ھن ڊسمبر جي ڇھن ڏينھن مطلب ته 12 کان 17 ڊسمبر تائين عجيب اتفاق ٿيو. 12 ڊسمبر تي ڪراچي موھاڙي ترائي يا Karachi foredeep جي seismotectonic history (ڀونچال تعميرات) تي تحقيقي مضمون کي آسٽريليا جي سائنسي رسالي ڏانھن شايع ڪرڻ لاءِ موڪلڻ. 13 تاريخ تي ايم. ايڇ پنھور انسٽيٽوٽ ڄامشورو “سنڌوءَ جو ڇوڙ ۽ ان جي حالت” تي بيٺڪـ، جنھن ۾ سوُنَھنِ پنھنجون سُڌيون ڏنيون. 17 ڊسمبر تي صبح جو سوير حسب معمول صبح جي سلام موڪلڻ واري مھربان جي سلام جي جڳھ تي ڪيٽي بندر مان ساگر جون ڪناري کي ٿپڪيون ۽ اورانگھيل زمين تي ٻه وڊيو موڪليون، جنھن ۾ سمنڊ جي ماٺاڻي ڏيک ويک مان سندس شدت ۽ زمين کي ڳڙڪائڻ جو حرص عيان ھو. ماحوليات جا ماھر ۽ انجنيئر ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ ۽ سندن پس گردائين کي سمنڊ جي ڳڙڪائڻ جي آگاهي ڏيندا رھن ٿا، سمنڊ جي ڪنڌي اورانگھڻ واري شدت کي موسم جي تبديلي ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ ۾ لٽ جي ڪمي سان ڳنڍين ٿا، پر سمنڊ ۽ زمين جي مٿاڇري کي ٺاھڻ واري ڌرتيءَ جي حرڪت (Geodynamics) جي نقطهءِ نگاھ کان ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ جي اھڙي شدت جو اڀياس ورلي ملي ٿو. جيئن ته مٿين سڀني ڳالھين جو لاڳاپو سنڌ جي ساحلي پٽي تي سمنڊ جي ھوڏائي سان آھي. تنھنڪري سمنڊ جي ھوڏائي جي ڳجھارت کي ڀڃڻ لاءِ سنڌ ڌرتي جي ٽيڪٽونڪ هسٽري (تعميراتي تاريخ) ۽ اُن ۾ ڌرتيءَ جي حرڪت ۽ اونھن ڏارن (Deep faults) جي ڪردار جي پنن کي اٿلائڻ شروع ڪيو ته جيئن سمنڊ جي ھوڏائي جي لڪيل راز کي عيان ڪريان، جيڪو سنڌ جي ساحلي پٽي جي بيھڪ ۾ تبديليون آڻي ٿو، جنھن تحت ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ جي ڪنڌي کي ڳڙڪائڻ واري شدت کي وڌائڻ جو ذريعو آھي، جنھن ڏانھن ھن وقت تائين ارضياتي ماھرن جو شايد ڌيان ئي ناهي ويو.