بلاگنئون

امن انسانيت جي سڀ کان وڏي ضرورت!

امن ھڪڙو اھڙو ماحول آھي جتي ڪابه جنگ، زيادتي، ڏاڍائي، زور زبردستي، بندوقن جي گولين جو آواز، جھيڙو جگھڙو نه ھجي، پر سڪون، شانتي، ھم آھنگي، اتحاد، پيار، محبت، عزت، احترام، ڀروسو، برابري ۽ انصاف ھجي. ھڪ اھڙو ماحول ھجي، جنھن ۾ صبح جو پکين جي ٻولين جو آواز ھجي، ھاريءَ جي ڏاندن جو آواز ھجي، لسيءَ ولوڙڻ جو آواز ھجي، غلام نبي مهيسر جي نعتن جو آواز ھجي، ٻارن جي اسڪول لاءِ تيار ٿيڻ ۽ وڃڻ جو آواز ھجي، ياسين شريف جو ورد ھجي، انسانن توڙي جانورن تي ڪھل ھجي، اھڙو ماحول ڌرتيءَ جي گولي تي ھجي، ڇو ته امن ۾ برڪت، ترقي ۽ واڌ ويجھه آھي. اسلام امن تي زور ڏنو آھي. سنڌ جي ڌرتيءَ جي صوفين، بزرگن، اديبن، عالمن امن امان ۾ رھڻ جي تبليغ ڪئي آھي. امن سان ئي خوشحال سماج قائم ٿئي ٿو.

ھيءَ دنيا امن بنا جيئري ئي قبرستان مثل آھي، جتي روز ڪونڌر ڪسجن ٿا، ڪو نه ڪو زيادتي، ڏاڍائي ۽ ظلم جو شڪار ٿئي ٿو. جانور ته پري جي ڳالهه انسان به جانور جيان تڙپي تڙپي مري ٿو، جتي روز خون، قتل ۽ ڌماڪن جا آواز آھن. اھڙي ماحول ۽ قبرستان ۾ ڪو به فرق ناھي.

حضرت امام علي عليه السلام فرمايو آهي ته ڪفر جي حڪومت ھلي سگھي ٿي، پر ظلم جي نه. اسرائيل طرفان فلسطين جي مٿان جيڪو سالن کان وٺي ظلم ٿي رھيو آھي، اھو بدتر کان بدتر تاريخي ظلم آھي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اسرائيلي ماڻھو سڏرائڻ ته پري جي ڳالهه جانور به چورائڻ جھڙا ناھن. ڪيترن ئي مائرن کان سندن اولاد کسيو ويو، ڪيترن ئي پٽن ۽ ڌيئرن کان سندن والدين کسيا ويا، خاندانن جا خاندان تباھ ڪيا ويا، ڪيترائي معصوم ٻارڙا بک وگهي موت جو شڪار بڻجي ويا ۽ بڻجي رھيا آھن، ڪيترن کي بي گھر، دربدر ڪيو ويو، کانئن جيئڻ جو حق کسيو ويو، روزگار تباهه ڪيو ويو. جيو نيوز جي رپورٽ مطابق ھن وقت تائين تقريبن 65 ھزار ماڻھو اسرائيلين جي ظلم جو شڪار ٿي شھيد ٿي ويا آهن. ايترن خونن بعد اسرائيلين کي مظلوم فلسطينين تي ڪابه ڪھل نه پئي آھي. ڏينھون ڏينھن سندن ظلم فلسطينين، فلسطين کان ٿيندي، دنيا جي ٻين ملڪن طرف وڌي رھيو آھي. ايران کي به فلسطين بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وقت فلسطين ۾ بک، بدحالي، ڏڪار ۽ ماڻھن جو شڪار جاري آھي. اسرائيلي مسلمانن جي خون جا پياسا بڻيل آهن. دنيا جا ملڪ خاموشيءَ سان تماشو ڏسي رھيا آھن. پنھنجو پاڻ کي انساني حقن جا دعويدار سڏائيندڙ ادارا ائين خاموش بڻيل آهن جيئن فلسطيني انسانن ۾ شمار ئي نٿا ٿين. اسلامي گڏيل ملڪن جي تنظيم به اسرائيل آڏو خاموش، بي وس، بي يارو مددگار بڻيل آھي. ڪيترائي اسلامي ملڪ ان ۾ شامل آھن، پر سندن بيان صرف مذمت تائين محدود آھن. يو اين به ڄڻ اسرائيل جي غلام بڻيل آهي. اسرائيل جي ھوندي، ڌرتيءَ جي گولي تي امن جي فضا قائم نٿي ٿي سگهي. يزيد جي ظلم کانپوءِ نيتن ياهو جو ظلم مسلمانن تي جاري آھي. غزه جو علائقو امن جو منتظر آھي، اھڙو امن جتي پنھنجي اولاد کي سٺي ماحول ۾ تعليم، تربيت ۽ پرورش ڏئي سگھجي ۽ خوشحالي ۽ ترقيءَ سان پيار ڀري زندگي گذاري سگھجي.

