بلاگنئون

جِن

درگاهه فضل الاهي پاٽ شريف سنڌ جي مڙني ديني درگاهن مان هڪ آهي، جتان ڪيترائي عالم، فاضل، مولوي، حافظِ قرآن جي سَنَد حاصل ڪري پنهنجن اباڻن شهرن، ڳوٺن خواهه ٻين وَستين ۾ ٻارڙن ۽ وڏڙن ۾ ديني تعليم جي پکيڙ ۾ خدمتون انجام ڏيندا هئا. پاٽ شريف جي ان درگاهه ۾ اڄ به اهو عمل جاري آهي. هر سال درگاهه جي نظامت خواهه مريدن، خادمن ۽ ڳوٺ جي نوجوانن پاران باقائدگي سان عرس مبارڪ منعقد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ معتقد، مُريد، فقير ۽ الله لوڪ پانڌيئڙا مِڙي اچي مچ ٿيندا آهن. درگاهه جي روضي اندر مخدوم نظام الدين (اول) مخدوم محمد صالح، مخدوم محمد احسن ۽ مخدوم فضل الله (اول) مدفون آهن. جڏهن ته روضي جي پُٺ واري احاطي ۾ حاجي حسن الله رحه جي قبر مبارڪ آهي ۽ سندس ڀَر ۾ مخدوم-صديقي خاندان جون قبرون موجود آهن. حاجي حسن الله جي وصيت هئي ته کين روضي جي پٺيان کُلي آسمان هيٺ دفن ڪيو وڃي. حاجي حسن الله رحه مخدوم لقب يا صديقي ذات نه لکندو هو. پاڻ هند ۽ سنڌ جي جيد عالمن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. سندس جاري ڪيل فتوائن ۾ پنهنجي صحيح ڪرڻ بعد مُهر لڳائي ويندي هئي، تنهن ۾ صرف “حسن الله عفي عنه” درج ٿيل هو. اها مُهر گول شڪل ۾ پتل جي ٺهيل هئي، جيڪا ڊاڪٽر حبيب الله صديقي (سابق چيئرمين، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ) جي ذاتي لائبريري ۾ اڄ به موجود آهي. ان مُهر جو عڪس ٽماهي “مهراڻ” سنڌي ادبي بورڊ جي شماري (جولاءِ-سيپٽمبر 1989ع) جي بيڪ ٽائيٽل تي “هڪ تاريخي مُهر” جي عبارت سان تفصيل سان شايع ٿيل آهي. حاجي حسن الله رحه جي شاگردن ۾ مرحوم حاجي محمد قاسم مشوري رحه (ڳوٺ صاحب خان مشوري ضلعو لاڙڪاڻو) مرحوم حاجي مفتي محمد هدايت الله آريجو رحه (ڳوٺ خير محمد آريجا نزد موهن جو دڙو-باقراڻي) مرحوم دين محمد وفائي (مذهبي اڳواڻ ۽ اسڪالر) نمايان شمار ٿين ٿا. 1970ع جي ڏهاڪي دوران مون جڏهن گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي حيدرآباد مڪينيڪل ٽيڪ ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي ته پنهنجي والد کي روزگار جي حصول لاءِ ڪراچي گڏ هلڻ جو چيو. باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو هو ته پاڪستان صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن (پي آءِ ڊي سي) جي تازن يونٽن ۾ ملازمتن لاءِ جايون خالي آهن. اتفاق سان ڳوٺ پاٽ جي انصاري خاندان جو جناب احمد حسين قاضي پي.