نسيم لغاري جو ناول مريم، جنهن جو مهاڳ مدهوش مير لکيو آهي. 224 صفحن جو هي ناول وديا پبليڪشن حيدرآباد پاران سال 2025ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 800 رپيا مقرر ٿيل آهي.
ڪهاڻي: هيءَ ڪهاڻي هڪ لاچار، بيوس، مجبور ۽ غربت جي ڪوڙھ ۾ وڪوڙيل عورت جي ڪهاڻي آهي. ورهاڱي کان اڳ مريم پنهنجي ماءُ سان گڏ هندستان والڪا ڳوٺ ۾ رهندي هئي، ننڍي هوندي پيءُ جي وفات، ماءُ جو بيمار رهڻ، مريم جي ننڍي عمر ۾ شادي، ورهاڱي جون پريشانيون هن جي ماءُ کي هيون، مريم جي ماءُ جو ڪردار مزاحمتي ۽ عورت جو مثالي ڪردار آهي. مريم جي شادي ڪرائي برادري سان سنڌ اچن ٿا، مريم گهرو تشدد جو شڪار رهي ٿي. هن کي نور نالي ڌيءَ ڄمي ٿي، ڳوٺ جي چڱي مڙس وٽ هن جو فرياد داخل ٿئي ٿو. مريم جو مڙس هندستان واپس ڀڄي ٿو وڃي، هن کي طلاق موڪلي ٿو، بعد ۾ وڏيري جي فوتگي، حويلي جو تباھ ٿيڻ ڪري هو ٻئي ڳوٺ اچن ٿا اتي هن جي عثمان سان شادي ٿئي ٿي. هن جو ڀاءُ حسين پڻ آهي. مريم کي عثمان مان هڪ ٻي ڌيءَ ڄمي ٿي، اڳتي عثمان گهڻي بخار سبب مري وڃي ٿو، ماءُ ۽ ٻين جي صلاح تي مريم عثمان جي دوست ابراهيم سان نڪاح ڪرڻ تي راضي ٿئي ٿي ۽ ناول ختم. ورهاڱو، ننڍي عمر ۾ شادي، ڇوڪريءَ جي غير رضامندي، سماجي تضاد، عورت تي مرداڻي سماج ۾ روايتن جي خلاف وڃڻ، مذهب، عقيدو ۽ صوفي ازم هن ڪهاڻي جو حصو آهن.
مهاڳ: بقول مهاڳ لکندڙ جي “هي ناول دوستووسڪي جي ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ ۽ شارلٽ برونٽي جي جين آئير جي پاڇي/انهن جهڙو ناول مريم سنڌي ادب ۾ لکيل آهي.” جين آئير هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو عورت جي آزادي، شخصيت، عشق ۽ خودمختياريءَ جي ڳالھ ڪري ٿو. جڏهن ته مريم ناول جو مرڪزي ڪردار حالتن، سماجي تضادن اڳيان مجبور ۽ بيوس آهي. مهاڳ لکندڙ جي اها راءِ نئين پڙهندڙ تي ڀرپور اثر ڇڏيندي، پر پڙهندڙ دوستووسڪي يا برونٽي سان واقف هوندو ۽ پوءِ “مريم” پڙهندو ته کيس مايوسي ٿيندي. مريم برونٽي جي ڪردار جي ڀيٽ ۾ سنڌي عورت جي روايتي صبر ۽ برداشت جي تصوير بڻيل آهي. مريم جي پيڙا وڌيڪ خارجي آهي، غربت، تشدد، جبر آهي ۽ دوستووسڪي وٽ پيڙا داخلي تضادن سان جڙيل آهي، جيڪا فرد کي ٽوڙي ٿي ۽ وري نئين معنويت ڏئي ٿي. جڏهن ته مريم کي حالتون ٽوڙين ضرور ٿيون، پر هوءَ آخر ۾ اچي مجبور ۽ بيوس بڻجي وڃي ٿي. هن ناول کي عالمي ناول سان ڀيٽ ڏئي ناول جي ساک وڌائڻ آهي. مريم سنڌي عورت جي مخصوص ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ورهاڱي، غربت، گهريلو تشدد ۽ سماجي جبر جا اهڙا رنگ آهن، جيڪي مغربي ناولن کان مختلف ۽ ڌار نوعيت رکن ٿا. سنڌي ادب ۾ اهڙا موضوع آهن، جيڪي پاڻ ۾ عالمي اهميت رکن ٿا، پر ڀيٽ ڏيڻ جا معيار طئي نٿا ڪري سگهون. هن ناول کي پنهنجي ڌرتيءَ جي حوالن ۾ سمجهڻ ئي بهتر آهي. جيڪڏهن پڙهندڙ/نقاد مقامي ناول کي عالمي معيارن تي پرکيندو ته ان کي تنقيدي انتها پسندي جو نالو ٿا ڏين. هتي مهاڳ لکندڙ جو خيالneo-colonial critical trend کان متاثر آهي. سنڌي ادب پنهنجي ڌرتيءَ، تاريخ ۽ سماجي حالتن مان جنم وٺي ٿو. مغربي ناولن جا موضوع ۽ فڪري بحران مختلف آهن. مغربي تحريڪن جي بنياد تي مقامي ناولن کي ضرور جائزي هيٺ آڻي سگهجي ٿو.
