پيداوار جي طريقي هڪ اهڙي سياسي  نظام کي جنم ڏنو، جيڪو بورجوازي سماج جي خدمت ڪندو هو “بورجوازي انقلاب جي شروعات” جو تصور سامهون آيو جيڪا لبرل مورخن جي سوچ جي برعڪس ڪا آخري منزل نه هئي، بلڪه تاريخ جو هڪ اهڙو مرحلو هو، جيڪو نيٺ ترقي يافته سرمائيداري جي تحت پرولتاريه ۽ بورجوازي جي ٽڪرائن جي نتيجي ۾ پوئتي رهجي ويندو۔.

مارڪس کي خاص طور تي جيڪوبن ازم ۽ روبيسپيئر ۾ ڳوڙهي دلچسپي هئي۔ هن جو مڃڻ هو ته جيڪوبن جي اها اجائي سوچ هئي ته هو سماجي ۽ معاشي ترقي جي هڪ خاص سطح تي پهچڻ بنا سياسي برابري قائم ڪري سگهي ٿو.۔ هڪ جمهوري رياست صرف انهيءَ وقت ممڪن آهي، جڏهن بورجوازي نظام جي عام سماجي اڻ برابرين ۽ فرقن کي دور ڪيو وڃي. بهرحال جيڪوبن جو حڪومتي دور مستقبل جي هڪ اڳڪٿي ڪيل شڪل ۽ تجربو هو، پر اهڙي معاشري جي تعمير تڏهن ممڪن آهي، جڏهن پيداواري قانون ان جي اجازت ڏين۔.

لينن کي فرانس جي انقلاب جي ٻن پاسن متاثر ڪيو: (1772 کان 1795)  بادشاھه ۽ ملڪه کي موت جي سزا، انقلابي سڌارن وغيره تي مشتمل ڪنوينشن جي دور جو انقلابي جوش ۽ عمل. انقلابي عمل ۾ عوام جي شموليت. اهي ٻئي پاسا لينن جي پنهنجي نظرياتي ۽ عملي جدوجهد سان سڌو سنئون تعلق رکندا هئا۔. انقلاب جي سببن جي باري ۾ لينن چيو هو ته انقلابي عمل جي دوران معاشي ۽ سماجي بنياد ۽ سياسي ڍانچي ۾ هڪ ئي وقت تبديليون واقع ٿيون۔. طبقاتي ٽڪراءُ ڦاٽي پيا، جيتوڻيڪ شروعات ۾ بورجوازي هارين ۽ هيٺين شهري طبقن جي حمايت حاصل هئي.۔ انقلاب جاگيرداري کي ٽوڙي ڪري سرمائيداري کي مضبوط ڪيو، پر آخرڪار پرولتاريه پاڻ رد انقلابي بڻجي ويا ته جيئن انقلاب تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکي سگهن۔.

1792ع ۾ عوام رد انقلاب کي اڳتي وڌائيندي تيولري محل تي حملو ڪيو ۽ ائين ڪنوينشن جو دور شروع ٿيو.۔ ان کانپوءِ بادشاھه جي موت واري سزا جو مرحلو آيو۔.

جيڪوبن جي انقلاب پسندي جي باوجود ان مرحلي تي به بورجوازي جو اثر برقرار رهيو.۔ لينن جي مطابق روبيسپيئر پاڻ به هڪ بورجوازي انقلابي هو.۔ 1794ع ۾ جڏهن رد انقلاب جو خطرو ٽري ويو ته بورجوازين ۽ پرولتايرين ۽ هارين جي وچ ۾ اتحاد قائم ٿيو، جنهن کانپوءِ ڊائريڪٽوريٽ جو مرحلو شروع ٿيو۔.

لينن نپولين جي دور کي به انقلاب جو حصو سمجهيو۔ ڇو ته اهو اهڙو مرحلو هو، جڏهن بورجوازين پنهنجي طاقت کي پوري ريت مضبوط ڪيو۔. اهو نقطهءِ نظر هينئر مورخن ۾ عام ٿي چڪو آهي، جيڪي اڪثر انهن ٻنهي دورن (انقلاب ۽ نپوليني دور) جو مطالعو گڏجي ڪن ٿا۔ 1830ع جي انقلابن کي اعليٰ يا امير بورجوازي جو يقيني اڀار سمجهي سگهجي ٿو۔.

عظيم انقلاب فرانس ليون ٽراٽسڪي جي سوچ تي به ڳوڙهو اثر وڌو۔ هن چيو ته: عوام صرف طبقاتي نفرت جي بنياد تي نه، بلڪه سياسي ۽ اخلاقي يقين سان گڏ بادشاهت کي شڪست ڏني۔. هن اها ڳالهھ پنهنجي فوجي لکڻين ۾ به ڪئي ته (انقلاب روس جي مامري ۾) سامراجي بورجوازي اهو سمجهڻ کان لاچار هئا ته ڪيئن هڪ اهڙو ملڪ جيڪو اڳ عالمي جنگ کان تباھه ٿي چڪو هو۔ اتي مزدور ۽ هاري نه صرف اقتدار ۾ آيا بلڪه پنجاهھ لکن جي فوج جوڙي ۽ 14 سامراجي فوجين جي گهيراءُ کي ٽوڙي فتحياب ٿيا.

جڏهن ته ٽراٽسڪيءَ ڳاڙهي فوج جو بنياد رکيو ۽ هن سپاهين کي چيو ته هاڻي اهي عالمي سوشلسٽ انقلاب جي هر اول دستي جو حصو آهن۔. اهي گپ، رت ۽ برف سان ڀريل کاهين ۾ وڙهيا، پر اڏول رهيا. ڇو ته انهن ڄاتو ٿي ته اهي تاريخ جو وهڪرو بدلائڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، انهن جي لاءِ سياسي ۽ اخلاقي يقين بندوق جيترو ئي اهم هو۔

انقلاب فرانس ۽ انقلاب روس ٻنهي انقلابن تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو۔. انهن جو مطالعو ان لاءِ ضروري آهي ته اسان ايڪيهين صدي جي انقلابن جي ڪاميابي جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهون ۽ اهو ڪو خيالي تصور  ناهي، بلڪه غير حقيقي ۽ خيالي ڳالھه اها آهي ته “هاڻي ڪڏهن ڪو انقلاب نه ايندو” جيستائين بادشاھه لوئي شانز دهم جي منڍي گلوٽين جي هيٺان نه ايندي، هو به انهيءَ غلط فهمي ۾ مبتلا هو!

***