آءِ. ڊي. سي جو چيئرمين هو. جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر مخدوم عبدالسميع تازو ئي سنڌ يونيورسٽي مان شوگر ٽيڪنالاجي ۾ پي. ايڇ. ڊي حاصل ڪري پي. آءِ. ڊي. سي لاڙڪاڻو شگر ملز ۾ جنرل مئنيجر مقرر ٿيو هو. مون کي منهنجي والد چيو ته ڏاڏا حاجي حسن الله رحه جي قبر مبارڪ جي ضروري مرمت جو ڪم ڪرائي پوءِ ڪراچي هلبو. مون انهيءَ ڪم ۾ حصو ورتو ۽ قبر مٿان ڇاپرو (شيڊ) ٺهرائڻ جو سعيو ڪيو. ڇاپري جا ٺُلهه (پلر) به تيار ٿي ويا ته ان رات جو اچانڪ طوفان سان گڏ چڱي خاصي برسات پئجي وئي. ٻئي ڏينهن صبح جو درگاهه تي قبر مبارڪ مٿان ڇاپري جي تڪميل لاءِ وڃڻ ٿيو، پر ڇاپري تي ٿيل ڪم ضايع ٿي چڪو هو. اوستي عنايت علي سومري چيو ته اسان درگاهه جا مريد آهيون ۽ پنهنجي وڏڙن کان اها ڳالهه معلوم ٿيل آهي ته حاجي حسن الله رحه جي اها وصيت ٿيل هئي ته مونکي روضي کان ٻاهر احاطي ۾ دفن ڪجو ۽ قبر مٿان ڪنهن به قسم جي تعمير نه ڪرائجو. تنهنڪري هيءَ هڪ ڪرامت آهي جو بزرگ سائينءَ جو روح پنهنجي قبر مٿان ڇانورو پسند نٿو ڪري. بهتر اهو آهي ته ڇاپري واري ڪم کي ڇڏي ڏجي، باقي قبر مبارڪ جي مرمت ماشاءَالله سٺي طرح ٿي وئي آهي. اوستي عنايت علي جي اها تجويز بابا کي دل سان لڳي ۽ مونکي حڪم ٿيو ته احاطي اندر باقي پيل سامان کي صاف ڪجي. جنهن لاءِ مزدورن کان ڪم شروع ڪرايم ته ان دوران ڳوٺ سونا ٻنڊي تعلقو ڏوڪري کان درگاهه جو آيل هڪ نوجوان مريد جيڪو شايد نفسياتي مريض هو. تنهن کي سندس مائٽن بقول ته هن کي جِنُ ٿيو آهي، تنهن مونکي پري کان ڏسي اچي ڀاڪر پاتو ۽ چمي ڏنائين. آئون ان مامري سبب خوف ۾ مبتلا ٿي اهو سمجهي ويٺس ته شايد هن نوجوان جو جِنُ مون تي فدا ٿي جسم ۾ داخل ٿي ويو آهي. تنهنڪري مون رڙ ڪري اتي موجود مزدورن کي سڏيو. جنهن تي هو نوجوان به گهٻرائجي ويو ۽ منهنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ پيرن کي چمڻ لڳو. ان منظر کي ڏسندي درگاهه جو متولي عبدالڪريم جنهن کي درگاهه جي مدرسي جا طالب علم “دال” جي نالي سان پڪاريندا هئا، اهو مون ڏي هلي آيو ۽ چيائين ته سائين! هي ويچارو معصوم ۽ گونگو نوجوان آهي ۽ کيس سندس مائٽ درگاهه تي تعويذ وٺڻ ۽ دعا ڪرائڻ آيا آهن، هن کي ڪوبه جِنُ وغيره نه آهي. آئون ڏاڍو گهٻرايل هئس ۽ متولي عبدالڪريم کي چيم ته مون کي گهر وٺي هل ۽ اهڙي طرح مون ان سان پنهنجي گهر پهچي سک جو ساهه کنيو. اهو واقعو ٻه ڏينهن منهنجي ذهن تي ڇانيل رهيو ۽ پوءِ اهو خيال به دل مان نڪري ويو ته ڪو جِنُ منهنجي اندر داخل ٿي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بابا سان گڏ ڪراچي وڃڻ ٿيو. پي.آءِ. ڊي. سي هائوس ۾ چيئرمين جناب قاضي احمد حسين سان ملاقات ٿي، نوڪريءَ لاءِ مجاز آفيسر وٽ انٽرويو به ٿيو ۽ ملازمت ملڻ جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي.

***