پلاٽ: جنهن دور جي ڳالھ هلي ٿي ان وقت راجا/وڏيري جي وفات کانپوءِ راڄ سنڀالڻ جون واڳون راڻين جي هٿ ۾ هونديون هيون. ناول اندر وڏيري يار محمد جو موت ڄڻ ڊرامائي بڻيل آهي جو يڪدم راڻين کي ڪنگال ڏيکارڻ جي ڪري ليکڪا ان ڪردار کي قتل ڪيو آهي. سڀني ڪردارن جي هڪ ئي ٻولي جنهن مان ليکڪا ڪردارن کي جبري موت ڏئي پاڻ پئي ڳالهائي. ٻاراڻي يادگيرين ۾ به مريم پختيون، فڪري ڳالهيون ڪري تعجب ۾ وجهي ٿي. عورتاڻي زندگي بابت اورسينٽيمينل ڳالهيون آهن، بنسبت پدر شاهي سماجي تضادن جي. ناول ۾ سس ننهن وارو سين روايتي آهي. ناول جي ڪهاڻي “event-based narration” ۾ لکيل آهي. مريم جو جنسي ۽ وجودي تضاد غائب آهي، وجوديت واري پسمنظر ۾ هوءَ حالتن اندر جيئڻ ته سکي ٿي، پر خاص بغاوت نٿي ڪري. مريم جي زندگيءَ ۾ هر نئون موڙ رڳو صرف حادثو آهي، هن کي ڪابه مزاحمتي قوت نه آهي، هڪ موڙ تي اندروني طور ضرور بغاوت ڪري ٿي، پوءِ جهلڪي طور آهي. ورهاڱي جي نفسياتي ۽ تاريخي پيچيدگين تي گهٽ ڌيان ڏنل آهي، سماج جي ڍانچي کي ٽوڙڻ، سوال اٿارڻ يا نئين فڪر ڏانهن اشارو ڪرڻ پلاٽ جي گهرج آهي. ناول اندر ليکڪا “واقعا ٻڌائڻ” ۾ ڪامياب آهي. پنهنجي نوعيت ۾ انفراديت کي پڻ ڪاميابي سان برقرار رکيو اٿس.
ڪردار نگاري: ناول ۾ حسين جو ڪردار جامد آهي، هو ڀيڻ جي زندگي ۾ ثانوي حيثيت طور ڏيکاريل آهي. ابراهيم جو ڪردار من گهڙت محسوس ٿئي ٿو جنهن کي ظاهر ڪري ناول جو ڪلائميڪس لکيو ويو آهي. ناول اندر مرد ڪردارstereotypical آهن. مريم جي بار بار شادي حقيقت ۾ معاشي اڏاوت عورت کي مجبور ڪري ٿي ته هوءَ پنهنجي رضامنديءَ کانسواءِ به شادي، طلاق ۽ ٻيهر شادي ڪري. مريم نفسياتي جبر جو شڪار آهي. هن جا اڊ ۽ ايگو سماجي ڍانچي ۾ قيد آهن. ننڍي عمر ۾ پيءُ جي وفات، رشتيدارن جي نفرت، ماءُ جو بيمار رهڻ، ننڍي عمر ۾ رشتو ٿيڻ، غربت اهي عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪن ٿيون جنهن کان ڪردار آزاد آهي. مريم جهڙي طرح ننڍپڻ کان اڪيلائي جي رڻ ۾ رلي ٿي ان ۾ خوف هئڻ لازمي هو. مريم جو ڪردار معنيٰ جي بحران(Crisis of Meaning) ۾ آهي جيئن هوءَ غربت، ورهاڱو، تشدد، موت جو شڪار رهي ٿي ان پاسي تي ڪم ٿيڻ گهرجي ها، پر ان سڀ جي باوجود ڪردار ڪافي حد تائين ماحول سان جڙيل آهي.
مذهبي اثر: ليکڪا ناول اندر سماجي تضادن کي مذهب سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. “مون کي لڳندو آهي، غريبن کي خدا ڪمزور، بيوس ۽ جيتامڙو ٺاهيندو آهي.” بادشاهه پير، حاجي پير، خدا سان شناسائي، “وڏيري ڪريمان ان منزل تي پهتي جتي کيس سماج جو ڪو الڪو نه هو” ناول اندر مذهبي رنگ حاوي آهي جيڪو سماجي جبر جو جواز آهي، جيڪي شيون طبقاتي سماج اندر معاشي اڻبرابري ۽ سماجي جبر جو پختو ثبوت آهن. ليکڪا ان کي مذهبي نقطهءِ نگاھ سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مذهب طبقاتي سماج اندر ۽ ٽين دنيا جي سماجن اندر سمورن تضادن کي تقدير، فطرت ۽ الهامي قوتن سان جوڙي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ناول جو ڪم سماج جي ڍانچي، نفسياتي پيچيدگين ۽ طبقاتي تضادن کي ظاهر ڪري سوال اٿارڻ آهي، پر ليکڪا عقيدي پرستي کي مٿي بيهارڻ جي ڄڻ ڪوشش ڪئي آهي.
ناول جون خوبيون: ورهاڱي جي صدمن جو عڪس، عورت جي بي وسي، ماءُ جو ڪردار ناول ۾ مزاحمت جي علامت آهي. غربت ۽ طبقاتي جبر، انساني مزاحمت ۽ وجودي بقا، پدر شاهي سماج اندر عورت سان ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ، جبر، بيوسي، لاچاري، مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي جيئڻ، وجوديت ۽ ويڳاڻپ ناول جا موضوع رهيا آهن. ماضي سان گڏ هي ناول اڄ جي عورت جي تصوير به آهي. پدر شاهي سماج اندر عورت جي زندگي کي سهڻي نموني پلاٽ جو حصو بڻايو ويو آهي. هن سال ۾ هن وقت تائين ٻارهن ناول شايع ٿيا آهن، جن ۾ هي ناول ڪافي حد تائين الڳ حيثيت رکي ٿو.
فڪري پاسو: پوري ناول ۾ مريم پنهنجي وجودي حيثيت برقرار رکڻ ۾ ناڪام آهي. معاشي ۽ سماجي قوتون مريم تي حاوي آهن جن مان هوءَ آزادي حاصل ڪرڻ جي قابل ناهي. ناول فرد جي آزاديءَ تي مڪمل بي اعتمادي رکي ٿو. جڏهن ڪردار پنهنجي انساني انفراديت وڃائي تڏهن فرد جو جوهر دٻجي وڃي ٿو. اها صورتحال انساني آزاديءَ جي امڪانن کي ناڪاريت ۾ ڌڪي ٿي. ادب جو مقصد انساني روح ۽ ان جي داخلي پيچيدگين جي عڪاسي آهي. ناول جو اصل ڪمال فرد ۽ سماج جي وچ ۾ توازن ۽ تضادن کي ظاهر ڪري پڙهندڙ جي سوچ کي للڪاري ٽيبوز کي ٽوڙڻ آهي. مريم جي آزادي، سماجي روايتن جي خلاف فيصلا، پنهنجي زندگي جي چونڊ ڪرڻ جو آخر ۾ اختيار هئڻ گهرجي ها ان حساب سان اندروني منطق ناول ۾ موجود ناهي. ڪمزور ناول ۾ موضوع، فن تي غالب اچي ويندو آهي. مريم پدر شاهي جو دٻيل اظهار آهي. فيمينزم مطابق پدر شاهي سماج عورت کي ثانوي حيثيت ڏئي ٿو، جتي عورت کي شعوري آزادي حاصل ڪرڻ لازمي آهي، پر ناول اندر مريم مرداڻي سماج جي ظلم هيٺ عورت جي بي وسيءَ جي تصوير آهي. مريم جو پوري زندگي جو ڍانچو غربت آهي. مريم جو الميو غربت ۽ طبقاتي ڍانچي مان نڪتل آهي. مريم صنفي ۽ معاشي غلام(Dual Oppression) آهي.
تت: مجموعي طور ليکڪا سٺي ڪوشش ڪئي آهي. کيس ڪردار نگاري تي ڌياڻ جي ضرورت آهي، ان سان گڏ ڪردار جي ٻولي ۽ خطاب ڪرڻ ۾ فرق ڪرڻ کي سمجهڻ گهرجي. ناول ۾ تجسس جي کوٽ آهي، پر واقعا گهڻا هئڻ ڪري اها کوٽ پوري محسوس ٿئي ٿي، ناول ۾ واقعا الاهي آهن، پر ڪو خاص تضاد ظاهري طرح موجود ناهي. ناول جو ڪلائميڪس مطمئن ڪندڙ ناهي. ڪافي جاين تي گهڻي ڊيگھ ٿيل آهي، ڊائيلاگن جي کوٽ ۾ مضمون نگاري جو اثر پڻ محسوس ٿئي ٿو. جديد دور ۾ روشن خيالي، آزادي، انفرادي خود مختياري، زندگي کي معنيٰ ڏيڻ جي پاسن تي ڪم چڱي طرح سان ٿيڻ گهرجي. ليکڪا کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي فن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جنهن سان هوءَ غير روايتي طريقا استعمال ڪري بهترين ناول لکي سگهي ٿي. مجموعي طور هڪ سٺو ناول لکيل آهي.