آئن اسٽائن پنهنجي مضمون جي شروعات ۾ هڪ نهايت ئي شعور واري ڳالھ چئي ٿو. سندس مطابق ڪجھ ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته سائنسدانن کي سماجي يا سياسي مامرن تي ڳالھ ٻولھ نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اها سندن دائري کان ٻاهر آهي، پر آئن اسٽائن ان سوچ سان اتفاق نٿو ڪري، بلڪه هو چئي ٿو ته سائنس دان به نيٺ انسان آهن. اهي هن ئي سماج ۾ ساھ کڻن ٿا، هن جا ڏک سک محسوس ڪن ٿا ۽ انهيءَ جي مسئلن کان متاثر ٿين ٿا. ان ڪري اهو سندن نه صرف حق آهي، بلڪه اخلاقي ذميواري به حاصل آهي ته اهي سماج جي ڀلائي ۽ بگاڙ ۽ برائي تي راءِ ڏين. آئن اسٽائن جي ويجهو سماجي نظام ڪو فطري قانون ناهي، جيئن فزڪس يا رياضي، بلڪه اهي انسانن جا ٺاهيل ڍانچا آهن. ان لاءِ انهن تي ڳالھ ڪرڻ علمي نه بلڪه اخلاقي همت ۽ تخليقي شعور جي گهرج آهي. پوءِ هو موجوده انساني تهذيب جي سڀ کان وڏي الميي جي نشاندهي ڪري ٿو. هو چئي ٿو ته انسانيت هڪ ڳوڙهي بحران ۾ داخل ٿي چڪي هئي۔ دنيا ۾ انتشار، بي انصافي، غربت ۽ خوف پنهنجا چنبا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ انهيءِ سموري بدحالي جي پاڙ سرمائيداراڻي نظام جي اقتصادي انارڪي ۾ کتل آهي. آئن اسٽائن صاف لفظن ۾ چئي ٿو ته سرمائيداري انسانيت جي خلاف بيهي رهي آهي ۽ هينئر وقت اچي ويو آهي ته اسان اهو سوال اٿاريون ته “ان نظام کي ڪيئن بدلائجي؟“
آئن اسٽائن انسان کي هڪ ٽڪرايل، مگر حسين حقيقت جي طور تي ڏسي ٿو. سندس مطابق انسان نه ته مڪمل خود غرض ۽ نه ئي مڪمل ايثار جو پيڪر آهي! هو هڪ اهڙو وجود آهي جنهن ۾ انفراديت به آهي ۽ اجتماعيت به. سماج انسان کي تحفظ ۽ موقعو ڏئي ٿو ۽ بدلي ۾ هر فرد تي لازم آهي ته هو سماج جي بهتري جي لاءِ ڪجھ ڪري. اهوئي توازن انسانيت جو بنياد آهي، پر افسوس سرمائيداراڻي نظام اهو توازن چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي. هينئر انسان هڪٻئي جي خلاف هڪ ڊوڙ ۾ مصروف آهي، يعني هڪ اهڙي ڊوڙ جنهن جو مقصد صرف ذاتي فائدو ۽ وڌيڪ نفعو آهي. سرمائيداري جي ان ڍانچي تي آئن اسٽائن نهايت ڳوڙهي تنقيد ڪري ٿو. ان مطابق اهو نظام هڪ منصوبابندي کان خالي انارڪي آهي، جتي ڪو سماجي مقصد ناهي، صرف نفعي جو جنون آهي. پيداوار عوامي ضرورت جي مطابق نه، بلڪه سرمائيدار جي مفاد جي مطابق طئي ٿئي ٿي. ان ٽڪراءَ جو نتيجو اهو آهي ته ڪڏهن شين جي گهڻائي ٿي وڃي ٿي، مگر خريدار ناهن هوندا ۽ ڪڏهن ماڻهو بکيا رهن ٿا، پر ڪارخانا بند پيا هوندا آهن. اهو نظام سدائين بيروزگاري، غربت ۽ غير يقيني ڪيفيت کي جنم ڏئي ٿو. آئن اسٽائن لکي ٿو ته دولت مٺ جيترن هٿن ۾ جمع ٿي وڃي ٿي، جيڪي ماڻهو ناڻي جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا، اهي صرف معيشت تي نه بلڪه سياست، ميڊيا ۽ تعليم تي به قابض ٿي وڃن ٿا. ائين جمهوريت محض هڪ خوبصورت دوکو بڻجي رهجي وڃي ٿي. اصل طاقت عوام جي نه، بلڪه سرمائيدار طبقي جي هٿن ۾ هلي وڃي ٿي. مزدور جي استحصال تي آئن اسٽائن جو موقف نهايت چٽو آهي. ان جي مطابق مزدور سمورو ڪم ڪري ٿو، پر نفعو مالڪ کڻي وڃي ٿو. مزدور زندگي جي بنيادي ضرورتن جي لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. جڏهن ته سرمائيدار پنهنجي دولت جا ڍير وڌائي ٿو، اها اڻبرابري صرف معيشت کي نه بلڪه انساني اخلاقيات کي به زنگي ڇڏي ٿي. ماڻهو هڪٻئي کي ڀاءُ يا ساٿي نٿا سمجهن، بلڪه مقابلي جو دشمن سمجهڻ لڳن ٿا.
آئن اسٽائن جي ويجهو سرمائيداري ۽ تعليم جي بنيادي مقصد کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. تعليم هينئر انسان کي بهتر، باشعور ۽ حساس بنائڻ جو وسيلو ناهي رهي. هن کي صرف هڪ مقابلي واري مشين بڻايو ويو آهي. ٻارڙن کي ننڍي عمر ۾ ئي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته ٻئي کان اڳتي وڌو، چاهي ڪيئن به، ان عمل سان خود غرضي، ساڙ ۽ ماده پرستي واڌ کائي ٿي. جڏهن ته محبت، همدردي ۽ اجتماعي احساس مري وڃن ٿا. ان پسمنظر ۾ آئن اسٽائن هڪ متبادل پيش ڪري ٿو يعني سوشلزم، هن جي ويجهو سوشلزم ڪو جبري يا آمراڻو نظام ناهي، بلڪه انساني شرافت، مساوات ۽ همدردي جي فطري ڪشادگي آهي. جيڪڏهن پيداوار کي نفعي جي بجاءِ ضرورت جي اصول تي منظم ڪيو وڃي. جيڪڏهن دولت مٺ جيترن هٿن ۾ جمع ٿيڻ جي بجاءِ عوامي فلاح جي لاءِ استعمال ٿئي ته انسان حقيقي معنائن ۾ آزاد، بامقصد ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿو. آئن اسٽائن چٽو ڪري ٿو ته سوشلزم جو مطلب اهو ناهي ته رياست سڀ ڪجھ پنهنجي قبضي ۾ وٺي آمريت قائم ڪري ڇڏي. هو خبردار ڪري ٿو ته اهڙي سوشلزم انسان جي تخليقي آزادي کي چٿي ڇڏيندي. سندس ويجهو حقيقي سوشلزم اها آهي جيڪا جمهوري بنيادن تي بيٺل هجي، جتي منصوبابندي هجي، پر انسان جي آزادي، وقار ۽ تخليق محفوظ رهي. آئن اسٽائن جو پيغام هڪ انساني پڪار آهي. جيڪڏهن اسان انسان کي محض مشين بنجڻ کان بچائڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان کي محبت، انصاف ۽ برابري جي اصولن تي ٻڌل معاشرو تعمير ڪرڻو آهي ته اسان کي سرمائيداري جي چنبي کان نڪري انساني سوشلزم ڏانهن وڌڻو پوندو. هڪ اهڙو نظام جيڪو دلين کي ڳنڍي ۽ لاشن تي محلات نه اڏي!