پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پي ٽي آءِ گهربل سيٽون حاصل ڪري ورتيون
پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف کي 8، ق ليگ جا 21 آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ٿي وئي جنهن بعد انهن جي سيٽن جو تعداد 152 تائين وڃي پهتو آهي. ياد رهي ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ مقابلو جاري هو جنهن ۾ هن وقت تحريڪ انصاف سوڀاري ٿي وئي آهي، جنهن جي سيٽن جو تعداد 152 ٿي ويو آهي. عام چونڊن ۾ ته تحريڪ انصاف کي 123 سيٽون مليون هيون. پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ وچ ۾ ميٽنگ به ٿي، جنهن ۾ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ٺاهڻ تي اتفاق به ٿيو. ان کان علاوه اهو به فيصلو ٿيو ته وفاق ۾ به ق ليگ کي هڪ وزارت ڏني ويندي. ياد رهي ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 148 سيٽون گهربل آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ وٽ هن وقت 152 سيٽون آهن.

