اڄ جي دور ۾ عورت ھڪ وڏو چئلينج آهي اسان جا ماڻھو چوندا آهن ته ھي ويچاري آھي ھن جي ڀلي ۽ بُري ڪم ۾ ھٿ ونڊائجي، پر اھا عورت مردن کان وڌيڪ جسماني طور تي تندرست آھي. تاريخ جا ورڪ اٿلائي ڏسنداسين ته اسان ويٽنام کان انگلينڊ تائين انھن سڀني ملڪن ۾ انقلابي ڳالھيون ٿا ڪيون انھن ۾ اھم ڪردار سڀ کان پھرين عورت جو آھي، جنھن ايڏا وڏا انقلاب آندا آھن ماھر سائنسدان به عورتون ٿي گذريون آھن. اڄ به اسان عورت کي حڪومت ڏيون ته ھوءَ گھڻا سٺا ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ جي قابل آھي.
اڄ منھنجي قلم سماج ۾ گھڻي اُتساھيندڙ ڪردار تي لکڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي، اھو ان ڪري جو ماڻهو جي سڃاڻپ ۽ ماڻھو جو ڪردار حيثيت رکي ٿو. اھڙي ريت خوشبخت شبانه ناز جنھن جو پھريون لفظ “خوشبخت” مون کي ٽڪ ٽاڪ تان ھلندڙ ھڪ ويڊيو ۾ جوڳي ڪنھن دوست جي ھٿ جون لڪيرون ڏسي ھُن کي ٻڌائي رھيو ھو ته تنھنجو بخت به ڀلو ۽ تنھنجو ستارو به ڀلو ان وقت مون کي بخت لفظ سمجھ ۾ نه آيو مون مختلف ڊڪشنريون کوليون جيئن وڌيڪ ڳولها ڪري ان لفظ کي صحيح معنيٰ طور سمجھي ھنئين سان ھنڊائي سگھان. وري جڏھن بخت جي اڳيان خوش لفظ ٻڌم ته اڃان گھڻي خوشي ۽ حيرانگي به ٿي ته اھو ته ھڪڙو وڏو نالو آهي.
خوشبخت جھڙو نالو تھڙي وري سنڌ ڄائي اسان سڀني جو فخر ۽ خوشقسمتي آھي جو خوشبخت جھڙيون بهادر عورتون جنھن جي زندگي جو مقصد اول ۽ آخر عوام جي خدمت، غريبن سان ٿيل ڏاڍائيءَ ۽ جبري زندگي بابت ڪوششون ۽ ڪارروايون ڪرڻ سندن اھم فرضن ۾ شامل رھيو آھي. ماڻھو اڪثر ڪري شڪستن کانپوءِ مايوس ٿي سڪون واري زندگي گذاريندا آھن، پر ھي بهادر عورت سنڌ ڄائي سڪون سان تڏھن سمھي ٿي جڏھن ھن جي آسپاس جا مظلوم ۽ بي سهارا ماڻھو سڪون جي ننڊ سمهن ٿا.
انسپيڪٽر خوشبخت شبانه ناز نالي ھن جي بهادري، جستجو، محنت ڪش ۽ حساسيت جا مثال علائقي واسي اڄ به ان لاءِ ڏين ٿا ته سندس سنجيدگي ۽ پنھنجو پاڻ کان وڌيڪ غريبن لاءِ انسان دوستي وارو رويو ماڻھن کي مداح ڪري ٿو. ساڳي ريت جتي صنم لغاري بلوچ، بينظير جمالي ۽ سھائي عزيز ٽالپر جھڙين دلير عورتن جا مثال قائم آھن اُتي خوشبخت شبانه ناز جو به نالو سرفهرست آھي. خوشبخت ھڪ مڊل ڪلاس فيملي سان تعلق رکندڙ محمد صالح خان جي گھر ۾ 1980ع ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. ھن پنھنجو تعليمي سفر وڏي شوق ۽ ولولي سان پورو ڪيو. سندس پيءُ ھڪ ڪاروباري ماڻھو ھجڻ سان گڏ پنھنجي ڌيءَ کي ھڪ پٽ سمجھي اھڙي تربيت ڪئي، جنھن جو مثال اڄ جي دور ۾ ھر ماڻھو ڏئي ٿو. محمد صالح خان پنھنجي اڪيلي ۽ لاڏلي ڌيءَ ۽ چئن پُٽن کي تعليم حاصل ڪرائڻ لاءِ ھر وقت اُتساهيندڙ ڪردار ثابت ڪري ڏيکاريو. پنھنجي سڀني اولاد کي پرائمري کان يونيورسٽي تائين مڪمل تعليمي سفر ھنن سان گڏ بيھڻ ھر وقت ھمٿائڻ اھا ھڪ ڪامياب پيءُ جي نشاني آھي. خوشبخت کان مون پڇيو ته اوھان اڄ جي دور ۾ به ڪا وڏي عمر جي عورت ڏسي ڏکوئيندڙ ڪيفيت ۾ ڇو ھليا ٿا وڃو، تڏھن ھن ٻڌايو ته منھنجي زندگي ۾ ڏکئي کان ڏکيو مسئلو درپيش آيو، اھو ھو منھنجي ماءُ جو وڇوڙو، جنھن منھنجو مڪمل جيءُ جھوريءَ وڌو جنھن جي ڪري آئون اڄ به بنا ڪنھن رنگ، نسل ۽ ذات جي ڪابه پاڻ کان وڏي عمر جي عورت ڏسندي آھيان ته مون کي احساس ٿيندو آھي ۽ مون کي پنھنجي پياري امان ياد ايندي آهي.
