ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ مليريا جو مرض پکڙيل سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد مليريا جي مرض ۾ مبتلا

برسات کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ مڇرن جو آزار پکڙيل آهي، جنهن جي ڪري تقريبن هر شهر ۾ مليريا جو مرض هن وقت هڪ وبائي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. اها هڪ خطرناڪ بيماري آهي جيڪا پلازموڊيم نالي هڪڙي ننڍڙي پيراسائيٽ جي ڪري ٿئي ٿي. مليريا جو سبب بڻجندڙ جيوڙو مڇر جي چڪ پائڻ سبب سڌو سنئون هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين پکڙجي ٿو، پر ان جي پکيڙ هڪ خاص قسم جي مڇر وسيلي ٿئي ٿي، جنهن جو نالو اينوفليز آهي. جڏهن مادي مڇر اينوفليز ڪنهن مليريا جي مريض کي چڪ هڻي رت چوسي ٿي ته اها ان پيراسائيٽ کي پنهنجي اندر کڻي وٺي ٿي ۽ جڏهن اها ساڳي مادي وري ڪنهن صحتمند انسان کي چڪ هڻي ٿي ته اهو پيراسائيٽ ان جي جسم ۾ منتقل ڪري ٿي. ان مڇر جي پکيڙ جو سبب گدلو پاڻي جمع ٿيڻ آهي.

هن وقت ڏٺو وڃي ته برساتن کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ اڃان تائين بارش جو پاڻي دٻن جي صورت ۾ هر ڳلي، هر محلي، هر شهر ۽ واهڻ ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو هن مڇر جي واڌ ويجهه جي لاءِ تمام سازگار ماحول آهي. حڪومت جي ذميداري آهي ته موسم جي صورتحال کي ڏسندي صفائي جو خاص انتظام ڪري ۽ حڪومت کي مڇرن کي مارڻ جي لاءِ اهم قدم کڻڻ گهرجن. ان جي لاءِ سڀ کان اهم قدم فيوميگيشن ۽ اسپري آهي، جيڪو ان گندي پاڻيءَ جي مٿان ڳلين، محلن ۾ ڪيو وڃي ته جيئن ان دوا جي اثر جي ڪري پاڻيءَ جي مٿان مڇرن جا لاروا وڌي ويجهي نه سگهن ۽ انسانن کي نقصان نه پهچائي سگهن. هن وقت ڄامشورو ۾ مليريا جي صورتحال تمام ڳڻتي جوڳي صورت اختيار ڪري وئي آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي ٻئين سال جو شاگرد مير خان جکراڻي ڪجهه ڏينهن پهريان هاسٽل ۾ طبيعت خراب ٿيڻ تي دوست کيس لمس کڻائي ويا، ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق کيس مليريا ۽ ڊينگي جو اثر هو ۽ ان کانپوءِ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب اسپتال ۾ آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندس صحت بهتر نه ٿي سگهي ۽ هو پنهنجي قيمتي جان وڃائي ويٺو. هن وقت خبرن مطابق سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ هر ٻئي ڪمري ۾ ڪو نه ڪو شاگرد مليريا جي بخار جو شڪار بڻيل آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. جيئن ته اسان جا غريب شاگرد مختلف ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ اچن ٿا ۽ گهرن کان پري هاسٽلن ۾ رهن ٿا، کين نه ته صحتمند کاڌو نصيب ٿئي ٿو، نه صاف پاڻي ملي ٿو ۽ نه ئي وري سندن صحت جي بچاءُ جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميه هن وقت ماحول جي صفائي ۽ سٿرائي جو ڪو جوڳو بندوبست ڪيو آهي.

اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي شاگرد مليريا جهڙي وچڙندڙ مرض جو شڪار ٿي چڪا آهن. سنڌ يونيورسٽي انتظاميه کي گهرجي ته هڪدم فيوميگيشن شروع ڪرائي خاص طور تي هاسٽلن جي اندر ۽ چوڌاري فيوميگيشن جو بندوبست ضرور ٿيڻ گهرجي. ان کان علاوه يونيورسٽي جي هيلٿ سينٽر کي گهرجي ته هاسٽل جي شاگردن جي مليريا اسڪريننگ ڪري متاثر شاگردن کي فري ۽ بروقت علاج فراهم ڪري. جيڪڏهن هاسٽل جي ارد گرد ڪٿي برسات جو پاڻي بيٺل آهي ته ان جي مٿان مٽي وجهي ان کي ڍڪيو وڃي ۽ اسپري ڪري مڇرن جي لاروا جي پيدائش کي روڪڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. گڏوگڏ شاگردن کي به گهرجي ته اهي به پنهنجي صحت جي بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. جيڪڏهن هاسٽل ۾ مليريا جا مريض موجود آهن ته انهن کي اسپتال تائين رسايو وڃي. ان کان علاوه سمهڻ جي لاءِ مڇرداني جو استعمال ڪن.

جيئن ته يونيورسٽي جو ماحول کليل هوندو آهي، ان ڪري پنهنجي جسم کي مڪمل طور تي ڍڪڻ جو بندوبست ڪن جيئن مڇر کين نقصان نه پهچائي سگهن. ان کان علاوه جسم جي کليل حصن تي مڇر مار لوشن استعمال ڪن ته جيئن مڇر سندن ويجهو نه اچي سگهن ۽ جيڪڏهن سندن طبيعت يا سندن ڪنهن ساٿي جي طبيعت خراب ٿئي ٿي ته هڪدم پنهنجو مليريا جو ٽيسٽ ڪرائي صحيح ۽ بروقت علاج ڪرائين ته جيئن سندن قيمتي زندگيون محفوظ رهي سگهن. اميد آهي ته اسان جي حڪومت، يونيورسٽي انتظاميه ۽ صحت کاتو ان مسئلي ڏانهن جلد ئي متوجهه ٿي سڀني يونيورسٽين ۾ مليريا کان بچاءُ جي لاءِ ضروري قدم کڻندا.