اسرائيل ۽ فلسطين جو مسئلو 1948ع کان شروع ٿيو، جنھن بعد ڪيتريون ئي يھودي تحريڪون پڻ هليون. وقت بوقت فلسطين ۾ اسرائيلين جي آبادي وڌنڌي وئي ۽ اسرائيل فلسطين جي علائقن تي قبضا ڪرڻ لڳو. ايستائين جو پنھنجو پاڻ کي ھڪ رياست سمجھي، يروشلم کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ سڏڻ لڳا. ويسٽ بئنڪ، غزه ۽ حماس جي علائقن ۾ ڇڪتاڻ ڪيتري ئي وقت کان ھلندڙ آھي.

1905ع ۾ روسي انقلاب ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڪيترائي اولهه يورپي ۽ روس جا يهودي فلسطين لڏي آيا ۽ عبراني زبان کي پنهنجي قومي ٻوليءَ طور اختيار ڪرڻ لڳا. بي بي سي اردو جي مطابق 1920 کان 1940 جي دوران فلسطين ۾ يھودي آبادي وڌڻ لڳي. ٻيو ته فلسطين سلطنت عثمانيه کانپوءِ برطانيه جي ڪنٽرول ۾ آيو، ان وقت به يورپ مان يھودي وڏي تعداد ۾ فلسطين ۾ آباد ٿيڻ لڳا ۽ سندن صيهوني تحريڪ ملٽري طاقتن سميت اڳتي وڌي رياست جي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ۽ زور ڀرڻ لڳي.

1947ع ۾ عرب ۽ يھودين جي فلسطين ۾ مسئلي جي ڪري، اقوام متحده ۾ ووٽنگ ڪرائي اھو فيصلو ڪيو ويو ته ان خطي کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويندو ۽ يروشلم کي بين الاقوامي شھر بڻايو ويندو. عربن ان فيصلي کي زبردستي مڙھڻ وارو فيصلو سمجھيو. وڪيپيڊيا جي 2023 جي لکت موجب تقريبن ست لک يھودي اسرائيلي فلسطين ۾ اڪثريتي تعداد ۾ موجود آهن.

14 مئي 1948ع تي، تل ابيب ۾ يهودي ايجنسيءَ جي چيئرمين ڊيوڊ بن گُريون اسرائيل جي رياست جو اعلان ڪيو، جنهن سان 2000 سالن کانپوءِ پهرين يهودي رياست قائم ٿي. بن گُريون اسرائيل جو پهريون وزيراعظم بڻيو. مصر، شام، اردن، لبنان ۽ عراق جي فوج اسرائيلين مٿان حملا پڻ ڪيا.

1967ع جي ڇهن ڏينهن واري جنگ ۾ اسرائيل اردن، مصر ۽ شام کان يروشلم جو پراڻو شهر، سينا پٽي، غزه، مغربي ڪنارو ۽ گولان هائيٽس تي قبضو ڪيو.

1993ع ۾ اوسلو معاهدي ۾ يضحاڪ رابين ۽ فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي اڳواڻ ياسر عرفات جي وچ ۾ امن جي لاءِ سمجهوتو ڪيو ويو، جنھن جي ٻن سالن بعد رابين کي امن امان جي لاءِ عرفات سان ھٿ ملائڻ سبب تل ابيب ۾ قتل ڪيو ويو. اھڙيءَ طرح ڪيتريون امن امان ۽ جنگبندي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، پر ڪامياب نه ٿي سگھيون.

ڪيترائي حماس ۽ حزب الله جا اڳواڻ 2023 کان وٺي شھيد ڪيا ويا آهن، جن ۾ يحيٰ سنوار، ابراھيم عقيل ۽ اسماعيل هانيه شامل آهن. لبنان ۽ عرب جي نمايان عظيم شخصيت سيد حسن نصرالله کي پڻ 28 سيپٽمبر 2024ع تي شھيد ڪيو ويو.

ھن مسئلي تي موجوده پاڪستاني وزيراعظم شھباز شريف، سابق وزيراعظم عمران خان اقوام متحده ۾ فلسطين بابت چٽو ۽ واضح موقف پيش ڪيو آھي.

پاڪستان توڙي ٻين ملڪن ۾ اسرائيلي مصنوعات جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويو. مذمتي ريليون، پروگرام ۽ احتجاج دنيا جي سامھون پڻ رڪارڊ ڪرايا، پر نيتن ياهوءَ مٿان ڪوبه اثر نه ٿيو. آمريڪا جا امن بيان صرف ڳالهين تائين محدود آھن. باقي حقيقت ۾ آمريڪا غزه جي امن لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگهيو آھي. غزه جا ماڻھو کاڌ خوراڪ سميت پاڻي پيئڻ جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن. الجزيره جي رپورٽ مطابق 270 کان وڌيڪ صحافي پڻ موت جو کاڄ بڻجي ويا آھن. ھر لمحو فلسطينين لاءِ قيامت بڻيل آهي. جنگبندي به صرف ڳالھين تائين محدود آھي. آسٽريليا، ڪئناڊا، پرتگال، فرانس، بيلجيئم سميت ھن وقت تائين 156 ملڪن فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ورتو آهي. جڏھن ته ڪجھه ڏينھن پھريان واري قومي متحده اجلاس جو آمريڪا ۽ اسرائيل بائيڪاٽ ڪيو، جنھن ۾ نوَن ڇھن ملڪن فلسطين کي رياست طور تسليم ڪيو. مغربي ملڪ به ھاڻي مسئلي جو حل چاھين ٿا، پر نيتن ياهو ڪنهن ضدي ٻار جيان ضد تي اٽڪيل آهي.

ھي مسئلو بين الاقوامي مسئلو بڻيل آھي. ھي مسلمانن جو نه، پر انسانيت جو مسئلو آھي. ھن مسئلي تي مسلمان توڙي غير مسلمانن کي فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ گھرجي. اقوام متحده کي گھرجي ته ھن مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪري فلسطينين جون زندگيون بچايون وڃن. اسلامي تعاون تنظيم جيڪا 57 مسلمان ملڪن تي مشتمل آهي، ان کي گڏيل قومن جي اداري توڙي آمريڪا کي اھو سڌو ۽ صاف پيغام ڏيڻ گھرجي ته گريٽر اسرائيل جو مسلمانن تي ٿيندڙ جاني توڙي مالي ظلم کي روڪي ڪري، فلسطين ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي. جيڪڏهن عالمي برادري حقيقي امن نٿي آڻي سگهي ته انسانيت جو ضمير هميشه تڙپندو رهندو. امن لاءِ رڳو تقريرون ۽ مذمتون ڪافي ناهن، پر عمل، انصاف ۽ ظالم کي روڪڻ ضروري آهي.