خوشبخت سال 2002ع ۾ شادي ڪئي ۽ ھن وقت ٻن ٻارڙن جي ماءُ پڻ آھي. سندس پھرين ۽ وڏي ڌيءَ نيھا فاروق ڊاڪٽر آف فزيڪل ٿراپي يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ ڪم ڪري رھي آھي. پُٽ اڃان ڏھين ڪلاس جو شاگرد آهي، جنھن جو خواب به ڊاڪٽر ٿيڻ جو آهي ۽ منھنجون نيڪ تمنائون پٽ سان گڏ آھن. خوشبخت زندگي ۾ خواھش ظاھر ڪندي ٻڌايو ته زندگي ۾ خواھشون ڪڏھن به ختم نٿيون ٿي سگھن. ڇو ته بغير خواھشن جي زندگي گذارڻ ۾ ڪوبه لطف نه ايندو آهي ان لاءِ خواھشون رکڻ ۽ پوءِ جستجو ڪرڻ تمام سٺو عمل آھي، تڏھن ته ڪنھن شاعر چيو آهي ته؛
خواهشون ڪا قيدي هون،
مجهي حقيقتين سزا ديتي هين.
آسان چيزون ڪا شوق نهين،
مجهي مشڪلين مزا ديتي هين.
انسپيڪٽر خوشبخت شبانه ناز ھن وقت پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ پنھنجي نوڪري سرانجام ڏئي رهي آهي. وڌيڪ ھن ٻڌايو ته ماڻھن جي ذھن ۾ اڄ به پوليس شعبو ھڪ ڪرپٽ شعبو نظر ٿو اچي، پر ايئن ناھي ھوندو، پنج ئي آڱريون برابر ناهن هونديون. مرداڻي سماج ۾ ھڪ عورت ناتي ھوءَ گھڻيون ذميداريون نڀائيندي آھي. جڏھن عورت مردن سان گڏ ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھي ٿي ته اڃان گھڻو فخر محسوس ٿيندو آھي. عورت اڄ به ھر وقت ۽ ھر پليٽفارم تي پنھنجي حقن ۽ برابري جي بنياد تي ڏسڻ جي ڳالھ ڪري ٿي. منھنجي امان جي اھا خواھش ھئي ته آئون ڪا فورس جوائن ڪيان ۽ نيٺ مون پوليس فورس کي جوائن ڪيو، پر بدقسمتي جو منھنجي ماءُ منهنجي جوائننگ کان ڪجھ مهينا پھرين ھي دنيا جھان ڇڏي ھلي وئي. مستقبل جي ڇوڪرين لاءِ منھنجو اھو پيغام ھوندو ته پنھنجو وڌ کان وڌ وقت پڙھائي کي ڏين، زندگيءَ ۾ مقصد پنھنجا وڏا رکجو. والدين لاءِ اھو چوندس پنھنجي نياڻين کي مان ۽ مرتبو ڏيو. ڇو ته نياڻيءَ جي جيڪڏهن توهان صحيح تربيت ڪندا ته اها توهان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي.