تعليم جي بهتري لاءِ کنيل قدمن مان هڪ بيحد اهم قدم هي به آهي ته؛ استادن جون مختلف موقعن تي تربيتي گڏجاڻيون ٿينديون رهن، جنهن سان کين سِکڻ لاءِ نيون ڳالهيون ملنديون ۽ هُو پنهنجي پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي جي بنياد تي پنهنجون پنهنجون تجويزون ۽ صلاحون به ڏيندا. انهيءَ سان هڪ بهتر تعليمي ماحول جُڙي ٿو. اهڙي ئي سلسلي ۾ هن سال جي جنوري ۾ مونکي اسلام آباد ۾ هڪ تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت جو موقعو مليو.
انهي تربيتي ورڪشاپ جو موضوع “اشتراڪي يا جامع تعليمinclusive education” هو. هن ورڪشاپ جو بنيادي مقصد ئي اهو هو ته تعليمي سرشتي ۾ هر ٻار جي شموليت لازمي آهي. ٻارن جي صلاحيتن ۾ فرق ڪري ۽ ان بنياد تي کين گهٽ وڌ ڪري تفريقي ماحول نه جوڙيو وڃي، پر هر ٻار جي صلاحيتن کي مان ڏيندي کين همٿائڻ گهرجي ۽ کين تعليمي سرشتي جو حصو بڻائجي. ورڪشاپ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل استادن کانسواءِ اسلام آباد ۽ خيبر پختونخواهه جا استاد به شامل هئا. هن تربيتي ورڪشاپ جون ٽرينر ٽي محترمائون هيون، جن ۾ هڪ انگريز مِس هيلي به شامل هئي. جنهن جي سيکارڻ ۽ رابطا ڪاري جو طريقو مونکي ٻين کان مختلف ۽ منفرد لڳو. جيتوڻيڪ هر ماڻهو ٻئي ماڻهو کان گهڻو ڪجهه سِکي ٿو، پر هن اسان کي ٻن ڏينهن ۾ ئي اهڙيون بنيادي ڳالهيون سيکاريون جن تي اسان عمل نٿا ڪريون يا وري صفا گهٽ ٿا ڪريون.
جامع تعليم ۽ جامع نصاب تي ته گهڻو ڪجهه ڳالهايو ويو ۽ ڪافي مثال ۽ مواد به ڏنو ويو ۽ ڪجهه ڪامياب ڪهاڻيون به ڏسيون ويون، پر مون کي مِس هيلي وٽان جيڪي بنيادي ڳالهيون سِکڻ لاءِ مليون، اُهي هي آهن. هڪ ته اِهو سندس اصول هو ته پاڻي جام پيئو. ٽريننگ دوران هوءَ اسان کي بار بار چوندي هئي ته اوهان جي ٽيبل تي گلاس ۽ پاڻيءَ جي بوتل رکيل آهي پوءِ به اوهان پاڻي ڇو نٿا پيئو؟ مون کي سندس ڳالهه دِل سان لڳي. اسان واقعي عام طور پاڻي گهٽ ئي پيئندا آهيون.
ٻيو سندس چهري تي هر وقت مُرڪ هوندي هئي. ڪڏهن به هُن پنهنجي چهري جي تاثر اسان کي اِهو احساس نه ڏياريو ته هوءَ ڪاوڙ يا وري اداسي واري ڪيفيت ۾ آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ اڪثر تريبت ڏيندڙن جو هر وقت منهن چڙهيل هوندو آهي ۽ سدائين ڪاوڙ ۾ هوندا آهن. سندن ورتاءُ سهڪاري ناهي هوندو. اُن جي برعڪس مِس هيلي جو ورتاءُ سهڪاري، مثبت ۽ هاڪاري هو.
سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا مون کانئس سِکي سا وقت جي پابندي هئي. هوءَ مقرر وقت کان اڌ ڪلاڪ پهرين تربيتي هال ۾ پهچي وئي ٿي. جڏهن ته اسانجا ماڻهو انهيءَ معاملي ۾ انتهائي غير ذميوار آهن. مقرر وقت کان ماڻهو اڌ اڌ ڪلاڪ دير سان پئي آيا، جيڪا ڳالهه کيس ڏاڍي ڏکي لڳي پئي. سڌريل دنيا وٽ وقت جي ڪيتري اهميت آهي. جڏهن ته اسان هميشه وقت جو ذيان ڪيو آهي. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي ته ماڻهو شادي جي دعوتن ۾ ڀت جي پليٽ ۽ هڪ ٻوٽي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري ويهي وقت وڃائيندا آهن. اهڙي طرح اسان جي ماڻهن جون ٻيون به اهڙيون ڪيتريون ئي حرڪتون آهن، جيڪي وقت وڃائڻ جو وڏو سبب آهن.
مِس هيلي جي اهم ڳالهين مان هڪ اهم ڳالهه اِها هئي ته پنهنجي شاگردن توڙي عام زندگي ۾ ڪنهن به ماڻهو تي ڪو ليبل نه لڳايو. سندس نالو مڪمل وٺو. سندس نالو نه بگاڙيو. چٿرون نه ڪريو. اسان ڏسون ته اسان مستي مذاق جي نالي ۾ اهڙا دل آزاريندڙ لفظ ۽ گفتا سامهون واري شخص کي چوندا آهيون جو سندس شخصيت پرزا پرزا ٿي ويندي آهي ۽ سندس عزت نفس مجروح ٿيندي آهي. ڪافي معصوم صفت انسان انهيءَ ڪري ڪنڊائتا ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترائي شاگرد انهن روين ڪري پڙهڻ ئي ڇڏي ويندا آهن. اسان کين مختلف نالا ڏئي ليبل لڳائي ڇڏيندا آهيون ۽ پوءِ سڀ سندن مذاق اڏائيندا آهن. مثال طور: اسان ڪنهن ٻار يا شخص جي قد بُت، رنگ ۽ جسماني بناوٽ تي به ٺٺول ڪندا آهيون ۽ ان کي به دل پشوري سمجهندا آهيون، پر اهي اهڙيون حرڪتون آهن، جن سبب مليل گهاءُ پوري ڄمار ماڻهو سان گڏ رهن ٿا. اسان ٻارن کي اِهو به چوندا آهيون ته “تون ڪنهن ڪم جو ناهين، ڪجهه نٿو ڪري سگھين. فلاڻو ڏس توکان وڌيڪ هوشيار ۽ باصلاحيت آهي.” نتيجي ۾ ٻار ۾ والدين ۽ استادن لاءِ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جنم وٺي ٿو، جيڪو بيحد خطرناڪ آهي.
اهڙي طرح مِس هيلي گهڻيون تصويرون ڪڍڻ کي به وقت جو ذيان ٿي سمجهيو، پر مون ساڻس هڪ تصوير جي حجت ڪئي. اڄ دل چيو همسري جي پڙهندڙ سان مِس هيلي سان ملاقات جا ڪجهه يادگار لمحا ونڊ ڪجن.