قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ اسرائيل طرفان ڪيل فضائي حملي وچ اوڀر کي هڪ نئين بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي۔ هي واقعو رڳو هڪ فوجي ڪارروائي ناهي، پر هڪ اهڙو ڌماڪيدار واقعو آهي جنهن قطر جي خود مختياري، علائقي جي امن، آمريڪي مفادن ۽ عالمي سياست تي ڪيترائي نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن۔
اسرائيلي فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسي “شن بيت” هن حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته اها ڪارروائي حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪئي وئي۔ وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو هن حملي کي “7 آڪٽوبر جي متاثرن لاءِ انتقام” قرار ڏنو۔ اطلاعن موجب خليل الحيه ۽ سندن ساٿي اصل نشانو هئا، پر اهي محفوظ رهيا۔ ان جي باوجود ڇهه ڄڻا شهيد ٿي ويا، جن ۾ خليل الحيه جو پٽ، هڪ قطري سيڪيورٽي اهلڪار ۽ حماس جا ڪيترائي ڪارڪن شامل هئا۔ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حماس جا مرڪزي اڳواڻ بچي ويا آهن ته اها اسرائيل لاءِ هڪ مهانگي ناڪامي آهي۔ قطر هن حملي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني ان کي “رياستي دهشتگردي” ۽ قطر جي خود مختياري تي سڌو سنئون حملو قرار ڏنو۔ هن چيو ته اسرائيل اهڙا هٿيار استعمال ڪيا جيڪي ريڊار تي به نظر نٿا اچن، جڏهن ته آمريڪا حملي کان صرف ڏهه منٽ پوءِ قطر کي اطلاع ڏنو۔ قطري حڪومت موجب هي ڪارروائي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي برابر آهي. ڇاڪاڻ ته قطر غزه جي مسئلي تي ثالثي ڪري رهيو هو۔
ايران به هن حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته هي قدم سموري علائقي جي امن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندو۔ عرب ليگ هنگامي اجلاس کانپوءِ اسرائيل جي هن ڪارروائي کي “وحشي بمباري” ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو۔ عرب دنيا ۾ عام طور تي ڏک ۽ غصي جي لهر پکڙجي وئي ۽ ڪيترن ئي ملڪن قطر سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪيو۔ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته قطر جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو هو، پر اسرائيلي حملي انهن ڪوششن کي سخت نقصان پهچايو آھي. سندس چوڻ هو ته هي قطر جي خود مختياري جي سخت ڀڃڪڙي آهي جنهن سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جو انديشو پڻ وڌي ويو آهي۔
آمريڪا لاءِ هي معاملو وڌيڪ نازڪ بڻجي ويو آهي۔ صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته فيصلو اسرائيلي اڳواڻ جو هو، سندس نه ھو يا آمريڪا ان صلاح مشوري ۾ شامل نه ھو۔ هن حماس جي خاتمي کي جائز قرار ڏنو، پر ڪنهن دوست ملڪ جي سر زمين تي حملو درست قدم تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔ اهو سوال اڃان تائين موجود آهي ته جيڪڏهن واشنگٽن کي اڳواٽ اطلاع هئا ته ڇا اها سنئين سڌي حمايت هئي؟ ۽ جيڪڏهن اطلاع نه هئا ته پوءِ قطر ۾ موجود آمريڪي “العديد بيس” جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ تجزيه نگارن موجب هي ڪارروائي اسرائيل کان وڌيڪ آمريڪا لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته قطر رڳو هڪ اهم اتحادي ناهي، پر علائقي ۾ آمريڪي فوجين جو وڏو مرڪز به آهي۔
هن حملي کانپوءِ ڪيترائي اهم سوال جنم وٺي رهيا آهن۔ ڇا دوحا هاڻي به امن ڳالهين لاءِ محفوظ جاءِ سمجهي سگهجي ٿي؟ ڇا حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ قيدين ۽ جنگبندي بابت جاري ڳالهين جو ڪو مستقبل رهندو؟ ۽ سڀ کان اهم، ڇا هن واقعي کانپوءِ وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن وڌيڪ خطري وارو رخ اختيار نه ڪندو؟
دوحا تي اسرائيلي حملو ان ڳالهه جي پڪ ڏياري ٿو ته علائقي ۾ طاقت جي راند وڌيڪ پيچيده ۽ خطرناڪ ٿي رهي آهي۔ قطر، جيڪو ثالثي ذريعي امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هاڻي هو خود نشانو بڻجي چڪو آهي۔ عرب دنيا جي شديد مذمت، ايران جي سخت مزاحمت، گڏيل قومن جي تشويش ۽ آمريڪا جي ڪن لاٽار پوزيشن سڀ هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته جيڪڏهن عالمي برادري هڪدم مداخلت نه ڪئي ته هي واقعو هڪ وڏي ۽ ڊگهي بحران جو سبب پڻ ٿي سگهي ٿو۔